21 اتوار , جنوری 2018

نواز شريف کي عدالتن سان محاذ آرائي کان روڪيو هو، اڄ سندس حق ۾ فيصلو آيو: چوڌري نثار

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته اڄ نواز شريف جي حق ۾ فيصلو آيو، کيس عدالت سان محاذ آرائي کان روڪيو هو اڄ به پارٽي سان اختلافن جو سبب عدالتي معاملا آهن. چوڌري نثار راولپنڊي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته 35 سالن کان مسلم ليگ ن ۾ آهيان ۽ مون هميشه پارٽي سان سچ ڳالهايو، نواز شريف سان اختلاف عدالتن خلاف محاذ آرائي آهي. هن چيو ته مون کي مختلف سياسي پارٽين مان آڇ ٿي پر ن ليگ کي نه ڇڏيو، ان کان اڳ جنرل (ر) مشرف مون کي خريدڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن چونڊن ۾ مون کي شڪست ڏيڻ لاءِ 5 اڻ پڙهيل وزير استعمال ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نقيب الله محسود کي مقابلي ۾ ماريندڙ سموري پوليس پارٽي معطل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ شڪي مقابلو ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے