18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز| نوابشاهه ضلعي ڪائونسل پاران ڪراچي ۾ آبادگارن تي ٿيندڙ تشدد جي مذمت

نوابشاهه جي ضلعي ڪائونسل  جي  ميمبرن   ڪراچي ۾ آبادگارن تي ٿيندڙ تشدد ۽ ڪمند اگهه تي عمل نه ڪرائڻ جي مذمت ڪندي سهولتون ڏيڻ جي گهر  ڪري ڇڏي  نوابشاهه جي ضلعي ڪائونسل جو اجلاس پير قربان هال ۾ ضلعي چيئرمين سردار ڄام تماچي انڙ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ ميمبرن سنڌ حڪومت طرفان اعلانيل ڪمند جو اگھه 182 روپيا نه ملڻ، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي نه هئڻ، ترقياتي ڪمن جي نگراني نه ٿيڻ ۽ پوليس جي زيادتين خلاف دانهيون ڪيون.  اجلاس ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر محمد حنيف چانڊيو چيو ته ضلعي ڪائونسل جي طردفان هلندڙ ڊسپنريون فنڊز نه هجڻ ڪري بند پيل آهن جنهن  سان عوام کي صحت جون سهوليون نٿيون ملن، انهيِءَ جي ڪري فنڊ جاري ڪري ڊسپنريون کوليون وڃن.  ڪائونسلر خادم مري چيو ته ضلعي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جي نگراني ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وڃي، ڇاڪاڻ ته هلندڙ ترقياتي ڪمن ۾ غير معياري مٽيريل استعمال ٿيڻ جو شڪايتون اينديون آهن.  علي رضا چانڊيو چيو ته ڪمند جو اگھه 182 روپيا آبادگارن کي شگر ملز نٿيون ڏين جنهن جي ڪري ضلعي جا آبادگار سخت پريشان آهن انهيءَ جي ڪري ملز کي پاپند ڪيو وڃي ته آبادگارن کان سرڪاري اگھه ته  ڪمند وريو وڃي، جڏهن ته اجلاس ۾ پوليس جي زيادتين خلاف پڻ ميمرن دانهيون ڪيون ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ڄام چنگيز خلاف داخل ايف آءِ آر جي مذمت ڪئي وئي. ان موقعي تي ضلعي چيئرمين ڄام تماچي انڙ چيو ته ڪراچي ۾ آبادگارن تي ٿيل وحشياڻو تشدد تي افسوس آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري پڻ نوٽيس ورتو آهي ۽  هو سنڌ حڪومت ۽ بلاول ڀٽوزرداري کي اپيل ڪري  ٿو ته ڪمند جي آبادگارن کي سرڪاري اگهه 182 ڏيڻ لاءِ ملز کي پابند بڻايو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Adilpur

نيوز | عادلپور: 7 محرم الحرام جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد

عادلپور م  7محرم الحرام  جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو . ماتمي جلوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے