26 جمعرات , اپریل 2018

چونڊن جي چائنٺ تي بيٺل سياست ۽ غيريقينيءَ جا بادل

امداد سومرو

جيڪڏهن ڪي لفظ پاڪستان جي موجوده سياسي سياري کي صحيح نموني واضح ڪن ٿا ته، اهي راڻا ثناءُ الله جي ملتان ۾ عدالت تي وڪيلن جي چڙهائي واري مامري تي ڏنل بيان ۽ ٻيو قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي مايوسيءَ واري بيان مان واضح ٿين ٿا. جي انهن بيانن کي غور سان ڏسو ۽ محسوس ڪبو ته انهن جي حقيقت ۽ ڪرڀ کان اسان منهن موڙي نه ٿا سگهون.

راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته جيڪا روايت اوهان فيض آباد واري ڌرڻي ۾ وڌي آهي (فيض آباد ڌرڻي وارن جي سمورن شرطن کي مڃي معاهدي ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي ڊي جي رينجرز پنجاب طرفان ڀاڙي جا پئسا ڏيڻ واري ۽ اهو سڀ ميڊيا جي ڪيمرائن اڳيان ٿيو، ان کانپوءِ ڪنهن مڇريل انبوهه تي ڪارروائي ڪرڻ مشڪل ٿي وئي آهي. جڏهن ته قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جيڪو انتهائي محتاط ۽ خاموش طبع ماڻهو آهي، چيو آهي ته مان جيترو اڄ سياست مان مايوس ٿيو آهيان ايترو اڳ ڪڏهن نه ٿيو آهيان. شاهزيب خانزادي سان تفصيلي ڳالهائيندي هن چيو ته هو ايترو 2002ع توڻي 2008ع ۾ به مايوس نه ٿيو هو. هن کي هڪ گريٽر پلان نظر اچي رهيو آهي جنهن مان سسٽم (جمهوري سسٽم) کي خطرو آهي.

راڻا ثناءَ الله ڪو هيوگو شاويز يا اياز صادق ڪو ڪاسترو ناهي پر پاڪستاني پاليٽڪس جي فريم ورڪ ۾ ڏسجي ته هنن جيڪو چيو آهي ان ۾ وڌاءُ نه ٿو لڳي. هنن جي اها نااهلي چئجي يا بيوسي ٻنهي صورتن ۾ صورتحال تي تجزيو اهو ٺهڪي اچي ٿو. اهو ان ڪري جو هن وقت حڪومت آهي به ته ناهي به. وزيراعظم ته آهي پر نالي ۾ نهال آهي. سولين ادارا بيوسيءَ جي جيئري جاڳندي علامت ٿي رهجي ويا آهن. وفاقي گهرو وزير کي هڪ اهلڪار روڪي سگهي ٿو ۽ جڏهن هو (وزير موصوف) ان واقعي خلاف ڪارروائي جو چئي ٿو ته اداري طرفان ان اهلڪار جي قانوني گهرج پوري ڪرڻ تي الٽو پٺي ٺپڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. ڄڻ پاڪستان ۾ 1958ع کان 1999ع تائين جيڪي آمريتون مڙهيون ويون سي به آئين ۽ قانون جي گهرج تحت هيون!

پهرين کين ڪمزور ڪريو، کين مذاق ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ پنهنجا مقصد حاصل ڪريو. اها حڪمت عملي آهي جيڪا هاڻ پاڪستان ۾ آرويلين اصطلاح جيان سچ ثابت ٿي چڪي آهي.

گذريل پ پ حڪومت جو ميموگيٽ اسڪينڊل ڀيري مذاق به اهڙي طرح بڻايو ويو هو. يعني بجاءِ جو ايبٽ آباد آپريشن تي قوم کي آگاهه ڪجي، هنن ميموگيٽ گهڙي ۽ جنهن ۾ به سياسي اڳواڻ ۽ جمهوريت جا چيمپئن عمران خان ۽ نواز شريف استعمال ٿيا، اهڙو ته مذاق بڻايو ويو جو ردعمل ۾ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبليءَ جي فلور تي اچي چيو هو: اسان کان ٿا پڇو ته اسان ڪيترن امريڪين کي ويزا ڏنا؛ اوهان اسان کي ٻڌايو ته اساما بن لادن ڪهڙي ويزا تي ساڍا 5 سال ايبٽ آباد ۾ ترسيل هو؟ ڪهڙو اهڙو وزيراعظم آهي جنهن ايتري جرئت جو اظهار ڪيو هجي؟ گيلانيءَ کي ان جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي.

صدر زرداري ايوان صدر ۾ ته هو پر ايوان صدر مان پنهنجو لاش نڪرڻ جهڙا بيان ڏيندو رهيو. پ پ جي سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ته هئي پر نالي ۾ نهال حڪومت هئي. صوبن ۾ گورنر به سندن هئا جيئن اڄ نون ليگ جا آهن. سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه کانسواءِ باقي حڪومتون نون ليگ جون آهن. نواز شريف وزيراعظم نه رهيو آهي جيئن گيلاني نه رهيو پر پرويز اشرف وانگر خاقان عباسي وزيراعظم آهي پر افواهه، لاچاريءَ جي شڪل پيش ڪري رهيو آهي.

نواز ليگ هڪ ڌڪ ۾ ڪو بالشيوڪ پارٽي نه بڻجي وئي آهي. ڪجهه ڪم ظالمن جو هو ۽ ڪجهه سڄڻن کي به مرڻ جو شوق هو. ڏوهه سراسر اسان ۾ آهي، پيارا بروٽس، ستارن ۾ ناهي…. جيئن شيڪسپئرين ٽرئجڊي آهي. پ پ جڏهن پاور سرڪس ۾ مذاق جو نمونو ٿي رهجي وئي هئي ته ان جو وڌ ۾ وڌ فائدو نواز ليگ ورتو ۽ جمهوريت جي اڄ چيمپئن بڻيل ميان نواز شريف ورتو. پر هاڻ جڏهن سرڪس جي رنگِ ۾ نواز ليگ آهي ته ان جو مزو پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي مک مخالف جماعت پي ٽي آءِ وٺي رهي آهي. ٻنهي صورتن ۾ جمهوري آرڊر ڪمزور ٿي رهيو آهي.

پاڪستان ۾ شيون نارمل ناهن ۽ نه ڪڏهن سسٽم نارمل هليو آهي. وڏي ۾ وڏو سوال عوامي ردعمل جو آهي ته آخر اهو ڇو هڪ پاسي ٿي نه ٿو بيهي؟ ان جو جواب سادو آهي. آمريتن توڻي جمهوريتن عوامي سگهه تي نه ڀاڙيو آهي ۽ نه عوام جي ايجنڊا هنن جي اوليت رهي آهي. رڳو ذوالفقار علي ڀٽو اهو اڳواڻ آهي جنهن عوام کي پنهنجي سگهه جو احساس ڏياريو ۽ عوام کي طاقت جو سرچشمو ڪوٺيو. اهو نعرو هن جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو.

محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي پهرين حڪومت ۾ شيون بهتر ڪرڻ پئي چاهيون پر سندس حڪومت کي مذاق بڻايو ويو، سندس پر ڪٽيا ويا ۽ باقي ڪم آصف علي زرداريءَ پورو ڪري ڏيکاريو. اڄ پ پ سنڌ تائين محدود ٿي رهجي وئي آهي ۽ مرڪزي سطح تي ان جي حيثيت ”پاور بروڪر“ جهڙي رهجي وئي آهي.

ڪا به جماعت ايتري طاقتور نه رهي جو ”انڪار“ ڪري سگهڻ جي پوزيشن ۾ اچي وڃي…. ٽارگيٽ اهو آهي. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا عمران خان 2018ع واري عام چونڊ ۾ نتيجا ائين ٻهاري ويندو جيئن 70ع واري اليڪشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اولهه ۽ شيخ مجيب الرحمان اوڀر پاڪستان ۾ ٻهاري ويو هو؟ تارازيءَ جو پُڙ عمران خان جي پاسي اهڙي طرح نه ٿو جهڪي.

اليڪشن کان اڳ صورتحال طوفان کان اڳ ڇانيل خاموشيءَ جهڙي ٿي ويندي آهي ۽ اليڪشن واقعي به پاڪستان ۾ ڪيترن خطرن سان ڀرپور مامرو آهي. يحييٰ خان 70ع واريون چونڊون ڪرايون پر عوامي ليگ جي کٽي اچڻ کانپوءِ حالتون ملڪ جي ٻه ٽڪر ٿيڻ تي کٽيون. 77ع واري چونڊ کانپوءِ ڇا ٿيو؟ 88ع واريون چونڊون ٿيون ۽ جڏهن 35 سالا بينظير ڀٽو پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم طور ايوان صدر ۾ حلف کنيو هو ۽ ايوان ۾ جيئي ڀٽو جو نعرو لڳو هو ته لڳو هو ڄڻ 11 سالا ڊگهي رات جا زخم ڇٽڻ لڳا هئا. پر ڀر ۾ غلام اسحاق خان اسٽئبلشمينٽ جي ساڳي نشاني طور موجود هو ۽ صاحبزادو يعقوب خان پرڏيهي وزير ۽ جنرل اسلم بيگ آرمي چيف ۽ حميد گل ساڳي عهدي تي رهيو…. بي بي صاحبه پر ڪٽيل پکيءَ جيان بڻجي وئي هئي، بلڪل ائين جيئن اياز لکيو هو:

ڪوڙڪيءَ ۾ هرڻي پير هڻي رهي آهي،

۽ چنڊ کي روئڻ اچي رهيو آهي.

12 هين آڪٽوبر 1999ع تي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ آمريت هيٺ اچي ويو. نيٺ ساڍن 8 سالن بعد 2007ع ۾ جڏهن اليڪشن ويجهي هئي ته اسان کي 27 هين ڊسمبر واري شامِ غريبان مان گذرڻو پيو جنهن مان اسان اڃا نڪري نه سگهيا آهيون. ۽ ها وچ تي اها ڳالهه رهجي وئي ته پ پ جي پوئين حڪومت ختم ڪرڻ کان اڳ مير صاحب پنهنجي گهر 70 ڪلفٽن لڳ هڪ گهري سازش هيٺ ماريو ويو ۽ فاروق لغاري بروٽس وانگر بي بي صاحبه  جي پٺ ۾ خنجر هڻي حڪومت ختم ڪري ڇڏي.

2013ع واري اليڪشن ڪنهن حد تائين پرامن رهي پر پ پ لاءِ اليڪشن مهم هلائڻ نو گو ايريا ۾ تبديل ڪئي وئي. موجوده حڪومت جيئن جڙي ته عمران خان رستن تي هو جيڪو تاحال رستن تي آهي. هاڻ اسان ٻيهر اليڪشن جي چائنٺ تي آهيون ۽ غيريقينيءَ جا بادل آهن جيڪي گهرا ٿي رهيا آهن. پاڪستاني سياست جو هيءُ اداس ترين سيارو آهي.

ڪنهن گرم ۽ حرارت ڀرئي صبح جو ڪو ترورو. بس گهرا پلاٽ آهي ۽ پلان آهن جن جي ڪوهيڙي ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، تجزيا ٿي رهيا آهن ۽ ميڊيائي مانگر مڇ کيڏي رهيا آهن ۽ سياسي جماعتن مان ڪنهن هڪ جماعت وٽ به اهڙو اڳواڻ ناهي جيڪو اسان کي ڪا چڱي خبر ٻڌائي. شيون تيزيءَ سان خراب ٿي رهيون آهن. رڳو اميد اوهان اڳيان آخري آپشن آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه جهوني جوڳيءَ مواليءَ کي دڙڪا ڏيندي چيو ته ”هن وقت ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے