21 اتوار , جنوری 2018

ن ليگ جي ساڍن چئن سالن واري دور ۾ سڀ کان وڌيڪ حملا زرعي معيشت تي ٿيا: بلاول ڀٽو زرداري

ملتان(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي ڪري جمهوريت ڪمزور آهي جنهن آصف علي زرداري جمهوريت کي بچايو ان کي ئي ڏنگ هنيو ويو. نواز شريف جو سياست وارو نظريو  ڇا آهي؟ اسان کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي،  هي اهو نظريو ته ناهي جنهن جي حفاظت جي قسم توهان ضياءُ الحق جي قبر تي کنئي هئي؟ بينظير جي حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي؟ زرداري ۽ شهيد بي بي تي ڪوڙا ڪيس بڻايا؟ ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1978ع ۾ ڪالوني ٽيڪسٽائل مل جي مزدورن هڙتال ڪئي ته ضياءَ اهو ئي ڪيو جيڪو شڪاگو ۾ ٿيو. هن چيو ته ڪنهن اڳتي وڌندڙ پاڪستان جو رستو روڪيو؟ ڪنهن محنت ڪشن جي ماني تي ڌاڙو هنيو؟ جيالن، جانثارن ۽ وفادارن جون ٽيون نسل جوان ٿي چڪو، آئون ان ٽئين نسل جو نمائندو بڻجي جنگ وڙهڻ جو اعلان ڪيان ٿو. هن چيو ته ورلڊ بينڪ جي رپورٽ موجب پنجاب سڀ کان وڌيڪ غير مساوي صوبو آهي، راجنپور ۽ بهاول پور ڏکڻ پنجاب جا پوئتي پيل علائقا آهن، مسلم ليگ ن جي ساڍن چئن سالن واري حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ حملا زرعي معيشت تي ٿيا، پاڻي جو بحران وڌي رهيو آهي، زمين جي پيداوار گهٽ ٿي رهي آهي، سڄي ملڪ کي خوراڪ ڏيندڙ  پاڻ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، اسان عزم ٿا ڪيون ته هارين کي سندن پيدوار جو معاوضو يقين بڻائينداسين، زرعي پيداوار تي جي ايس ٽي جو خاتمو يڪو ويندو. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته هاري خوشحال ته ملڪ خوشحال، پيپلز پارٽي هاين کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي، پاڻي جي ورڇ کي منصفاڻو بڻايو ويندو، هاري دشمن حڪومت واتان گرهه ڦرڻ تي لٿل آهي، اسان ماڻهن کي وسيلن تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، اسان سياست جا اهم مسئلا ملڪ ۽ عوام جا مسئلا رهيا آهن. عمران خان جي تقنيد ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيازي سرورسز جيڪي سڌارا متعارف ڪرايا انهن جو مقابلو فيض آباد وارا ڪري سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نقيب الله محسود کي مقابلي ۾ ماريندڙ سموري پوليس پارٽي معطل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ شڪي مقابلو ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے