26 اربع , سيپٽمبر 2018

تکيون مٺيون ڳالهيون | 12 مئي تي ايم ڪيو ايم جي زوال جو بنياد پيو


• افتخار چوڌريءَ مايوس ڪيو
• قتل ٿيندڙ انسانن جا روح حڪمرانن کي هرگهڙي رهنڊون پائيندا
• سانحي ايم ڪيو ايم، چوڌري افتخار ۽ پرويز مشرف کي زيرو ڪري ڇڏيو
• 12 مئي 2007ع هر ٻولي ۽ نسل جي انسانن جو قتل ڪيو ويو
• ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت خطرناڪ جماعت طور سامهون آئي
• چوڌري افتخار چيف جسٽس ٿيڻ کانپوءِ اهو ڪيس نه هلايو ۽ زيرو ٿي ويو
• 2008ع کان پيپلزپارٽي سرڪار کي ان ڪيس جي پوئواري ڪرڻ گهرجي ها
• پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي مفاهمت واري سياست عوام جو قتلام به وساري ڇڏيو
• 12 مئي تي سڀني قومن رت جون الٽيون ڪيون

12 مئي تي ايم ڪيو ايم جي زوال جو بنياد پيو، افتخار چوڌريءَ مايوس ڪيو: عوامي آواز ٽي وي
ان ڏينهن تي قتل ٿيندڙ انسانن جا روح حڪمرانن کي هرگهڙي رهنڊون پائيندا
وحشتناڪ سانحي ايم ڪيو ايم، چوڌري افتخار ۽ جنرل پرويز مشرف کي زيرو ڪري ڇڏيو
ارباب رحيم ۽ وسيم اختر جي دور ۾ قتل ٿيلن سان انصاف ڪري وارثن کي معاوضا ۽ نوڪريون ڏنيون وڃن: عوامي آواز جي ”تکيون مٺيون ڳالهيون“ ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر جو تجزيو
ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ تڏهوڪي لاٿل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي آجيان لاءِ جنهن نموني 12 مئي 2007ع هر ٻولي ۽ نسل جي انسانن جو قتل ڪيو ويو، تنهن انتهائي خطرناڪ واقعي پنهنجي تاريخ ۾ ٽي وڏا اثر ڇڏيا آهن. ان واقعي جي ڪري ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت ”خطرناڪ“ جماعت طور سامهون به آئي پر ان جي تباهي جي شروعات به ان واقعي سان ٿي. ٻيون اثر، چوڌري افتخار تي پيو جنهن پاڻ چيف جسٽس ٿيڻ کانپوءِ اهو ڪيس نه هلايو ۽ ”هيرو“ مان ”زيرو“ ٿي ويو. ٽيون اثر جنرل پرويز مشرف تي پيو، جنهن جي پاران ڪراچي سانحي تي اسلام آباد ۾ ”مڪو“ ڏيکارڻ ۽ قتلام تي خوش ٿيڻ جي ڪري پاڪستان جي عوام پاران اهو محسوس ڪيو ويو ته ڪوبه آمر جڏهن ذاتي ايجنڊا تي اچي ٿو ته اهو پوءِ پنهنجي ”نسل“ جي واسطي ئي جائز ۽ ناجائز ڪم ڪري ٿو، جيئان ايوب خان ۽ جنرل ضيا ڪيو هيو. عوامي اواز ٽي وي پروگرام ”تکيون مٺيون ڳالهيون“ ۾ تجزيو ڪندڙ ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر چيو آهي ته ”قيو ليگ“ جي سرڪار جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي دور ۾ 12 مئي 2007ع تي خوني سانحي ۾ ذميداريون مقرر ڪري انهن سمورن سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ماڻهن کي سزائون ڏنيون وڃن ۽ قتل ٿيندڙ سمورن ماڻهن جي وارثن کي نوڪريون ۽ معاوضا ڏنا وڃن ۽ اهو معلوم ڪيو وڃي ته ان دور جي گهرو وزير جي انتظام هيٺ ٿيل ان واقعي جي ڪري مٿس آئين جي شق 62 ۽ 63 لڳي سگهي ٿي يا نه؟ . هنن چيو ته، 2008ع کان پيپلزپارٽي سرڪار کي ان ڪيس جي پوئواري ڪرڻ گهرجي ها پر پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ليڊرشپ وچ ۾ ”مفاهمت“ واري سياست عوام جو قتلام به وسارائي ڇڏيو. هنن چيو ته جيئن جناب ذوالفقار علي ڀٽي جو عدالتي قتل عدالتن جي مٿان ٻوجهه آهي يا محترما جو قتل هرگهڙي هرقسم جي حڪمران کان انصاف جو گهرجائو آهي، تيئن 12 مئي 2007ع تي قتل ٿيندڙ انسانن جا روح قاتلن کي هر گهڙي رهنڊون پائيندا رهندا. پروگرام ۾ چيو ويو ته 12 مئي تي سڀني قومن رت جون الٽيون ڪيون، ان ڏينهن آج ٽي ويءَ کانسواءِ گهڻي ڀاڱي ميڊيا، ڪجهه سياسي جماعتون ۽ عدليه به جنرل مشرف سان گڏ هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …