21 اتوار , جنوری 2018

اداڪارا مليڪا شراوت ڪروڙين رپين جي قرضي

لنڊن (شوبز نيوز) ناليواري باليووڊ اداڪارا مليڪا شراوت ۽ سندس مڙس پيرس ۾ هڪ ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ رقم جا قرضي نڪتا، جنهن سبب اداڪارا مليڪا کي سندس مڙس سان گڏ سندن فليٽ مان نيڪالي ڏيڻ جو خدشو آهي. برطانوي ميڊيا مطابق مليڪا شراوت ۽ هن جو مڙس پيرس ۾ جنهن فليٽ ۾ رهائش پذير آهن، جنهن جو ڪرايو هنن تي 80 هزار يورو يعني 94551 آمريڪي ڊالرز آهي جيڪو هنن پاران ادا نه ڪيو ويو آهي. اداڪارا مليڪا ۽ سندس مڙس پيرس جي سڀ کان ماهانگي علائقي ۾ 350 اسڪوائر ميٽر جي فليٽ ۾ رهندا آهن. اداڪارا جي وڪيل چيو آهي ته ميلڪا فليٽ جو ڪرايو ادا ڪرڻ نٿي چاهي، ڇاڪاڻ ته گذريل سال اداڪارا کي بلڊنگ ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو، جنهن ڪري اداڪارا ڪرايو ادا نه ڪري سندس ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿي. واضح رهي ته گذريل سال نومبر مهيني ۾ مليڪا شراوت کي پيرس ۾ رهائش پذير بلڊنگ جي لابي ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو، جنهن کانپوءِ سندن فليٽ جي مالڪ کان تڪرار هلي رهيو آهي. ٻئي پاسي فليٽ جي مالڪ جو چوڻ آهي ته سڀ مسئلا حل ٿي ويا هئا، تنهن باوجود به ڀارتي اداڪارا ۽ سندس مڙس فليٽ جو ڪرايو ادا نه ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

”پنجاب نئين جائونگي“ 50 ڪروڙ ڪمائيندڙ پهرين پاڪستاني فلم بڻجي وئي

لاهور (شوبز نيوز) گذريل سال پيار تي ٻڌل مزاحيا فلم ”پنجاب نهين جائوگي“ کي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے