23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز| ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ پوليس جي مبينا تشدد، پيرسن فوت

ڪورنگي  جي علائقي ابراهيم حيدري ۾  عوامي ڪالوني جي پوليس ڇاپو هڻي  مبينا طور تي جوابدار ڄاڻايل ٻن ڄڻن کي پوليس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهر ۾ موجود پيرسن  فريد عالم مزاحمت ڪري ڏني.   گهر ڌڻي جي مزاحمت تي اهلڪارن مبينا طور تي پيرسن تي وحشياڻو تشدد ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ پيرسن موقعي تي فوت ٿي ويو.پيرسن جي فوت ٿيڻ تي  ابراهيم حيدري واسي ڪٺي ٿي ويا۽ مبينا طور تي پوليس تشدد ۾ فوت ٿي ويل پيرسن جو لاش رکي احتجاج ڪيو  احتجاج  جي اطلاع تي عوامي ڪالوني جي پوليس گرفتار ڪيل پيرسن جي پٽن کي ڇڏي ڏنو هوڏانهن مبينا طور تي پوليس تشدد ۾ فوت ٿي ويل فريد عالم جي وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڏنو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات نائين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-23

نيوز | گولاڙچي: سول سوسائٽي جي سڏ تي ڌارين کي سڃاڻپ ڏيڻ خلاف ريلي نيوز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے