22 پیر , جنوری 2018

پاڪستان 2030 تائين بجلي پوري ڪرڻ جي قابل ٿي چڪو آهي: وزير اعظم

مظفرآباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته گذريل 4 سالن ۾ 10 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي جنهن سان پاڪستان 2030ع تائين بجلي پوري ڪرڻ جي قابل ٿي چڪو آهي. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي مظفر آباد ۾ پتريندر منصوبي جو افتتاح ڪيو ۽ ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ پاڪستان بجلي جي معاملي ۾ خودڪفيل ٿي چڪو آهي ۽ ن ليگ انهن منصوبن کي محنت سان مڪمل ڪيو جنهن کان پوءِ به وڌيڪ توانائي جا منصوبو ڪم هيٺ آهن. هن چيو ته پتريندر منصوبو پاڪستان ۽ ڪورتا جي دوستي جي واضع مثال آهي جنهن سان 147 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي ۽ آزاد ڪشمير جي بجلي جي ضرورت پوندي ٿيندي.  وزير اعظم چيو ته اسان جي حڪومت منصوبا شروع ڪري انهن کي مڪمل ڪندي آهي جنهن صوبي ۽ شهر ۾ وڃو، ن ليگ جو ڪم نظر ايندو. هن وڌيڪ چيو ته گذريل 4 سالن ۾ 10 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ۽ پاڪستان 2030ع تائين بجلي پوري ڪرڻ جي قابل ٿي چڪي آهي.  اسان ڪي سياسي يتيم ناهيون ۽ حڪومت جي مدي تي ڳالهيون ڪندڙ ماڻهو پنهنجي سياست ڪن تنهن هوندي جولاءِ ۾ اليڪشن ٿيندي، ميدان ۾ مقابلو ڪجو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن يمن لاءِ 3 بلين ڊالرن جي امدادي رقم جي اپيل جاري ڪري ڇڏي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن يمن ۾ انساني بحراني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے