16 سومر , جولاءِ 2018

17 ڊسمبر… سعيد ميمڻ جي پهرين ورسي تي ڀيٽا سعيد سُتل آهي:عادل عباسي

هر ادبي دور پنهنجي اظهار جا نرالا ۽ نت نوان زاويا دريافت ڪري وٺندو آهي، جن کي سمجھڻ ۽ پُرجھڻ کانپوءِ انهن کي ماپڻ، لِيڪڻ ۽ انهن جي تور تَڪَ ڪرڻ پنهنجي دور جي ليکڪ لاءِ لازم ۽ ضروري آهي، ڇوته هر دور کي پنهنجو شعور ۽ پنهنجي ڏاهپ هوندي آهي. دراصل ليکڪ ۾ موجود جستجو ۽ ذوق ئي ان کي حاضر دور جي شعور ۽ سمجھ ـــ پُرجھ تائين رسائي ڏيندو آهي. ادراڪ جا اهڙا مامرا هميشه سادگي کان پيچيدگي ڏانهن سفر ڪندا آهن ۽ ليکڪ انهيءَ سفر ۾ جيئن جيئن اڳتي وڌندو ويندو آهي، تيئن تيئن اظهار جا ملائم ۽ ريشمي تاڪيا مٿس کلندا ويندا آهن، نتيجي طور هُو نيٺ پنهنجي تخليق جي مثالي ۽ منفرد ماڳ کي ماڻي وٺندو آهي.

هر شاعر جي داخلي ڪائنات جا پنهنجا پنهنجا مظهر هوندا آهن. سندس تخليقن جا گِرھ ۽ اُپگِرھ پنهنجي داخلي ثقل تي گردش ڪندا آهن. وٽس اظهار جو هڪ وسيع نظامِ شمسي هوندو آهي، جيڪو سندس تخيل کي حرارت ۽ تخليق کي توانائي فراهم ڪندو آهي.

سعيد ميمڻ جديد سنڌي شاعري جي نظامِ شمسي جو اهو روشن ستارو آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت روايت، ڪلاسيڪيت ۽ جديديت وارو اظهار تخليق جي طاقتور هٿيارن سان هٿياربند ٿي نروار ٿيو آهي. وٽس لقائن جي ادراڪ جي به پنهنجي قوت ۽ ڪمال آهي ته لفظن جي اظهار جو به پنهنجو الڳ اسلوب ۽ انفراديت آهي. سندس شاعري ۾ محاڪات کان ويندي داخليت تائين تخيل جا سوين اعجاز طورسينا جي تجلي جيان اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏين ٿا. مان اها ڳالھ بغير ڪنهن وڌاءَ جي چوان ٿو ته سعيد ميمڻ، شيخ اياز کانپوءِ اهو واحد شاعر آهي جنهن جي وائيءَ جي ڊڪشن کي سڀ کان وڌيڪ “فالو” ڪيو ويو ۽ جنهن پنهنجي اسلوب ۽ ڊڪشن جا پنهنجي ايندڙ ٽهي تي اثر ڇڏيا. سندس شاعراڻي ۽ شخصي سڀاءَ ۾ ڪوبه ٽڪراءُ نه هو، جهڙو سندس شخصيت جو مزاج هو تهڙوئي سندس شاعري جو. نه وٽس ڏيکاءُ هو، نه منافقي، نه پاليسي بازي ۽ نه ئي ڊپلوميسي. هو جهڙو اندر هو تهڙوئي ٻاهر هو.

سعيد ميمڻ پنهنجي پيار جي ميراث ڪنهن کي ارپڻ چاهي پر کانئس ڪو وٺڻ وارو ڪونه هو، جنهن جو اظهار ڪندي هو چوي ٿو:

منهنجي عينڪ جا شيشا نه ديوار ها،

تو اکين  ۾ اچڻ  ئي نه  چاهيو  هيو.

هُو اهو سانورو جوڳي هو جنهن جي ٽُٻڻي ۾ نانگ بدران دل هئي، جنهن کي هن ڪنهن حسينا جي ناٽ تي نچائڻ چاهيو پر اهو پيار سندس آٿت بڻجڻ بدران روڳ ۽ رسوائي بڻجي ويو. هو اهڙو کاهوڙي هو جيڪو پنهنجي ڪلهي ۾ محبت جي بُجڪي لٽڪائي بَن بَن ڀٽڪندو رهيو ۽ پرينءَ سان ملڻ جي آس ۾ سدائين سندس نيڻ سفر ۾ رهيا پر سفر جي ايڏي ڪشالي باوجود کيس پيار جي منزل نه ملي، شايد هن هڪ ڀيانڪ اونداهي جو سپنو ڏٺو پئي ۽ هڪ نهايت تاريڪ ۽ ڪاري بر ۾ چنڊ کي چاهڻ جي غلطي ڪئي هئي، تنهن هوندي به هُو اهڙا خواب ــ چارا ضرور ڇڏي ويو، جنهن تي پنڌ ڪندي سندس پيرن جا نشان اڄ به ساڀيان ڳولي رهيا آهن. هُو اهڙو پيغمبر هو جنهن وٽ موسٰي جي عصا ته ڪونه هئي پر مٿس هر وقت درد جون آيتون لهنديون هيون، جيڪي بعد ۾ صحيفن جي صورت وٺي اسان جي شاعراڻي تلاوت جو حصو بڻيون. هُو بنيادي طور صوفي مزاج ماڻهو هو جنهن ڪري سندس شاعري ۾ تصوف واري رنگ کي پسي سگھجي ٿو. عشق بابت هر صوفي مڪملتا جو منڪر رهيو آهي ڇوته صوفين وڇوڙي کي ميلاپ تي ۽ فراق کي وصال تي فوقيت ڏني آهي جيئن شاھ سائين چيو “جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي” ته سعيد به انهيءَ صوفياڻي راھ جو پانڌيئڙو هوتنهنڪري هُو به پيار کي ڪڏهن به ميلاپ سان مشروط نٿو ڪري ۽ نه ئي عشق کي مڪمل يا مطلق سمجھي ٿو. سندس خيال آهي ته اسان جو عشق اڻپورو آهي يعني اهو نه ته ڪنهن جي ملڻ سان مڪمل ٿئي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن جي نه ملڻ سان فنا ٿئي ٿو. هونئن به سعيد سوڌو هر شاعر بنيادي طور پنهنجي فطرت ۾ سدائين اڻپورو، پياسو ۽ ڳولائو رهي ٿو، جيڪو پنهنجي ڪرب کي بانسري بڻائي ۽ دل دنبورو ڪري، سِر جي صدا هڻي ڪنهن ٻيجل جو منتظر رهي ٿو ته من ڪو سِر جي صدا هڻي ته سِر وڍي سَرهو ٿجي. سعيد ميمڻ پنهنجي دور جو سرموڙ هوندي به ڪڏهن ڪا دعوٰي نه ڪئي، هن پاڻ کي نه ڪڏهن بحرِ بيڪران سمجھيو ۽ نه ئي وشال سمونڊ، هن چيو ته آءٌ قلزم نه پر قطرو آهيان ۽ آءٌ سمونڊ نه پر آءٌ لهر سمونڊ جي آهيان. اهري نهٺائي ۽ نماڻائي وارو درويش ۽ فقير صفت سعيد اسان کان ايئن وڇڙي ويندو اهو ته اسان سوچيو به ڪونه هو پر پوءِ به هُو هميشه لاءِ هليو ويو، هاڻي اها ميار موت کي ڏجي، تقدير کي ڏجي يا تقدير لکڻ واري کي. سعيد اهو ڪوري هو جيڪو پنهنجي تخليق جو ايترو ته سُٽ ڪَتي ويو جنهن جي ڌاڳن مان لفظن جا هزارين ٿانَ، سنڌ جي شاعراڻي بازار ۾ املھ آهن. افسوس ته هن ڪاپائتي شاعر وارو ازل جو آڏاڻو بس ايتري ئي ململ ٺاهي سگھيو پر اها به سنڌ جي ململ وانگر ڏيهان ڏيھ مشهور ٿي. سعيد ته اسان کان هٿ ڇڏائي هليو ويو پر پويان سموريون موسمون ملهار ڪري ويو، هاڻي ته هر اک آلي آهي ۽ هر منظر مينهوڳي ڀاسي ٿو ۽ عاقل ڏانهن ويندڙ آلا دڳ برسات ۾ تَرِ ٿي ترايون بڻجي ويا آهن ۽ سنڌ جي سڄي ادبي دنيا طوفانِ نوح جي لپيٽ آهي.

سنڌ جي هن فقير شاعر جنهن ڪيترائي سال اڳ پنهنجي معصوم پُٽَ جي وڇوڙي تي هڪ وائي ۾ اهو سوال ڪيو هو ته “هي ڪنهنجي قبر تي، سعيد سُتل آهي” هاڻي ان ئي سوال جي جواب ۾ ان ئي قبرستان ۾ سعيد پاڻ سُتل آهي. جنهن ڪري هاڻي ان سوال پُڇڻ جو وڌيڪ ڪو جواز نٿو رهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے