19 اربع , سيپٽمبر 2018

فاروق ستار ۽ طاهر القادري ۾ ٽيليفونڪ رابطو، مختلف معاملن تي ڳالهيون

لاهور(ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ ماڊل ٽائون سانحي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ماڊل ٽائون سانحي تي فاروق ستار جي حمايت تي سندس ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراهه فاروق ستار جو چوڻ هو ته ماڊل ٽائن سانحو سياست مان مٿانهون آهي انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ شهيدن سان گڏ آهيون. پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري جو چوڻ هوته شهيدن جا وارث سالن ٽن سالن کان انصاف جي انتظار ۾ آهن شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو ۽ نه ئي قاتل سزا کان بچي سگهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت پناهگيرن کي شهريت ڏيڻ بدران انهن جي واپسي يقيني بڻائي: حاصل بزنجو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) سينيٽر حاصل بزنجي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان افغان پناهگيرن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے