21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

شاهد آفريدي جي تمام وڏي مداح آهيان: زرين خان

بالي ووڊ جي خوبصورت ۽ من موهڻي اداڪارا زرين خان ڪرڪيٽ ميدانن تي راڄ ڪندڙ شاهد آفريدي جي تمام وڏي مداح نڪتي ۽ شاهد آفريدي لاءِ پنهنجي پسنديدگي جو اظهار ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪي آهي. گذريل ڏينهن دبئي ۾ ٽي 10 ڪرڪيٽ ميلي جي فرنچائز ٽيمن جي لانچنگ تقريب دوران هن شاهد آفريدي لاءِ سڀني اڳيان پنهنجي پسنديدگي جو اظهار ڪندي چيو هو ته هوءَ شروع کان ئي شاهد آفريدي جي تمام وڏي مداح آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هوءَ پختون فرنچائز کي سپورٽ ڪري رهي آهي. ويجهڙ ۾ ئي هڪ وڊيو جاري ٿي آهي جنهن ۾ شاهد آفريدي ۽ زرين خان نظر اچي رهيا آهن. وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته زرين خان ڳاڙهي رنگ جي اسپورٽس ڪار ڊرائيو ڪري رهي آهي ۽ ان دوران بائيڪ تي سوار هڪ شخص تيزيءَ سان ان جي اڳيان نڪري ويندو آهي، ٻنهي جو ٽڪراءُ هڪ فلنگ اسٽيشن تي ٿيندو آهي جتي زرين خان کي خبر پوندي آهي ته اهو شخص ٻيو ڪو نه بلڪ شاهد آفريدي آهي. زرين خان چيو ته ”هن کي پختون هئڻ تي فخر آهي“.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے