17 اڱارو , جولاءِ 2018

آءِ سي سي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي محدود ڪرڻ جو نئون طريقو ايجاد ڪري ورتو

دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي محدود ڪرڻ جو نئون طريقو ايجاد ڪري ورتو آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي محدود ڪرڻ جا مختلف طريقا گهڻي وقت کان غور هيٺ آهن، ان تي هاڻي نئين فيوچر ٽوئر پروگرام ۾ عمل ڪيو ويندو، 2019ع کان 2023ع جي ڪيلينڊر ۾ شيڊيول 81 ٽيسٽ سيريز مان 41 سيريز صرف ٻن ميچن تي ٻڌل هونديون، جنهن سان شوقين هاڻي اهم ۽ سنسني خيز سيريز کي جلد ختم ٿيڻ ۽ ٽيون ميچ نه ٿيڻ سبب سيريز کي ڊرا ٿيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو. پنجن سالن جي عرصي دوران موجوده ايف ٽي پي ۾ گڏيل طور تي 31 ٻه ٽيسٽ ميچن جي سيريز آهي، انهن مان مئي 2019ع تائين 10 باقي رهجي ويون آهن، نئين ٽيسٽ چئمپين شپ به 2 ٽيسٽ ميچز جي فارميٽ تي لاڳاپيل هوندي، جنهن ۾ چار سالن ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ ليگ وچ دوران 57 ٽيسٽ سيريز ۾ 2،2 ميچون ئي کيڏيون وينديون، گڏيل طور تي 4 سالن جي ايف ٽي پي ۾ 81 سيريز آهن ان جو مطلب اهو آهي ته ٽيسٽ چئمپين شپ کان ٻاهر 24 سيريز کيڏيون وينديون، انهن ۾ وڌيڪ افغانستان، آئرلينڊ ۽ زمبابوي جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. نيوزيلينڊ، بنگلاديش، سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز سڀ کان وڌيڪ 2 ميچز جي ٽيسٽ سيريز کيڏنديون. سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي 12 مان 10 سيريز ٻن ميچن تي ئي مشتمل آهن، نيوزيلينڊ ته پنهنجي 12 مان 11 سيريز ۾ صرف 2،2 ميچون ئي کيڏندي. هلندڙ ايف ٽي پي ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي مشتمل سيريز جون تعداد 34 آهي جڏهن ته نئين ايف ٽي پي ۾ صرف 14 اهڙيون سيريز آهن جيڪي ٽن ميچن تي لاڳاپيل آهن. نئين ايف ٽي ۾ گڏيل طور تي 19 سيريز صرف هڪ ميچ جي صورت ۾ کيڏيون وينديون. 2019 کان 2023ع دوران 3 سيريز 4 ميچز ۽ 4 سيريز 5 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل هونديون جيڪي بگ ٿري (ڀارت، آسٽريليا، انگلينڊ) ۽ ڏکڻ آفريدي وچ ۾ کيڏيون وينديون. هلندڙ ايف ٽي پي ۾ 4 يا ان کان وڌيڪ ٽيسٽ ميچن جي گڏيل طور تي 13 سيريز شيڊيول هيون. واضح رهي ته پاڪستان جون تمام سيريز ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Zimbabwe's decision to bat first against Zimbabwe's Green Shirts in One-Day match

ٻي ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي جو گرين شرٽس خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو

بلاوايو(اسپورٽس نيوز) زمبابوي  ڪرڪيٽ ٽيم گرين شرٽس خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ ٽاس کٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے