22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

کلڻ منع آهي

خراب سوچ

ٽئين ڪلاس جو شاگرد ميڊم کي مان توهان کي ڪيئن لڳان ٿو؟

ميڊيم  ڏاڍو پيارو،

شاگرد: ته پوءِ پنهنجي پيءُ ماءُ کي اوهان جي گهر موڪليان.

ميڊيم: اهو ڇو؟

شاگرد: ڇو ته اُهي ئي ته اسان جي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندا نه.

ميڊم: اها ڇا بڪواس آهي.

شاگرد: ٽيوشن پڙهائڻ لاءِ ميڊم قسم سان اوهان ته ٽي وي ڏسي ڏسي پنهنجي سوچ ئي خراب ڪري ڇڏي آهي.

دنيا گول آهي

پيءُ پٽ سان: ڏس پٽ جيڪڏهن تو محنت ڪئي ته تنهنجي شهرت سڄي دنيا جي چئني ڪنڊن تائين ڦهلجي ويندي.

پٽ: ” پر بابا سائين جاگرافي جي ڪتاب ۾ لکيل آهي دنيا گول آهي.“

ڪنجوس

هڪ ڪنجوس ماڻهو هوٽل ويو ۽ آرڊر ڏنائين ته ” ڏھ رپين جو ٻوڙ ۽ هڪ ماني کڻي اچ“

بيرو ٿورڙي دير کانپوءِ گهربل شئي کڻي آيو. جڏهن ڪنجوس ماڻهو کائڻ لڳو ته ڏٺائين ته ٻوڙ ۾ مک پئي آهي هن ڪاوڙ منجهان بيري کي چيو ” ٻوڙ ۾ مک پئي آهي“

بيري ڪاوڙ منجهان ورندي ڏيندي چيو :” ته ڏھ رپين جي ٻوڙ ۾مک نه ته هاٿي وجهي ڏيون“

سخي

رستي ويندڙ فقير کي ” توکي شرم نه ٿو اچي ته ايترو صحت مند هوندي به پني رهيو آهين“

فقير ” نه سائين اهو جائزو وٺڻ چاهيان ٿو ته هن شهر ۾ ڪيترا سخي آهن“

جنت يا دوزخ

هڪ ماڻهو ڪنهن شاعر کان پڇيو”اوهان جنت ۾ وڃڻ پسند ڪندئو يا دوزخ ۾؟“

شاعر جواب ڏنو ” جتي وڌيڪ ماڻهو هجن اُتي.“

انسانن جي موت

هڪ ڪتو ٻي کي:  اڄڪلهه جتي رش ڏس اُتان نڪري وڃ

ٻي ڪتي چيو: ڇو،

پهرين ڪتي: جيڪڏهن ڌماڪو  ٿيو ته ڪٿي اسان به انسانن جي موت نه مري وڃون.

انعام

هڪ آفيسر هڪ سپاهي کي بهادري جاچڻ لاءِ اچانڪ سندس ڪلهي تي بندوق رکي فائر ڪيو. اهو سپاهي اُتي جو اُتي بيٺل رهيو.

آفيسر خوش ٿي چيو “ مان تنهنجي بهادري مان خوش ٿيو آهيان. ان خوشي ۾ هي وٺ منهنجو ڪوٽ انعام ۾.

سپاهي چيو ” پر مونکي ڪوٽ جي نه پينٽ جي ضرورت آهي“

آفيسر حيرت مان پڇيو ” پينٽ جي! پر ڇو؟“

سپاهي جواب ڏنو ” ڇو ته اوهان جي فائر سان منهنجي پينٽ خراب ٿي ويئي آهي“

ٺڳي

هڪ بيوقوف پنهنجي دوست چيو: مان اڄ ريلوي وارن سان ٺڳي ڪئي.

دوست: اهو ڪيئن؟

بيوقوف: اهو ائين ته مان واپس جو ٽيڪٽ ته ورتو آهي پر واپس ويو ناهيان.

 

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے