18 اربع , جولاءِ 2018

سياستدانن کي عدالتن طرفان نااهل قرار ڏيڻ وارن فيصلن جي ڀرپور مذمت ڪيان ٿو: سعد رفيق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته هو سياستدانن کي عدالتن مان نااهل قرار ڏيڻ جي مذمت ڪري ٿو ۽ کيس جهانگير ترين جي نااهلي تي خوشي ناهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان ۽ جهانگير ترين نااهلي ڪيس بابت عدالتي فيصلي تي رد عمل ڏيندي سعد رفيق چيو ته جهانگير ترين هجي يا يوسف رضا گيلاني ڪنهن جي به نااهل ٿيڻ تي خوشي ناهي ڇو ته سياسي ويڙهه کي عدالتن ۾ کڻي وڃن مسئلن جو حل ناهي، آئون سياستدانن کي عدالتن طرفان نااهل قرار ڏيڻ وارن فيصلن جي ڀرپور مذمت ڪيان ٿو.  هن چيو ته نواز شريف جي وزارت عظميٰ واري دور ۾ ملڪ جون حالتون ڪافي بهتر ٿيون پر ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم کي ٻاهر ڪڍيو وڃي ته زلزلو نه اچي ائين ممڪن ناهي، نواز شريف کي پهريون ڀيرو ان ڪري ڪڍيو ويو ته ايٽمي ڌماڪو ڇو ڪيو هاڻ ان ڪري ڪڍيو ويو ته معاشي ڌماڪو ڇو ڪيو، اسان کي ساڍن چئن سالن دوران سڪون سان ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو، اسان دنيا جي هر برائي پنهنجي مٿي تي چپڪائي به پرعزم آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے