21 خميس , جون 2018

ڪتاب اسان جا دوست آهن: ابورافع

ڊاڪٽر سنڌياچندرڪندناڻيءَ جو ترتيب ڏنل ڪتاب

سنڌ هند جون عظيم ادبي شخصيتون

جيڪو ڪم سنڌ جي ادبي ادارن (سر ڪاري توڻي نجي) ۾ نٿو ٿئي اهو هند جي ادبي ادارن ۾ ورهاڱي کانپوءِ لڳاتار ٿيندو رهيو آهي، ته اهو هيءُ آهي ته هند ۾ جنهن ليکڪ سان رهاڻ، شام يا سندس مان ۾ پروگرام رٿيو ويندو آهي، ان کي هو منظم طرح هڪ سيمينار ڪوٺيندا آهن ۽ پوءِ سيمينار ۾ پڙهيل سمورا پيپر گڏي هڪ ڪتابي صورت ۾ ڇپايا ويندا آهن. ائين ڪيترين ئي شخصيتن تي هند ۾ بيمثال ڪتاب ملي سگهندا.

ڇاڪاڻ ته ڪنهن به اديب بابت اهي ليک وقت سيڙائي لکيل هوندا آهن، ان ڪري اهي ڌيان ڏياريندڙ هوندا آهن، جڏهن ته اسان وٽ سنڌ ۾ ان جي ابتڙ ٿيندو آهي، اهڙن موقعن تي تقرير بازن جا جوهر ڏسڻ وٽان هوندا آهن ۽ اهي تقريرون به غير سنجيدا ‘‘ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽندوالهيار‘‘ واري مثال جهڙيون هونديون هن فنڪشن ختم تقريرون هوا ۾ گم.!

اڄ ڪلهه ته نهايت اهم موقعن تي به ائين ئي ٿي رهيو آهي، جنهن سان ڪنهن به قسم  لاڀ سنڌي ادب کي پوڻو نه آهي، بهرحال ڪيئن به هند ۾ اهڙي ئي قسم جو هڪ سيمينار نَون ۽ ڏهه اپريل ٻه هزار سترنهن تي شريمتي چاندي ٻائي ڪاليج الهاس نگر ۾ ڪيو ويو. جنهن جي ڪرتا ڌرتا هئي اسان جي ڀيڻ ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي.

ٻن ڏينهن جي هن انٽرنيشنل سيمينار جو عنوان هئو ‘‘سنڌ هند جون عظيم ادبي شخصيتون’’ ۽ هنن شخصيتن ۾ ڪوتاڪار، ڪهاڻيڪار ۽ نقاد شامل هئا، جيڪي آهن، واسيديو موهي ڪوتاڪار شوڪت حسين شورو، (ڪهاڻيڪار) ۽ پروفيسر هيرو شيو ڪاڻي (نقاد) سيمينار ٿي گذريو، سموري ڪاروائي هن ڪتاب ۾ آهي، جنهن ڪتاب تي مان لکي رهيو آهيان. مٿين ليکڪن تي پڙهيل سمورا پيپر سهيڙي ڊاڪٽر سنڌيا چند رڪندناڻي هڪ ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪري ورتا آهن. ڪتاب جو نالو آهي ‘‘سنڌ هند جون عظيم ادبي شخصيتون’’ ۽ انهن ئي شخصيتن جون گڏيل تصويرون ڪتاب جي ٽائيٽل تي ڏنل آهن.

ائين هن سانڍڻ جهڙي ڪتاب جي ترتيب ۾ پهريون حصو سنڌي ٻوليءَ جي ڪهاڻيڪار، تقاد ۽ تعليمدان پروفيسر هيري شيو ڪاڻيءَ کي ڏنل آهي ۽ ان حصي ۾ هيري شيوڪاڻيءَ جي فن، شخصيت ۽ ٻين حوالن ۾ ست مقالا ڏنل آهن. ساڳئي وقت انهن مقالن تي وري الڳ الڳ عالمن جا ويچار آيل آهن جيڪي به ڪتاب ۾ شامل آهن. جهڙوڪ هيري شيوڪاڻي صاحب تي چوڏهن عالمن، اديبن جا ليک هڪ ئي وقت محفوظ ٿيل آهن، جن ۾ سندس علمي، ادبي ۽ تنقيدي ڪم جي هڪ ننڍي جهلڪ ئي آهي، ڇاڪاڻ ته هيري شيوڪاڻي صاحب جي ادبي ڪم جي ڪٿ لاءِ هڪ کان وڌيڪ ڪتاب گهرجن، سندس ڪٿ ڪن مقالن ۾ڪرڻ کان گهڻي ۽ وڏي آهي.

هن ڪتاب جو ٻيو حصو سنڌي ٻوليءَ جي جديد ڪوتاڪار ۽ ڪهاڻيڪار به، ڇاڪاڻ سندس ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب به شايع ٿيا آهن. دلبر واسديو موهيءَ کي ڏنل آهي. هن ڀاڱي ۾ واسديو موهيءَ جي تخليقي ڪم تي ۽ شخصي زندگيءَ تي پنج مقالا آهن. جئين ته هر مقالو هڪ ٻئي عالم، اديب جي صدارت هيٺ پڙهيل آهي ۽ ان مقالي ۾ ان عالم ۽ اديب جا ويچار به آهن ته ان حساب سان جهڙوڪ ڏهه ليک واسديو موهيءَ جي ادب ۽ شخصيت بابت آهن. جيتوڻيڪ واسيديو موهي اڄ جي لکندڙن جو سرواڻ ليکڪ آهي، هاڻ ته هو پنهنجي ڪهاڻيءَ معرفت به سنڌي ادب کي گهڻو ڪجهه ڏيئي رهيو آهي.

ڪتاب جون ٽيون ۽ آخري ڀاڱو سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري جي نانءُ آهي ۽ هيءُ ڀاڱو لڳ ڀڳ مٿين ٻنهي ڀاڱن جيترو ئي آهي، مجموعي طور ڪتاب جو وڏو حصو سنڌ جي ڀاڳ ۾ ئي آيل آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي اسلوب جي ڪهاڻي لکندڙ شوڪت حسين شوري جي فن ۽ شخصيت بابت هن ڪتاب ۾ سورنهن مقالا آهن ۽ انهن مقالن تي ڳالهائيندڙ سورنهن عالم ۽ اديب آهن، جيڪي ٻٽيهن ليکڪن جي انگ ۾ موجود آهن.

ڪتاب جي مٿئين ترتيب مان ظاهر آهي ته هيءُ ڪتاب ڪيترو اهم آهي، جنهن طرح جا ڪتاب سنڌ ۾ اڻ لڀ آهن. هن ڪتاب ۾ ٽن ليکڪن تي جيڪي ليک ڏنا ويا آهن، اهي ظاهر آهي ته گهڻ رخا آهن ۽ يقينن اهي ڌيان سان لکيا ويا آهن، اهي اديبن، عالمن جا لکيل مقالا آهن، تقريرون نه آهن، جيڪي هوا ۾ اڏامي وينديون آهن.

ٽن اديبن جي ادبي اوک ڊوک ڪرڻ ۽ ان سموري ڪم کي ڪتابي شڪل ڏيڻ لاءِ سچ پچ ڀيڻ سنڌ يا چندن ڪندناڻي جس لهڻي. ڪتاب جا ڪي پيپر سنڌي ادب جي تنقيد يا مٿين ٽن عالمن، اديبن جي حوالي ۾ نهايت اهم پيپر آهن، جيڪي ڪنهن به طرح سنڌ ۾ پڻ ڇپجڻ گهرجن. ٻيءَ طرح هن ڪتاب ۾ مختلف حوالن ۾ اڄ جي هند جي سنڌي ادب جي ڪهڪشان موجود آهي. شايد اڄ جي تاريخ تائين هيءُ آخري سيمينار آهي، جنهن ۾ هند جا سڀ عالم ۽ اديب گڏ ٿيا آهن. اڪثر ائين ٿيو گهٽ آهي، ان جاکوڙ لاءِ به ڀيڻ سنڌيا جس لهڻي ٿي.

گهٽ ۾ گهٽ شايد آخري ڀيرو ئي هند جي اديبن کي وڏي انگ ۾ گڏ ٿيڻ جي خوشي اندر کي آٿت ڏئي ٿي، ظاهر آهي ته سڀني کي گڏڻ لاءِ اسان جون مان واريون ادبي شخصيتون ئي اهم آهن، جن سان هن وقت مان ‘‘عظيم’’ لفظ ڪونه ٿو ڳنڍيان. سندن تخليقي ادب ۾ پنهنجو پنهنجو اهڙو حصو آهي، جنهن کي سنڌ سدائين ياد رکندي ۽ پڪ هن سيمينار ۾ هند جا اديب ۽ عالم به ياد رکندا. ڪتاب ۾ شامل هر مقالي / ليک تي ۽ مجموعي طور ڪتاب تي تفصيلي اڀياس لکڻ لاءِ وقت ڪڍڻ گهرجي، پڪ سان هيءُ ڪتاب ۽ ان ۾ لکيل مضمون، مقالا ۽ ليک هڪ اڀياس جا گهر جائو آهن، جيڪو هند يا سنڌ جو ڪونه ڪو ليکڪ لکي وٺندو. ان کان اڳ هن املهه ڪتاب خاص طور هند ۽ سنڌ جي سنڌي ادب ۽ اديبن جي جوڙيندڙ ڪتاب جو تعارف ته اچڻ ئي گهرجي. ڪتاب سنڌ ۾ وري ڇپائڻ جهڙو آهي، ضرور ڇپجڻ گهرجي، ڪتاب ۾ ٽنهي اديبن جي ورهايل حصن ۾ انهن جي زندگي جو تصويري سفر پڻ ڏنل آهي ته ساڳئي وقت مقالا پڙهندڙن جون تصويرن به آخري حصي ۾ ڏئي ڪتاب جي اهميت کي وڌايو ويو آهي. ڪيئن به هن لاجواب ڪتاب ۽ سيمينار لاءِ اسان جي ڀيڻ ڊاڪٽر سنڌيا چندرڪندناڻي، جيڪا هن ڪتاب جي سهيڙيندڙ به آهي احترام لهڻي. ڪتاب ۾ ٻه سئو صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه ساڍا ٽي سئو روپيا آهي، ڪتاب جو ڇپائيندڙ ادارو آهي روي روشن پبليڪيشن، ٿاڻا ايسٽ ممبئي.

نذير سومري صاحب جو لطيف شناسيءَ بابت ڪتاب

اک الٽي ڌار

شاهه سائينءَ تي گهڻو ئي لکيو ويو آهي ۽ لکيو پيو وڃي، اميد آهي ته لکبو به رهبو..!

ڪجهه به لکڻ جيڪڏهن فقط لکڻ لاءِ آهي ته اهو لکندڙ کي تسڪين ته ڏئي سگهي ٿو، پڙهندڙن لاءِ ان ۾ ڪجهه هجي، اهو ڏاڍو ڏکيو آهي.

ائين به آهي، فقط پڙهندڙن لاءِ لکيو وڃڻ، ٻي معنٰي ۾ پڙهندڙن جو مزاج آڏو رکي لکڻ به فقط لکڻ لاءِ ئي آهي. اهو اعليٰ لکڻ يا تخليقي توڙي تنقيدي لکڻ گهٽ ئي آهي. نالو ڪمائڻ يا ڳڻائڻ لاءِ لکڻ به اهڙو ئي آهي، جهڙو ا ڄ ڪلهه سنڌي موسيقيءَ ۾ ٿي رهيو آهي، شايد سنڌي ۾ تنقيد نه هجڻ سبب ان جو معيار، خاص طور شاعريءَ جو معيار جنهن تيزيءَ سان هيٺ لهي رهيو آهي اهو ادب لاءِ ڏکوئيندڙ مرحلو آهي.

اهڙي ماحول ۾ اديبن جي دائري ۾ نه شامل ٿيل نالن مان هڪ نالو اخبار جي معرفت پنهنجي لکڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرائي ويو، اهو نالو نذير سومري صاحب جو هو. تازو سندس چوٿون ڪتاب ڇپيو آهي، جنهن جو نالو آهي ‘‘لک الٽي ڌار’’ پڪ سان هو جيئن سماج کي الٽي اک سان ڏسي ٿو تيئن هن شاهه سائين جي شاعريءَ کي روايتي انداز ۾ ڏيڻ بجاءِ الٽي اک سان ئي ڏٺو آهي.

اهڙو اڀياس هن پنهنجي ڪتاب ۾ پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، سندس اک اول آخر شاهه سائينءَ کي هڪ تخليقڪار ۽ ويچارڪ جي دائري ۾ ڏٺو آهي، اهڙو سڀ هو پاڻ به اظهاري ٿو.

نذير سومري صاحب جي لکڻي نهايت سنجيده قسم جي ۽ وڻندڙ ته آهي ئي پر هن شاهه سائين جي شعرن جو جنهن طريقي اڀياس ڪيو آهي ۽ اهو پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڏنو آهي، اهو شاهه سائينءَ تي ڪجهه به نئين لکڻ ڏانهن وٺي ويندڙ آهي، ان ڪري هن ڪتاب جي اهميت نئين نموني جي آهي ۽ رهندي.

هن ڪتاب ۾ سُر سهڻيءَ جو اڀياس تفصيلي آهي، ڪجهه سر مومل بابت ۽ ڪجهه سر کنڀات بابت ليک آهن، پر اهي روايتي / عام نه آهن، ڪجهه نئون ڏين ٿا ۽ محسوس ڪرائين ٿا.ڪنهن به اعليٰ تخليقڪار کي پنهنجي تخليق ۾ ڏسڻ ۽ سمجهڻ لاءِ هيءُ ڪتاب شايد نصابي نموني لکيل ڪتابن کان الڳ ٿلگ ٿي بيهي، قبوليت ماڻڻ يا نه ماڻڻ، ڪتاب لاءِ اهم مسئلو نه آهي، ڪو به ڪتاب ڪجهه نئون ڏئي، اهو ڪيترو به ٿورو هجي، گهڻو سمجهڻ گهرجي ۽ هيءُ ڪتاب نئين ڏانهن شروعات آهي، ڇاڪاڻ ته اهو الٽي اک جو جانچڻ آهي، اهڙي جاچنا گهڻو ڪجهه پاڻ ۾ سانڍيندي آهي.

تجربي جي گنجائش ئي ڪنهن به ادب کي اڳتي وڌائيندي آهي. شاهه سائينءَ تي هن نموني جو لکڻ هڪ نئون تجربو به آهي، عام پڙهندڙن لاءِ اهو گهڻي ڀاڱي ڪم جو نه آهي، ڪنهن ويچارڪ لاءِ اهو انتهائي اهم آهي.

نذير سومرو صاحب هڪ ذهين لکندڙ به آهي ته پڙهندڙ به، اهڙو سڀ سندس ڪتاب ٻڌائي ٿو، جيڪو ڪنهن به طرح پڙهڻ جهڙو آهي، پر ذهن جي تازگيءَ سان، سفر ۾ پڙهڻ جهڙو هيءُ ڪتاب نه آهي. ٻيءَ طرح هر سنجيده لکڻي پنهنجي لاءِ وقت گهرندي آهي. هن ڪتاب لاءِ وقت ڪڍڻ وقت کي سجائي استعمال ڪرڻ برابر آهي، اهڙي ماحول ۾ جنهن ۾ اسان جو گهڻو وقت اجايو گذري ٿو.

ٽن سون تي ٻڌل پڪي جلد واري هن ڪتاب جو ملهه ٽي سئو روپيا آهي ۽ ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آهي، ڪتاب جو بنيادي ٿيم ڪتاب جي جي ٽائيٽل تي هنن لفطن ۾ اظهاريل آهي

دنيا جي پهرئين فيمينسٽ شاعر جو الٽي اک سان اڀياس.

سنڌ جي تهذيب جي عمر وڌائيندڙ هڪ اهم ڪتاب

سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو

سنڌ سان اڻ ميو پيار ڪندڙ ۽ پنهنجي سموري ڄمار سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ، شاعر، تاريخ جا پيرا کڻندڙ ۽ قومي ڪارڪن سائين مشڪور ڦلڪاري جو نالو سنڌي قومي ادب ۾ نئون نه آهي. مونکي حيرت جي حد تائين سندس هن ڪتاب ۾ ڏنل تاريخ بنهه نئين محسوس ٿي آهي، مونکي اعتراف آهي ته مشڪور ڦلڪاري صاحب جي تاريخ ۽ تحقيق سان ايتري لڳاءُ جي سُڌ نه هئي. هيءُ سندس ڪتاب سنڌ جي تاريخ جي ڇنڊڇاڻ جي سفر جي هڪ نئين وک آهي، اهڙو اظهار ڪتاب جي مهاڳ ۾ سنڌ جي ذهين ۽ تاريخ جي ڄاڻو محترم يوسف شاهين صاحب پڻ ڪيو آهي.

ڪوهستان بابت ٻيا به ڪتاب آهن ۽ تحقيق سدائين اڳتي وڌڻي آهي، پڪ سان جڏهن به سفر وڌنڌو ته هيءُ ڪتاب انهيءَ سفر ۾ هلندڙن جي رهنمائي ڪندو. ڪوهستان جيڪو سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ محققن جي نظر ۽ سفر کان ڪجهه ڀرپور رهيو آهي، جنهن جا سبب ڪيترائي ٿي سگهن ٿا ۽ انهن سڀني سببن کي پٺي ڏئي سائين مشڪور ڦلڪارو ڪوهستان جا سفر ڪري، سنڌ جي تهذيبي اهڃاڻن جي جيڪا کوج ڪئي آهي. اڄ جي انٽرنيٽ تي ويٺل اديبن ۽ محققن جي وس کان اها ٻاهر آهي ۽ هن پورهئي لاءِ ادارن کي ئي اڳواڻي ڪرڻ گهرجي، پر شايد هڪ شخص / سنڌ جو عاشق ئي ائين ڪري سگهي ٿو.

محبت وڌي آهيان مامري

نه ته ڪير ڪشالا ڪري

سائين مشڪور ڦلڪاري جي ڪشالن جو ثمر هيءُ ڪتاب آهي، سنڌ جي تهذيبي عمر جو ڪاٿو، عالمن ۽ محققن موهن جي دڙي کي سامهون رکي ڪيو آهي. اڄ جڏهن دنيا جا چڱا موچارا، آرڪيالاجيءَ جا ڄاڻو، اهو چوڻ ۾ خوش ٿين ٿا ته موهن جي دڙي جي تهذيب دنيا جي اولين تهذيب آهي، تڏهن هن ڪتاب ۾ ڪي اهڃاڻ اهڙا به ڏسيا ويا آهن، جن جي عمر موهن جي دڙي کان به گهڻي آهي ۽ اهو سڀ اهو ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي تهذيب موهن جي دڙي کان به وڌيڪ پراڻي آهي. اها ڳالهه زباني نه آهي، پنهنجي سمورن حوالن، اهڃاڻن سميت هن ڪتاب ۾ موجود آهي ۽ انهيءَ لکت کي وڌيڪ سچو ثابت ڪرڻ لاءِ انهن اهڃاڻن جي تصويري صورت به هن ڪتاب ۾ موجود آهي.

هن ڪتاب کانپوءِ سچ پچ جيڪڏهن سنڌ جي تهذيب لاءِ ڪا نئين تحقيق ٿئي ٿي ته ان لاءِ هن ڪتاب جو ترت انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ گهرجي.

سنڌ جو ثقافت کاتو، سنڌ جي تاريخ لکرائي رهيو آهي ۽ ڪي پراڻا ڪتاب، جن جو واسطو تاريخ سان آهي، ڇپرائي رهيو آهي، تڏهن سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ تي هن املهه ڪتاب کي کاتي پاران انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرائڻ گهرجي. ممڪن آهي ته دنيا جي آرڪيالاجيءَ ماهرن لاءِ ڪجهه نئون ظاهر ٿي پوي، سنڌ حڪومت کي ۽ ثقافت کاتي کي قديم آثارن واري کاتي کي به هن ڪتاب بابت ويچارڻ گهرجي.

سنڌو ماٿريءَ تي جيڪا تحقيق ٿي رهي آهي اها خود هڪ سوال آهي. دنيا جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويل ملڪ نظرانداز ته ٿيڻا آهن ئي ۽ ائين سنڌ به گهڻي نظرانداز ٿي آهي، پر جن محب وطن محققن هن ڪتاب جهڙا نتيجا ڏنا آهن، انهن ڏانهن ادارن کي ڌيان ڏيڻ جڳائي.

سائين مشڪور ڦلڪاري جو هي سنڌ جي تهذيبي عمر وڌائيندڙ اهم ڪتاب گهربل ادارن ڏانهن وڃڻ گهرجي ۽ اهڙو بندوبست ثقافت کاتي کي ڪرڻ کپي.

ڪيئن به هجي هيءُ اهڙو ڪتاب آهي جيڪو پڪ سان آرڪيالاجيءَ تي ڪم ڪندڙ محققن ۽ تاريخ تي ڪم ڪندڙن لاءِ اتساهه جو سبب بڻجندو. هن ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته هن کي لکڻ ۾ ڪيترا سال لڳا هوندا، جنهن لاءِ سائين مشڪور ڦلڪاري جي ۽ سنڌ جي تهذيب توڙي تاريخ سان محبت واري جذبي کي جس هجي..!

سوا ٻن سون واري هن ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ ڪوهستان جي تهذيب، تاريخ ۽ قدامت بابت ليک آهن ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ انهن شخصن، عالمن، اديبن، محققن، سگهڙن ۽ ڪوهستان جي سک ۽ سهنج لاءِ سوچيندڙن ۽ لوچيندڙن توڙي ان جي ادب، ثقافت ۽ سماجي واڌاري لاءِ جيڪي خدمتون ڪندا رهيا آهن، انهن جو تذڪرو آهي. پڪي ۽ خوبصورت ٽائيٽل واري ڪتاب جو ملهه چار سئو روپيا آهي، ڪتاب کي ڇپائيندڙ ادارو آهي ريڊيو وائيس آف سنڌ، لنڊن ۽ سهڪاري آهي، ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سنڌي ادبي سنگت يوڪي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے