22 پیر , جنوری 2018

خطرناڪ راندين جا ڀيانڪ نتيجا

امتياز عالم

فيض آباد وارو ڌرڻو لڳي ٿو ته اڳواٽ ئي ڪمزور جمهوري سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ راتاهي جي ڪامياب ڪوشش ثابت ٿئي ٿو. اهو سڀ ڪجهه رڳو ايندڙ سال مارچ ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي چونڊن کي روڪڻ لاءِ نه ٿي رهيو آهي پر ايندڙ سال جون ۾ مدو پورو ٿيڻ جي ٽن مهينن کان اڳ ئي پارليامينٽ کي گهر ڀيڙو ڪرڻ آهي. آخرڪار هي سڀ ڪجهه ٿئي ڇا پيو؟ طاقت ۾ مقتدر حلقن کان جنهن شيءِ جي اميد ڪئي ٿي وئي تنهن کا به وڌيڪ خراب شيءِ ٿيڻ وڃي رهي آهي.

سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ ڀيانڪ شيءِ هڪ پاسي پنجاب اندر وڳوڙي سياست جو اڀري اچڻ ۽ ٻئي پاسي سياسي عمل جي ڀڃ ڊاهه آهي (جنهن جو مقصد صرف ۽ صرف ايندڙ عام چونڊن کي محدود بڻائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي) آئيني طرح اقتدار جي منتقليءَ جي فريم ورڪ سان جي هٿ چراند ڪئي وئي ته پوءِ اقتدار جي منتقلي ۽ نگران سرڪار جي قيام جو عمل عدالتي ٽياڪڙي اصل طاقتن جي سياسي انجنيئرنگ جي رحم ڪرم تي هوندو.

سو لڳي ٿو ته آئيني ۽ سياسي هٿ چراند کان به وڌيڪ گهڻو ڪجهه خطري هيٺ آهي، سو اهي جيڪي ايندڙ عام چونڊن ۾ مسلم ليگ نواز کي اڪثريت کان محروم رکڻ واري سازشي ٿيوري ۾ ٻٽ ٿي بيٺل آهن، تن کي سمجهڻ گهرجي ته صورتحال ايتري ڀيانڪ حد تائين ويندي به اقتداري جماعت وٽ پنج سيٽون به وڃي نه بچنديون. سو راند رڳو ايندڙ سينيٽ چونڊ ۾ نواز ليگ کي شڪست ڏيڻ کان گهڻي خطرناڪ آهي، ايئن ٿيڻ سان قومي اسيمبلي به هڪ محدود ادارو بڻجي رهجي ويندي. سو سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هڪ چونڊيل حڪومت ۽ پارليامينٽ کي ڀت سان لڳائڻ، لاٿل وزيراعظم جو دڳ بند ڪرڻ جي ڪري جيڪي خال پيدا ٿيندو تنهن کي ڀرڻ لاءِ به ڪن احتياطي اپائن جو بندوبست ڪيو ويو آهي.

هڪ چونڊيل وزيراعظم کي عدليا ذريعي هٽائي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ واري پهرين مرحلي کي نواز شريف کي نشانو بڻائڻ وارو ڪارڊ کيڏي بغاوت واري سياست جي پليٽ فارم طور استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. نواز شريف پنهنجي بدنصيبي کي وزيراعظم هائوس ۾ پنهنجو ماڻهو آڻڻ واري فائدي طور استعمال ڪري ويو ۽ شهباز شريف پنجاب ۾ ئي برقرار رهيو جيڪو اتي ويهي به اثرائتو سٺو ڪردار ادا ڪري پيو. نواز شريف کي جي ٽي روڊ تي عوامي جاڳرتا جو جيڪو سياسي فائدو مليو سو کيس وزيراعظم رهندي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ۾ شايد نه ملي ها.

ان جي وچ ۾ هن آئين ۾ ترميم ڪرائي پارٽيءَ جي ٻيهر صدارت حاصل ڪندي پارٽي تي پنهنجو ڪنٽرول مضبوط ڪيو ۽ پنهنجي مخالفن کي اڪيلو ڪري ڇڏيو جيڪي مٿس اسٽيبلشمينٽ نواز هئڻ جا الزام هڻندا هئا. سو عيبدار قرار ڏنل نواز شريف پنهنجي ڪيس کي سياسي بڻائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جو هاڻي کڻي کيس نيب جي ريفرنس ۾ سزا به اچي هو جيل به موڪليو وڃي، تڏهن به جيل مان ويهي ايندڙ عام چونڊن ۾ پنهنجي پارٽي جي قيادت ڪرڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪندو.

هاڻي ٻيو مرحلو شروع ٿي ويو آهي، فيض آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙ اڳيان وفاقي سرڪار جي توهين آميز شڪست ۽ لاهور ۾ تحريڪ لبيڪ يارسول الله جي ٻئي ڌڙي سان شروع جوڳي معاهدي باوجود نواز ليگ کي ڪو رليف ملي نه سگهيو آهي. ظاهر ٿي ويو آهي ته ختم نبوت واري انتهائي حساس معاملي کي ڇيڙي سني جذبن سان کيڏڻ جوکم کڻڻ کان گهٽ ناهي. اهو ئي سبب آهي جو رضويءَ واري ڌڙي واري صورتحال کي ڏسندي ٻيا بريلوي ڌڙا به خاموش نه ويٺا. سو هاڻي فيض آباد ڌرڻي جي متاثرن جي چاليهي تي چوٿين جنوريءَ تي لاهور ۽ پنڊيءَ ۾ ٻه ميڙاڪا ٿي رهيا آهن.  فيض آباد ۾ ختم نبوت واري ميڙاڪي کان پوءِ پير سيالويءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيئي بريلوي ڌڙن ۽ درگاهن نظام مصطفيٰ لاڳو ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن جو مقصد پنجاب ۾ شهباز شريف جي سرڪار جو خاتمو آڻڻ آهي. ايندڙ چونڊن ۾وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ ۽ نگران سيٽ اپ ۾ حصو پتي ملڻ جي خواهشمندن طرفان خطرناڪ راند کيڏي پئي وڃي.

شايد نواز ليگ لاءِ پنجاب ۾ گهٽ مصيبتون هيون جو ماڊل ٽائون سانحي جي محفوظ ٿيل رپورٽ پڌري ڪري ڌرڻن جي ابي طاهر القادريءَ کي وري ميدان ۾ لاٿو ويو آهي. پاڪستان عوامي تحريڪ جو سربراهه انهن سڀني ڪردارن کي ڪٺو ڪري رهيو آهي، جيڪي پنجاب ۾ شهباز شريف جي سرڪار ختم ڪرڻ گهرن ٿا پر ٻه ڀيرا ڌڪيل قادري هن ڀيري رڳو ڀڃ ڊاهه وارو ڪردار ادا ڪرڻ تائين محدود نه ٿو رهڻ چاهي پر وڏو حصو گهري رهيو آهي. هو شهباز شريف ۽ قانون واري وزير خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي ۽ چئي ٿو ته کيس اختيار مليو ته هو کين ٽنگيندو. هن جي خواهش نيون چونڊون نه پر ڊگهو نگران سيٽ اپ آهي، جنهن ذريعي هو چونڊن کي انجنيئر ڪرڻ جو مرڪزي ڪردار به بڻجي سگهي ۽ ائين چئي هو کيس ڪلهو ڏيندڙ ٻن اهم شخصيتن آصف علي زرداري ۽ عمران خان جي موقف سان ٽڪراءَ ۾ اچي ٿو، جيڪي چونڊون ملتوي ٿيڻ جي حق ۾ ناهن.

سڀ کان وڏو ۽ ڀيانڪ معاملو جيڪو سياسي ڌريون نظرانداز ڪري رهيون آهن سو سياست کي وڳوڙي ۽ پرتشدد بڻائڻ آهي جيڪو ملڪ کي خطرناڪ فرقيوار ٽڪراءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلي سگهي ٿو. ديوبند، الحديث ۽ صلافي فرقن جي بندش پيل جهادي تنظيمن کي مکيه سياسي ڌارا ۾ آڻڻ وارين ڪوششن سان گڏوگڏ باقي جيڪي بريلوي رهجي ويا هئا ۽ دهشت گرديءَ جو شڪار به هئا تن به ختم نبوت واري معاملي تي ڪر کڻڻ شروع ڪيا آهن. سو ديوبند، وهابي، صلافي ۽ بريلوي مطلب ته مخالف ڌڙن جي اڳواڻي ڪندڙ مذهبي عالم ٻن مخالف فرقن ۾ خوني تڪرار اڀارڻ جي ڀرپور صلاحيت به رکن ٿا.

ديوبندي، وهابي ۽ اهلحديث جا ويڙهاڪ درگاهن تي حملا ڪندا ۽ صوفين/بريلوين کي شرڪ قرار ڏيندا رهيا آهن. ٻئي پاسي وري بريلوي ۽ درگاهن جا گادي نشين جيڪي ابتدائي طور صوفين جا مخالف هئا سي خالق ۽ جيڪي خلقيا ويا آهن تن جي پر امن بقا ءِ باهميءَ ۾ يقين نه ٿا رکن ۽ ديوبندين ۽ صلافين کي توهين رسالت جو مرتب سمجهن ٿا. سو هن ۾ ڪو هلڪو معاملو به ٻنهي سني فرقن ۾ وڏي ڀڀڙ کي جنم ڏيئي سگهي ٿو.

ملڪ اندر جيڪو سياسي بحران آهي جو انتشار ۽ فرقيوار ٽڪراءَ کي جنم ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سياست کي پرتشدد ۽ وڳوڙي بڻائڻ سان مکيه ڌارا جون  غير مذهبي جماعتون تباهه ٿي وينديون ۽ جمهوري ۽  آئيني سياست لاءِ بنهه نه هئڻ برابر گنجائش وڃي بچندي. رياست ۽ غيرمذهبي سياسي جماعتن کي پنهنجي مفادن لاءِ اقتدار جي راند جي ايندڙ مرحلي ڏانهن اڳتي وڌڻ کان اڳ هن وڳوڙي صورتحال جو ضرور  جائزو وٺڻ گهرجي. هي وقت آهي ته ان وڳوڙي صورتحال جو تدارڪ ڪجي ان کان اڳ جو صورتحال قابو مان نڪري وڃي. مکيه جماعتن کي طئي ڪرڻو پوندو ته هي ڪنهن به صورت ۾ فرقيوار گروهن کي هٿي نه ڏينديون ۽ رياست ۽ سرڪار کي به مذهبي انتهاپسنديءَ جي سرپرستي جي راهه ڇڏڻي پوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آخر ڇا ٿيندو؟

حافظ سڪندر تنيو ڪجهه ڏينهن کان اخبارن ۽سوشل ميڊيا تي تي سنڌ ۾بدامني جي راڪاس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے