24 آچر , جون 2018

نيوز| ميهڙ ۾ ايس ٽي پي پاران ڪراچي ۾ آبادگارن تي تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو

ميهڙ ۾ ايس ٽي پي پاران ڪراچي ۾ آبادگارن تي تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو بابو عبدالله سومرو، غلام شبير رند، سيد سڄڻ شاھ، نادر سرگاڻي، مهتاب مهيسر، لياقت بروهي، عنايت ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الله واري چونڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري، شھر جي مختلف رستن جو گشت ڪرڻ کانپوء پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو.  ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن چيو ته سنڌ سرڪار طرفان ڪمند جو سرڪاري اگهھ 182 روپيا مقرر ڪيو ويو آهي جنهن تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ ڌرتي ڌڻين مرد توڙي عورتن مٿان ٿيل پوليس تشدد ۽ گرفتاريون مذمت جوڳو عمل آھي.  هنن وڌيڪ چيو ته اٽي، لٽي، اجهي ۽ سنڌ ۾ جمهوريت جي بحالي جي دعويدار پ پ حڪومت پاران ڪمند جي آبادگارن مٿان ڪيل وحشياڻي تشدد آمراني حڪومتن جي تسلسل کي برقرار رکندي کين ياد تازي ڪئي آھي.  هنن مطالبو ڪيو ته ڪمند جي سرڪاري مقرر ٿيل اگھه موجب 182 روپيا ڏيئي  نااهل گهرو وزير سهيل انور سيال کي فوري هٽايو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sann: Road accidents, 5 injured in Indus Highway

نيوز: سن: انڊس هاءِ وي تي روڊ حادثو، 5 ڄڻا زخمي

سن ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ٻن تيز رفتار ڪارن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے