18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز| نواب شاهه ۾ آبپاشي ملازمن جو رڍن آڏو رباب وڄائي انوکو احتجاج

نواب شاهه ۾ آبپاشي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ رڍن آڏو رباب وڄائي انوکو احتجاج ڪندي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ايريگيشن ٽريڊ فيڊريشن يونين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سوين پورهيتن رڍن آڏو  رباب وجائندي داد ڊويزن آفيس نوابشاھ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.  ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ حاجي شعيب بلر، محمد عثمان ڏاهري، امام علي رند، علي بخش زرداري، احمد خان چانڊيو  ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا   مظاهرو ڪندڙن چيو ته گذريل چئن سالن کان وٺي فوتي، سن ڪوٽا، ٽائيم اسڪيل ۽ ايل بي او ڊي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر سنڌ حڪومت تي ڪو به اثر نٿو  ٿئي ، هنن چيو ته اسان جا حڪمران به هنن رڍن وانگر آهن جيڪي ڪن، آکيون ۽ وات بند  ڪري عوام کي لٽي رهيا آهن.  هنن چتاءُ ڏنو ته  هنن جا مطالبا نه مڃيا ويا ته سچل سرمست کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪيو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ٽنڊو باگو: نينگر ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

ٽنڊي باگي ڀرسان 16 ورهين جي نينگر ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے