21 ہفتہ , اپریل 2018

خدا کان پوءِ جمائما عمران خان کي بچايو، کيس سلام پيش ڪيان ٿو: شيخ رشيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ الله کان پوءِ جمائما عمران خان کي بچايو آهي. عمران خان نااهلي ڪيس ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار 250 صفحن تي ٻڌل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سمورن ثبوتن جو جائزو ورتو ويو، عمران خان نيازي سروسز لميٽڊ جو شيئر هولڊر يا ڊائريڪٽر نه هو ۽ هن جمائما کي ڏنل پيسا به ظاهر ڪيا. سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي شيخ رشيد رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته ان فيصلي سان سڄو پاڪستان خوش ٿيو آهي ۽ عمران خان مستقبل جو وزير اعظم آهي، هاڻ هن کي وزير اعظم بڻجڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي. هن چيو ته ان ڪيس ۾ جمائما خان ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن تي کيس سلام پيش ڪيان ٿو ۽ جيئن ڪاغذ ڪڍيا ويا ته ان مان چئي سگهجي ٿو ته ان ڪيس ۾ الله کان پوءِ جمائما عمران خان کي بچايو آهي. شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته جمائما هڪ نسلي گهراڻي جي عورت آهي ۽ سندس صلاح آهي ته جيڪڏهن ڪو مذهبي نه هجي ته عمران خان کي جمائما سان شادي ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ پنجاب يونيورسٽيءَ جي وي سي کي معطل ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پنجاب يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ڊاڪٽر زڪريا کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے