18 اربع , جولاءِ 2018

بي عمل قانون سازي سنڌي عورت کي انسان ڪڏهن سمجهيو ويندو؟:ڊاڪٽر غزاله پنهور

سڄي دنيا ۾ صنفي بنيادن تي تشدد خلاف جاڳرتا لاءِ 25 نومبر کان 10 ڊسمبر تائين 16 روزه ايڪٽوازم مهم هلائي وئي. 25 نومبر عالمي طور عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جڏهن ته 10 ڊسمبر وري انساني حقن جو ڏينهن هو. انهن 16 ڏينهن کي ملهائڻ جو سبب عام ماڻهو توڙي حڪومتن تي اهو زور وجهڻ ۽ ڄاڻ ڏيڻ آهي ته عورتن تي تشدد انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. ان ڄاڻ، شعور ۽ سنڌ ۾ عورتن تي تشدد خلاف آگاهي باوجود هر گذرندڙ ڏينهن تشدد ۽ ظلم جي واقعن ۾ گهٽتائي اچڻ بدران واڌ ٿيندي رهي ٿي.

انساني حقن جا علمبردار، عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ساڃاهه وند، سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارا، سڀني جي سُئي قانون جي حڪمراني تي اٽڪيل آهي. غور طلب ڳالهه اها آهي ته قانون ٺاهڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ وارا ڪي آسمان تان لهي ڪو نه ايندا. سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن عورتن تي تشدد جا وڌندڙ ڪيس ڏسي اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته حڪومت عورتن تي تشدد خلاف قانونسازي ڪرڻ باوجود ان کي روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ڇو ته اسان جو سماج بنيادي طور تي پدرشاهي سماج آهي ۽ قانون تي عمل ڪرائيندڙ به ان ئي سماج جي پيداوار آهن ۽ ان ئي سماج ۾ موجود سماجي، معاشي اڻبرابري سان جڙيل آهن.

تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته هڪ طرف عورتن تي تشدد خلاف قانون ۾ جهول آهن ته ٻئي طرف ان تي عمل ڪرائڻ وارو ميڪنزم به اڻپورو ۽ اڻ چٽو آهي. رپورٽ ٻڌائي ٿي ته ان قانون تي عمل ڪرائيندڙ سڀئي ڌريون عدليه، وڪيل، ميڊيڪو ليگل آفيسر، پوليس ۽ دارالامان عورتن تي تشدد جي اشو تي عملي طور گڏ نه آهن. رپورٽ مطابق 80 سيڪڙو ماڻهن کي ان قانون بابت ڪا خاطر خواهه ڄاڻ نه آهي، جڏهن ته پوليس اسٽيشنز تي عورت اسٽاف نه هئڻ جي برابر آهي.

مٽياري ضلعي ۾ ڊي پي او آفيس ۾ رڳو ٻه عورت ڪانسٽيبل مقرر ٿيل آهن جيڪي سدائين بوقت ضرورت ڊيوٽي تي حاضر ٿينديون آهن، سڄي ڄامشوري ضلعي ۾ رڳو 19 ليڊي پوليس آفيسرز آهن جن کي به عورتن سان ٿيندڙ مسئلن بدران ڪي خاص اسائينمينٽس مليل هونديون آهن. صحت کاتي جو به ساڳيو حال آهي، ڪجهه خاص شهرن جي اسپتالن ۾ ميڊيڪو ليگل آفيسر موجود آهن جن ۾ به ليڊي ڊاڪٽرز جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي جن وٽ نه اوزار آهن نه فنڊ، باقي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڊاڪٽرن کي عورت تي ٿيندڙ تشدد خلاف قانون جي ڄاڻ ڪهڙي هوندي.  تشدد سبب عورتن جي واحد پناهه گاهه دارالامان آهي جنهن جي پڻ بجيٽ گهٽ هئڻ ڪري اتي کاڌي ۽ رهائش جي حالت تمام خراب نظر اچي ٿي. ساڳي وقت اُتي عورتن کي ڪجهه ٻيا مسئلا به درپيش آهن جن ڏانهن پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ حڪومت عورتن جي تحفظ ايڪٽ 2013ع جي ميڪنزم ۾ واضح طور چيو آهي ته قانون تي ڪاميابي سان عملدرآمد ڪرائڻ ۽ ان جي آگاهي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن پر بدقسمتي سان عورتن تي تشدد خلاف قانون کان نه رڳو عوام پر لاڳاپيل ادارا پڻ اڻڄاڻ آهن، ڪيترين ئي قانوني رڪاوٽن ۽ ڏکيائين جي ڪري قانون ۾ ڪيترائي خلا موجود آهن جنهن ڪري آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪيس گهريلو تشدد جا رپورٽ ٿين ٿا، اڄ تائين سڄو فوڪس ان ڳالهه تي ئي رهيو آهي ته ان قسم جي قانونسازي ڪئي وڃي ته جيئن عورت آواز اٿاري ۽ حق وٺڻ لاءِ اڳتي اچي. جڏهن ته معاشرو عورت کي اڳتي آڻڻ لاءِ تيار ئي ناهي پر پوءِ به ان قانون جي ڪري پدرشاهي سماج تي ان جي ڪري دٻاءُ ضرور وڌيو آهي ڇو ته تشدد جون پاڙون پدرشاهي نظام ۾ موجود آهن، ان سان گڏ سرمائيداراڻي نظام  ملي ڪري قانون جي مدد سان استحصال ۽ تشدد جي رڳو شڪل بدلائي آهي، جيستائين اسان اهو نه سمجهنداسين تيستائين ڀلي ڪيتري به قانونسازي ٿئي پر اها عمل جوڳي ۽ اثرانداز ڪڏهن به نٿي ٿي سگهي.

اڄ به ساڳيو ئي وڏيرو اسيمبلي فلور تي ويهي عورت ميمبرن جي تذليل ٿو ڪري، پنهنجي تڪ، علائقي ۾ ظلم جي انتها ڪريو ويٺو آهي، وڏيرن جي چوڻ تي ٻڌڇوڙ جو ساڳيو ئي سلسلو جاري آهي، اهڙي سماج ۾ عورت وٽ پنهنجي جان بخشي لاءِ سماج دشمنن آڏو رضا تي راضي رهڻ کان سواءِ ٻي ڪا به واهه نه ٿي بچي، جنهن سماج ۾ عورت لاءِ تعليم، روزگار، صحت جا دروازا بند هجن اها آخر ڪيڏانهن وڃي؟ ڇا درالامان ان کي اهو اَمانُ ڏئي سگهي ٿو جنهن جي هوءَ متلاشي آهي. هن سماج ۾ ان قسم جو قانون ڪاغذ جي ٽڪري کانسواءِ ڪجهه به نه آهي جيڪو ڄڻ ته عورت جي حالت تي چٿر ڪري رهيو هجي ڇو ته ان ڳالهه جو جواب ڪنهن وٽ به ناهي. آخر حڪومت سنجيده آهي عورت کي تحفظ ڏيڻ ۾؟

(ليکڪا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالاجي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي.)

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے