25 سومر , جون 2018

عام ماڻهو وٽ صحت ۽ علاج بابت شعور گهٽ آهي اسان سموري سنڌ ۾ جديد ۽ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، ڪراچي ۾ مسلسل ڪئمپون قائم ڪري، مفت ۾ علاج ڪريون ٿا هاشماني ز اسپتال جي، سي اي او ارسلان هاشماني جو انٽرويو ۾ اظهار:انٽرويو: محمد علي نقرچ ۽ يوسف سيف -تصويرون: اعجاز ڪورائي

پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچي ۾ عوام کي علاج جون سهولتون ڏيڻ لاءِ سرڪاري توڙي خانگي اسپتالون وڏي انگ ۾ موجود آهن، انهن اسپتالن مان غريب توڙي اميرن کي صحت جون سهولتون ملڻ سنڌ جي عوام لاءِ نعمت کان گهٽ نه آهي، اهڙين اسپتالن ۾ هڪ هاشماني ز اسپتال به شامل آهي جيڪا 33 سالن کان عوام کي صحتمند رکڻ لاءِ جستجو ۾ رڌل آهي. اسپتال ۾ بهترين ماهر ڊاڪٽرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، هاڻي هي اسپتال 75 بسترن تي ٻڌل آهي. ڪراچي جي علائقي نمائش ڀرسان قائم هاشماني ز اسپتال هاڻي هڪ معتبر ادارو ٿي ويو آهي. ان جون شاخون ڪراچي شهر جي ٻين علائقن رنڇوڙ لائن، گلستان جوهر، نارٿ ڪراچي ۽ ڪلفٽن ۾ موجود آهن. ڪلفٽن جي هڪ شاپنگ سينٽر ۾ مفت ٽريٽمينٽ يونٽ آهي. ان حوالي سان عوامي آواز گروپ پاران هاشماني ز اسپتال جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ارسلان هاشماني سان  اسپتال جي ڪارڪردگيءَ ۽ عوام کي ملندڙ صحت جي سهولتن، صحت بابت سجاڳي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

هاشماني اسپتال جي سي اي او ارسلان هاشماني جو چوڻ هو ته هاشماڻي اسپتال جي شروعات 1984 کان ٿي، جڏهن ڪراچي ۾ عوام لاءِ علاج جون سهولتون بنهه گهٽ هيون، ان وقت ۾ هاشماني ز اسپتال قائم ڪري عوام کي مناسب خرچ تي معياري علاج جي سهولت جو سلسلو شروع ڪيو ويو، ان وقت ڪراچي جي ڪجهه ئي اسپتالن ۾ علاج لاءِ جديد مشينري هئي، پر اسان جي اسپتال ۾ وڌ کان وڌ جديد مشينري ذريعي علاج جي روايت قائم ڪئي وئي، ان ڪري هاشماني ز اسپتال ٻين جي ڀيٽ ۾ اڳڀري ۽ جديد آهي، هن چيو ته اسپتال قائم ٿيڻ وقت اسپتال ۾ اکين جي علاج، گائني جي علاج معالج سميت سموريون سهولتون موجود هيون، پر ڪجهه وقت کانپوءِ اسپتال انتظاميا اکين جي علاج واري شعبي ۾ وڌيڪ محنت ڪري پنهنجو پاڻ کي مڃايو. ان ڪري سموري ملڪ ۾ هن اسپتال جي سڃاڻپ اکين جي علاج فراهم ڪندڙ اداري طور ٿي وئي. ليزڪ ليزر پروسيجر سان نظر جي لاءِ طئه ڪيل نمبر جي جاچ ڪري، ان کي بنا آپريشن جي نظر کي درست ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته گذريل ٻن سالن کان اسپتال کي ٻين اهم شعبن ۾ به اڳتي آڻڻ لاءِ جاکوڙيون پيا، ان ڪري هاڻي اسپتال ۾ گائني وارڊ کان وٺي، آرٿوپيڊڪ، هرنيا، آنڊن جي بيمارين، آءِ سي يو ۽ ٻيون جديد سهولتون موجود آهن، اپڊيٽ مشينري به اسپتال ۾ آهي. هن ٻڌايو ته تازو اسان جي اسپتال ۾ هڪ پيچيده مريض جي ڪامياب سرجري ڪئي وئي آهي. هڪ مريض نه رڳو ملڪ ۾ پر پرڏيهه جا به چڪر ڪاٽي آيو پر مسئلو حل نه ٿيو. اسان وٽ آيو، ان کي پيٽ ۾ تڪليف هئي، ٽيسٽون ڪرڻ بعد تشخيص ٿي. نيٺ مشورن سان ان جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو، هاڻي اهو ٺيڪ آهي. ارسلان هاشماني چيو ته ليزڪ ليزر دنيا ۾ ته تقريبن 25 سالن کان موجود آهي پر پاڪستان ۾ اسان 2004 کان متعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ به جدت آندي وئي آهي، ان مان عوام کي وڏو فائدو پهتو آهي، هاشماني ز اسپتال جي سي اي او جو چوڻ هو ته آلودگيءَ سان اکين جي بيمارين سميت ٻيون بيماريون وڌن ٿيون، آلودگيءَ کان پاڪ ماحول ئي انساني صحت تي سٺا اثر ڇڏي ٿو پر ڪراچي ۾ گدلاڻ سان ڀريل ماحول آهي، ان ڪري عوام کي مختلف بيمارين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اسپتال جي ڪارڪردگيءَ ۽ غريب عوام لاءِ کنيل قدمن بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي ارسلان هاشماني چيو ته هاشماني ز اسپتال معيار ۽ ڪارڪردگيءَ جي ڪري ئي نالو ڪمايو آهي، اسپتال جا ماهر ڊاڪٽر هجن يا هيٺيون عملو، اهي سمورا جستجو ڪندڙ ۽ عوام کي صحتمند ڏسڻ جي جذبي تحت خدمتون سرانجام ڏين ٿا. ان ڪري ئي عوام ڀرپور موٽ ڏئي ٿو، غريبن لاءِ زڪوات فنڊ مان مفت علاج جي سهولت به موجود آهي، جنهن لاءِ به هڪ طريقيڪار جوڙيل آهي.

صحت ۽ سجاڳي بابت سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته سنڌ ۾ عوام ۾ صحت ۽ علاج بابت سجاڳي گهٽ آهي، رڳو سنڌ نه پر پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ عام ماڻهو صحت بابت گهٽ سجاڳي آهي. وقت ۽ پئسي کي بچائڻ لاءِ توڙي گهٽ شعور هئڻ ڪري عام ماڻهو سيلف ميڊيسن ڪري ٿو، پر اهو لاڙو وڌيڪ خطرناڪ آهي. ان ڪري ماڻهو جڏهن بيماري وڌي وڃي ٿي ته پوءِ علاج لاءِ ڊاڪٽر يا اسپتالن جو رخ ڪري ٿو. هر ماڻهو کي پنهنجي صحت جو خيال رکڻ گهرجي ۽ هر 6 مهينن بعد پنهنجو چيڪ اپ ڪرائڻ گهرجي. اهو چيڪ ڪرائيندڙ جي پنهنجي فائدي ۾ آهي، هن چيو ته اکين جو نور آهستي آهستي وڃڻ جي بيماري گهڻيءَ خراب آهي، اها آهستي آهستي زور پڪڙي ٿي، صحت بابت بيداري نه هجڻ ڪري ماڻهو علاج نٿا ڪرائين يا وري علاج ڪرائڻ ۾ دير ڪن ٿا، ان ڪري انهن کي وڌيڪ نقصان کڻڻو پئي ٿو، هن چيو ته بلائينڊ نيس بيماري کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي پر وقت سر علاج ڪرائڻ سان ان بيماري کي وڌڻ کان روڪي سگهجي ٿو. ارسلان هاشماني هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته اسان اکين جي علاج جي ماهر ڊاڪٽرن جي هڪ ايسوسيئيشن جوڙي آهي، جنهن جون لڳاتار ڪانفرنسون ٿينديون رهنديون آهن، جنهن دوران مختلف پيچيده بيمارين بابت بحث ڪيو ويندو آهي ۽ سينيئر ۽ تجربيڪار ماهر پنهنجي علم ۽ تجربي سان ٻين ڊاڪٽرن جي رهنمائي ڪندا آهن، جنهن سان مسلسل لکڻ ۽ سيکارڻ جو عمل جاري ساري رهي ٿو ۽ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ نين بيمارين ۽ علاج معالج لاءِ جديد دوائن، علاج بابت علم حاصل ٿئي ٿو. هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي هاشماني ز اسپتال جي سي اي او ارسلان اعلان ڪيو ته هاشمانيز اسپتال کي پوري سنڌ ۽ پوءِ پوري پاڪستان ۾ ڦهلايو ويندو، ان لاءِ عوام جي مدد جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسپتال ۾ جديد مشينري موجود آهي، هاڻي ٽرانسپلانٽ جو نئون پراجيڪٽ شروع ڪيو ويندو، جيڪڏهن عوام ساٿ ڏنو ته ڪراچي کانپوءِ ٻين شهرن ۾ به اسپتال جون برانچون کولينداسين، ان کان اڳ پوري سنڌ ۾ علاج جي مفت سهولت ڏيڻ لاءِ ڪئمپون لڳايون وينديون. هن ٻڌايو ته ڳچ عرصي کان اسان ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپون لڳائيندا رهندا آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ارسلان هاشماڻي جو چوڻ هو ته اسپتال ۾ مهانگي علاج جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي پر ڏٺو وڃي ته اسپتال ۾ جديد علاج، جديد مشينري ۽ هڪ ڇت هيٺ سموريون علاج جون سهولتون موجود آهن. جديد مشينري تي وڏي ريسرچ ٿيل هوندي آهي ۽ ان ڪري اها مهانگي ملندي آهي. ان لاءِ اسان کي به اڳيان وڌيڪ رقم ادا ڪرڻي پوندي آهي. ان لحاظ کان اسپتال مهانگي نه آهي، پر جيڪڏهن ڪو مريض غريب آهي ۽ هو درخواست ڏئي ٿو ته هو علاج جو خرچ برداشت نٿو ڪري سگهي ته ان کي زڪوات مان مفت ۾ علاج فراهم ڪيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ اسپتال جي ساک کي برقرار رکڻ لاءِ اسپتال جو عملو اسپتال ايندڙ مريضن ۽ ان جي وارثن جي بهترين رهنمائي ڪري ٿو، جنهن مان عوام گهڻو مطمئن آهي ته اسان کي به وڌيڪ جستجو ڪرڻ جو جذبو ملي ٿو.هن چيو ته علاج ۾ جدت آڻڻ لاءِ هاشماني ز اسپتال انتظاميا سيمينار ڪرائيندي رهي ٿي، جنهن سان علاج معالجي جا نوان طريقا ملن ٿا، ان کانسواءِ معياري عالمي دواساز ڪمپنين کان ئي دوا ورتي وڃي ٿي، جنهن سان مريض ٻه نمبر دوائن کان بچي وڃن ٿا، هن چيو ته هن وقت تائين محدود ڊونرن ذريعي اسپتال کي هلايو ويو آهي، سرڪار توڙي عوام کان مدد نه ورتي آهي، پر هاڻي ڪراچي کان ٻاهر  ٻين شهرن ۾ عوام کي صحت جون معياري سهولتون ڏيڻ لاءِ عوام کان مدد گهربل آهي.

هاشماني ز اسپتال جي سي اي او ارسلان هاشماڻي سنڌ جي نوجوانن کي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هو اڳتي اچن، پنهنجي صحت جو خيال رکن. هن چيو ته ڊاڪٽرن کي دوست سمجهيو وڃي ۽ انهن کي پنهنجي صحت بابت آگاهه ڪري پاڻ کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي. نوجوان انٽرشپ توڙي رضاڪاراڻي طور تي اڳتي وڌي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن ته جئين قوم صحتمند رهي ۽ ترقي ڪندي رهي.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے