23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز| شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ تي ميهڙ جي ڪائونسلر پاران استعيفيٰ جو اعلان

شهر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ تي  ميهڙ  جي پ پ ڪائونسلر نظيراحمد ايري ڪائونسلرشپ تان استعفي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ميهڙ  ميونسپل ڪاميٽي جي ڪائونسلر نظيراحمد ايري شهر جا بنيادي مسئلا حل ٿيڻ تي پنهنجي ڪائونسلر شپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي   ميهڙ  پريس ڪلب ميهڙ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن  چيو ته مان مسلسل ڪيترن ئي ڏينهن کان پنهنجي ڪالوني سميت شهر جي مسئلن لاءِ چئيرمين کي چيو آهي ليڪن افسوس چئيرمين رياض مهيسر لاچاري ظاهر ڪندي ڪي به ترقياتي ڪم ناهن ڪرايا  ڪائونسلر نظير ايري جو چوڻ هو ته چيئرمين ميونسپل ڪميٽي چوي پيو ته  سي ايم او آغا سمير پٺاڻ ۽ ٽي او  فنانس عمران سيال تي الزام هڻندي چيو ته هو ڪوبه مسئلو حل نه ٿا ڪن ۽ منهنجي آڊر کي نه ٿا مڃن .  ڪائونسلر چيو ته  موبلنڪ فرنچائيز  روڊ سميت شهر جي مختلف رستن تي گندو پاڻي بيٺو آهي ڪيترائي ڀيرا اسڪول ايندڙ ويندڙ نياڻيون ڪري پيون آهن   هن چيو ته شهر جي مسئلن بابت ميهڙ تڪ جي چونڊيل ايم پي اي ۽ صوبائي وزير فياض علي ٻٽ کي پڻ شڪايت ڪئي پر ان به ڪا واهر نه ڪئي  وئي آهي جنهن جي ڪري آءُ پنهنجي ڪائونسلر شپ جي استعفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات نائين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-23

نيوز | گولاڙچي: سول سوسائٽي جي سڏ تي ڌارين کي سڃاڻپ ڏيڻ خلاف ريلي نيوز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے