18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پاڪستان ۾ جمهوريت هلڻ گهرجي

پاڪستان جا ٻه وڏا سياسي چونڊيل ايوان سندن سربراهن جي بيانن جي ڪري جمهوريت واسطي پائيدار شڪل جي ڳولا به ڪري رهيا آهن ته انهن بيانن کان پرهيزي روئي جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن. انهن ۾ هڪ ڳالهه قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ڪالهه ڪئي هئي ۽ ٻي ڳالهه مسلسل سينيٽ چيئرمين رضا رباني ڪندو رهيو آهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو هو ته پهريون ڀيرو سياست کيس مايوس ڪيو آهي. کيس نٿو لڳي ته اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪنديون، خدا ڪري ته اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪن. نااميدي ۽ مايوسي ڏوهه آهي پر هو پهريون ڀيرو سياست ۾ مايوس ٿيو آهي ،  2002ع ۾ مشرف دور ۾ به ايترو مايوس نه ٿيس جيترو اڄ ٿيو آهيان، منهنجي دعا ۽ خواهش آهي ته اسيمبليون مدو پورو ڪن. هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته هن چيو ته اسان کي به هن ملڪ ۾ رهڻو آهي ۽ اسان جي نسلن کي به، جيڪو ڪجهه ملڪ ۾ ٿئي پيو اهو ڏسي ڏک پهچي رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه ڪنهن اداري نه پر سڄي ملڪ لاءِ صحيح ناهي. هن چيو ته رڳو هڪ پارٽي کانسواءِ حڪومت توڙي اپوزيشن جي خواهش آهي ته اسيمبليون مدو پورو ڪن، اڄ ڪلهه جيڪا صورتحال آهي اها ڏاڍي غير يقيني واري آهي، مون کي هڪ گريٽر پلان ٺهندو نظر اچي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته سڀني ڏٺو گذريل ٽن مهينن دوران ملڪ ۾ ڇا ٿيو، اهي شيون نارمل ناهن، اهي غير فطري آهن، پاڪستان دشمن جي نظرن ۾ آهي، ملڪ کي ٻاهرين بدران اندرواني خطرا وڌيڪ آهن. اياز صادق چيو ته اسان کي چونڊن جي پراسيس مان گذرڻ لاءِ وقت گهربل آهي، سياسي پارٽين کي چوندو رهيو آهيان ته بهتري لاءِ ضروري آهي نظام کي مضبوط ڪيو وڃي، هر ڳالهه ناهي پڇي ويندي، ڪجهه ڳالهيون سمجهيون به وينديون آهن، اسان کي ذاتي نه پر ملڪي مفادن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي.

سينيٽ چيئرمين رضا رباني ايوان ۾ سوالن جا جواب نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪومت اڳ ۾ ئي ڏکيائين جو شڪارآهي. پارليامينٽ تي چڙهائي پئي ٿئي.اهڙي صورتحال ۾ حڪومت پنهنجن پيرن تي پاڻ ڪهاڙي هڻي رهي آهي. اجلاس ۾ وزيرن جي غير حاضري ۽ سوالن جا جواب نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي شيخ آفتاب کي چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سوالن جو وقفو هلايان يا نه هلايان. سينيٽ چيئرمين چيو ته پارلياماني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي جو وزارت سوالن جا جواب ملتوي ڪرايا آهن. شيخ آفتاب چيو ته 3 مهينا اڳ وزيرن کي خط لکيو ته ايوان ۾ حاضر ٿين پر عمل نه ٿيو.

اياز صادق جي بيان تي تبصرو ڪندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي ٽيڪنوڪريٽس حڪومت بابت پُڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان پنهنجي پارليامينٽ مان پراميد آهيان، اياز صادق مايوسيءَ جو اظهار ڪري اسان جي دل ڏکائي آهي، جمهوريت خلاف سازشون ٿينديون رهنديون آهن، ان جو مقابلو ڪرڻ گهرجي.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق جو اسيمبلين جو مدو پورو نه ٿيڻ بابت بيان سندس ذاتي راءِ آهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ چونڊون وقت تي ئي ٿينديون. لنڊن ۾ ن ليگ اڳواڻن سان گڏ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت کي ڪنهن مان به خطرو ناهي، اياز صادق اڄڪلهه جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهڙو بيان ڏنو. سندس چوڻ هو ته چونڊون جولاءِ ۾ ٿينديون ۽ ن ليگ ڪاميابي ماڻيندي، اسان عوام اڳيان جواب ڏينداسين.

ٻئي پاسي، لنڊن ويل پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته حڪومت ۽ اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪنديون ۽ عام چونڊون مقرر وقت تي ئي ٿينديون. لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پارليامينٽ جو پنهنجو دٻاءُ آهي پر ملڪ ۾ حالتون مستحڪم آهن، حڪومت ۽ اسيمبليون مدو پورو ڪنديون ۽ عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون. مخالف پارٽيون سياسي اتحاد ڀلي ٺاهين، اهو انهن جو حق آهي پر حڪومت پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ڄاڻي ٿي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جيڪي واعدا ڪيا هئا، اهي پورا ڪيا پيا وڃن، حڪومت 70 سيڪڙو ايجنڊا حاصل ڪري چڪي آهي، رهيل مسئلا به حل ڪيا ويندا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو هو ته مون کي نٿو لڳي اسيمبليون مدو پورو ڪنديون

ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اسپيڪر صاحب جي ڪالهوڪي بيان تي ماڻهو مايوسي پکيڙي رهيا آهن، اياز صادق هن نظام کي هلائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو، هن گذريل چئن ورهين ۾ پنهنجي پاڻ کي ان ئي اسيمبلي لاءِ اهم ثابت ڪيو. پارليامينٽ هائوس اڳيان صحافين سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته اسپيڪر صاحب جي بيان ۾ مايوسي ڳوليندڙ پاڻ مايوس ٿيندا، اياز صادق جمهوري عمل لاءِ آخري حد تائين ويندو. هن چيو ته گهڻا ئي ماڻهو ويس مَٽائي جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ چاهين ٿا، اها ڄڃ نه 2013ع ۾ آئي نه 2018ع ۾ ايندي، عمران خان جي سياست ايترا ڏينهن محفوظ آهي، جيترا ڏينهن ڪيس جو فيصلو محفوظ آهي خان صاحب ٻڌائي ته ڪالهه رات مصطفيٰ ڪمال سان ڪٿي مليو، ملاقات ڪنهن ڪرائي؟ عمران خان ٽوپي پائي، يا ڪجهه به ڪري، وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي. سندس چوڻ هو ته پ پ کي ڏسي لڳي رهيو آهي ته ڀُٽي جي سياست مرندي پئي وڃي، فاٽا قانون بابت حڪومت سڀني پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ چاهي ٿي.

پاڪستان ۾ جمهوريت هلڻ گهرجي. پارليامينٽ کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي. ملڪ ۾ جمهوري سرشتي کي پنهنجون پائيدار پاڙون هڻڻ لاءِ جنهن سياسي سنجيدگي جي گهرج آهي، اها سمورين ڌرين کي عملي طور ڏيکارڻي پوندي. ملڪ جي 2000 چونڊيل ميمبرن کان سواءِ 20 ڪروڙ عوام به آحن جيڪي هر ڳالهه کي ڏسي رهيا آهن.

جمعو 15 ڊسمبر 2017ع، 26 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئين بجيٽ ۽ ٽيڪسن جو سوال….

گذريل حڪومت ويندي ويندي جيڪا ٽن مهينن جي بجيٽ پيش ڪئي هُئي، ان بعد تحريڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے