21 اتوار , جنوری 2018

اسپاٽ فڪسنگ: محمد عرفان اسڪائيپ تي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

شارجا/لاهور(اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ڪرڪيٽر شاهه زيب حسن ڪيس ۾ فاسٽ بالر محمد عرفان اسڪائيپ ذريعي دبئي کان پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي ڇنڇر تي ٿيندي جنهن ۾ محمد عرفان ٻيهر بيان رڪارڊ ڪرائيندو. تفضل رضوي چيو ته شاهه زيب جي وڪيل عرفان کان سوال ڪيا پر هو ليگ جي ميچ کيڏڻ هليو ويو ۽ ڇنڇر تي ٻيهر بيان ڏيندو. خالد لطيف ڪيس ۾ پي سي بي جي ايڊجو ڊيڪٽر جسٽس (ر) فقير کوکر اڳيان پي سي بي پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا. خالد جي وڪيل بدر عالم جو چوڻ آهي ته اسان سان انصاف ٿيندو. بدر عالم مصوفيت سبب ايندڙ هفتي پيش نه ٿي سگهندو، ان لاءِ ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. خالد لطيف پنهنجي پابندي خلاف اپيل ڪئي آهي، تفضل رضوي چيو ته هڪ ٻن ٻڌڻين کانپوءِ ڪيس ختم ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ سي سي ايوارڊز: پاڪستان جي چيمپئنز ٽرافي ۾ ڪاميابي مومنٽ آف دي ايئر قرار

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل 2017ع ايوارڊز جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن موجب پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے