17 اڱارو , جولاءِ 2018

روميءَ جي رهاڻ…..روميءَ جي ورسيءَ جي حوالي سان سنڌي سونهي سنڌين کي …..!!:نوراحمد جنجهي

ڊسمبر جي 17 هين تاريخ  پاڻ سان تاريخ جا انيڪ درد ياد ڏياري ٿي جن جي دنيا جي گولي تي، اسان جي ڌرتيءَ تي گهري ڇاپ آهي. اڄوڪي  تاريخ  تي  مولانا جلال الدين رومي هن دنيا مان منهن مٽايو . سندس لاڏاڻي جو وقت به دلچسپيءَ وارو هو. محترم قاضي سجاد حسين (مثنوي ، مولوي معنوي ، جلد 1  مقدمو ، ص 12) مطابق ”انهن ڏينهن ۾ قونيه ۾  وڏو ڀون ڪنپ يعني زلزلو آيو . چاليهن ڏينهن تائين  زلزلي جا لوڏا ايندا رهيا. ماڻهو پريشان ٿي پيا ته آخر زمين لُڏڻ بند ڇونٿي ڪري.  قونيه جي شهرين جڏهن ان پريشانيءَ جو حال مولانا روميءَ سان اوريو ته مولانا کين وراڻي ڏني ته ڌرتي بُکايل آهي ، کيس سڻڀو گراهه گهربل آهي ۽ انشاءَ الله جلد ئي ڪامياب ٿيندي. ٿورن ڏينهن کانپوءِ مولانا جي طبيعت خراب ٿي. طبيبن حيلا هلايا پر ڪو خاص فرق نه پيو. مولانا بيماريءَ ڏانهن ڌيان نه ڏيندو هو. بيماريءَ جي ڳالهه پکڙي ته شيخ صدرالدين ، جيڪو شيخ محي الدين ابن عربي جو تربيت يافته هو ۽ روم ۽ شام ۾  مقبول هو، مزاج پُرسيءَ لاءِ آيو.مولانا جي مرض جي ڪيفيت ڏسي بيقرارٿي پيو ۽ مولانا جي شفاء لاءِ دعا ڪرڻ لڳو. مولانا ٻُڌو ته فرمايائين شفا توهان کي مبارڪ هجي. محب ۽ محبوب ۾ رڳو هڪڙي چولي جو پردو اچي بچيو آهي، ڇا توهين نٿا چاهيو ته اهو پردو کڄي ۽ نُور نُور سان ملي وڃي. ان تي شيخ روئندو روانو ٿي ويو ۽ سمجهي ويو ته هاڻي مولانا جو دم موٽڻهارو آهي. ايئن  آچر جي ڏينهن 5 جمادي الثاني 672 هه مطابق 17 ڊسمبر 1273ع  تي سانجهيءَ ويلي مولانا هن دنيا کي الوداع چيو.“ موجوده افغانستان جي شهر بلخ ۾  جنم وٺندڙ هي نيارو انسان اناطوليا جي شهر قونيه  ۾ ٽُٻي هڻي ڌرتيءَ ۾ پيهي ويو. سندس طبعي وجود جو سج اُلٿو پر سندس علمي ۽ روحاني وجود جي روشني ڏينهون ڏينهن  چڙهندڙ آهي. سندس ديوان، مثنوي ۽ نثرجا ڪتاب معنى جا مڻيادار موتي آڇين ٿا جن جي چمڪ دمڪ گذرندڙ زمانن سان گڏ وڌي رهي آهي ۽ سندس  فڪر جي ڇاپ  اولهه اوڀر ٻنهي تي هڪجهڙي آهي. اولهه وارا سندس ڏاهپ کي مغربيت جي اعلانيل آزاد خياليءَ مطابق هلائڻ جا گهرجائو آهن جڏهن ته اها آزادي ڪا حقيقي آزادي نه پر بازار جي محتاج آزادي آهي جنهن جو تعين مارڪيٽ ڪري ٿو جنهن کي کُليل مارڪيٽ سڏيو وڃي ٿو پر اهو هوند وارن لاءِ کُليل ۽ اڻ هوند وارن لاءِ هندان هند بند آهي. اوڀروارن  ته  وچ ۾ روميءَ کي وساري ڇڏيو هو پر هاڻي وري زماني جو رُخ ڏسي کين ياد آيو آهي. اهي وري رومي سائين کي به محدود رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن به روميءَ جي  شاعريءَ جو اثر ورتو آهي. ساڳيا خيال پنهنجي انداز ۾ بيان ڪندي، انهن مثنوي جي سنيهي کي اڳتي وڌايو آهي . شاه لطيف ته روميءَ جو نالو کڻي سُرڪلياڻ ۾  بيت چيا آهن. روميءَ پاڻ پنهنجي مثنويءَ جي تسلسل لاءِ  چيو هو ته اها جُڳن تائين جاري رهندي، جيڪو دل ۾ درد رکندڙ هوندو اهو مثنويءَ جي ڪم کي اڳتي وڌائيندو. مثنويءَ جي شروعات به بانسريءَ جي ويراڳي رڙ سان ٿئي ٿي، جنهن جو سبب به ويراڳڻ ونجهليءَ جو اصل مان تُٽڻ آهي تڏهن اها ڪُٺي ڪوڪاري ٿي. ايئن مثنوي جو تسلسل درد جو تسلسل آهي. درد جي  تان تي هر مضطرب روح بيچين ٿي پوي ٿو ڇوته سندس پنهنجو درد کيس جاڳائي ٿو. مثنويءَ ۾ مولانا رومي ، آکاڻين وسيلي انيڪ داستان ڇيڙيندي، انسان جي رويئي کي ، فطرت جي وسيع ڪينواس ۾ اڀياسيو آهي. خالق ۽ مخلوق جي تعلق توڙي مخلوق جي مخلوق سان ۽ انسانن جي پاڻ ۾  سڱ سياڪي کي بحث هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جتي ٻيا موضوع ڳايا آهن تتي هِند ۽  سنڌ جو به ذڪر ڪيو آهي. سندس شعر آهي؛

هنديان را اصطلاح هندِ مدح….. سنڌيان را اصطلاح سنڌِ مدح

(هندين کي هندي اصطلاح سونهي ٿو…. سنڌين کي سنڌي اصطلاح سونهي ٿو.)

اهي سٽون هڪڙي شاندار آکاڻيءَ مان کنيل آهن جنهن ۾ ڪيئي ڳوڙها نقطا سمجهايا ويا آهن. ڪثرت ۽ سهپ جو فلسفو سمجهائيندي، رومي سائين ان حڪايت ۾ حضرت موسى عليه السلام ۽ ٻڪرار جو قصو بيان ڪندي ، ان سلسلي جون ٽي آکاڻيون بيان ڪيون آهن . پهرين حڪايت ۾ ٻڪرار پاران  الله سائين جي پنهنجي سمجهه مطابق حمد ۽ ثنا ڪرڻ  تي دعا کان انڪار ڪرڻ  جي ڳالهه آهي. هي سٽون ٻيءَ حڪايت مان ورتل آهن جنهن ۾ الله تعالى پاران حضرت موسى عليه السلام جي رويئي تي ناراضگيءَ جي بيان جو اظهار آهي ۽ ٽين حڪايت ۾ حضرت موسى عليه السلام  تي انهي ڌنار کان معذرت ڪرڻ جي سلسلي ۾ وحي لهي ٿو. ٻڪرارپنهنجي سمجهه مطابق الله جي خوشنوديءَ جون ڳالهيون ڪري ٿو جنهن ۾ آخر ۾ هن ريت چوي ٿو؛

اي  فدائي تو همه بُزهائي من…..وي بيادت هي هي و هيهائي من

(توتان  منهنجون سڀ ٻڪريون قربان……  تنهنجي ياد ۾ منهنجي آه زاري)

انهي تي حضرت موسى عليه السلام  ٻڪراڙ کي سٺي ٿو ته الله لاءِ ايئن چوڻ غلط آهي. اها ڳالهه ٻُڌي ٻڪرار پنهنجي هوش مان نڪري ٿو وڃي ۽ پنهنجي ڪئي تي پڇتائيندي ، ڪپڙا ڦاڙي ، دانهون ڪندو بيابان ڏانهن ڀڄي ٿو. خالق ڪُل جو خلقڻهارآهي سو  سندس رحمت جوش کاڌو ۽ موسى عليه السلام تي وحي نازل ٿيوته  تو اسان جي محبت ڪندڙ کي اسان کان جُدا ڪري ڇڏيو. توکي اسان ٽوڙڻ لاءِ نه پر جوڙڻ لاءِ موڪليو آهي. رومي سائين فرمائي ٿو؛

وحي آمد سوئي موسى از خدا                        بنده مارا زما کردي جُدا

(الله تعالى پاران  آيو وحي مٿي موسى          ڪيو تو اسان جو ٻانهو اسان کان جدا   )

تو برائي وصل کردن آمدي                              ني برائي فصل کردن آمدي

(تون ملائڻ لاءِ آهين آيو                                     نه ئي وڇوڙڻ  لاءِ آهين آيو)

پيغمبر انسانن ۾ رهنمائي ۽ سچ جي سنيهي پڄائڻ  جو ڪم ڪندا آهن . اهڙي پيغام سان ماڻهن جو پنهنجي خالق سان  ناتو نروار ٿي جُڙندو آهي. ماڻهو وسير ۾ يا گمراهي ۾  سڀ ڪجهه وساري وهن ٿا ۽ پيغمبر کين ان تعلق جي  يادگيري ڏين ٿا ۽ ماڻهن  جي سونهائي ڪن ٿا. ڳنڍڻ وارو اهو ڪم ڀلو ڪم آهي. ڪوريئڪي ڪرت ۾ الفت جي اُميري آهي جنهن سان انسان هڪٻئي جي ويجهو اچن ٿا. انهي ڀوري ٻڪرار تي ته مالڪ جا ڀورائيءَ ۾ ڀال هئا ۽ ذڪر جو سلسلو ڳنڍيل هو. ان سلسلي جي متاثر ٿيڻ هڪڙو وڏو ڀونچال آڻي وڌو. ڪٿي اٻوجهه ٻڪرار ته ڪٿي الله سائين جو برگزيدو پيغمبر…. الله سائين جي پنهنجي حڪمت آهي  جنهن ۾ ڪوئي ڀاڱي ڀائيوار ناهي. ان کانپوءِ حضرت موسى عليه السلام کي ڳالهه کولي سمجهائي وڃي ٿي ته جيستائين ٿي سگهي جدائي وجهڻ واري ڪم جي دائري ۾ قدم نه رک. طلاق جائز هئڻ باوجود ممنوع ۽ آخري اُپاءُ آهي جڏهن سڀ واهون وڃن ته اهڙو اُگرو قدم کڻبو آهي. هرڪنهن جي طبيعت الڳ  آهي هرڪنهن جو مزاج نيارو آهي.الله جي حڪم جو بيان  مثنوي جي سٽن ۾ هن ريت  ڪيو ويو آهي؛

هر کسي را سيرتي بنهاديم                          هر کسي را اصطلاحي داده ايم

(هر شخص  کي ڪئيسون جي نرالي طبيعت  عطا     هرڪنهن کي  هڪ اصطلاح ڪيوسين عطا)

در حقِ او مدح در حقِ تو ذم                     در حقِ او شهد ودر حقِ تو سم

(هن جي حق ۾ واکاڻ تولاءِ ڪواکاڻ آهي       هن جي حق ۾ ماکي  ۽ تولاءِ زهرآهي)

در حق او نور، در حقِ تو نار                     در حقِ او ورد در حقِ تو خار

(هن جي حق ۾ اهو نور۽ تنهنجي حق ۾ نار آهي      هن جي حق اهو گلاب جو گل ۽ تولاءِ خار آهي)

در حقِ او نيک در حقِ تو بد                    در حقِ او خوب در حقِ رد

(هن جي حق اها چڱي ۽ تولاءِ  بد آهي     هن جي حق سُٺي ۽ تو لاءِ رد آهي)

الله سائين جو حڪم آهي ته اسان هر ڪنهن کي نرالي طبيعت عطا ڪئي آهي. هر ڪنهن کي الڳ اصطلاح يعني اظهارڻ جو طريقو عطا ڪيوسين. هڪ جي حق ۾ جيڪا واکاڻ آهي اها ٻي ڪنهن لاءِ ڪواکاڻ آهي. هڪ وٽ جيڪا شئي ماکي آهي ته اها شئي ٻي وٽ زهر قاتل جيان آهي. هڪ جي حق ۾ جيڪو نور آهي اهو ٻي وٽ نار آهي. هڪ وٽ جيڪو گلابي گل آهي اهو ٻي وٽ ڪنڊو آهي. هڪ وٽ نيڪي آهي سا ٻي وٽ بَدي آهي،. هن جي حق جا شئي سُڄي آهي سا تولاءِ رد ۽ مردود آهي.

اها شين جي عمل پذيريءَ جي ماهيت آهي جيڪا سندن نوعيت جي ڪري تبديل ٿيندڙ آهي. اصل ماهيت  جي مذڪور جو مالڪ کي پتو آهي. ماڻهو شين جي عملي نوعيت جي ڪري انهن جي ڏيٺ ويٺ رکي ٿو. ماڻهوءَ جو شين بابت ايتروئي ادراڪ آهي ۽ اهو ادراڪ نسبتي آهي تنهنڪري هڪ شئي  ڪنهن وٽ هڪ رخ ۾ نظراچي ٿي ته ٻي وٽ وري ٻي رُخ سان نظرايندي. ا ها ٻهڳڻائپ ڪائنات  ۾ آهي. وحدت پاڻ کي ڪثرت ۾ ايئن اظهاريو آهي. الله تعالى جي پاڪ ذات انهن مڙني شين کان مبرا ۽ منزه آهي. مثنويءَ ۾ اڳتي هن ريت آهي؛

ما بري از پاک وناپاکي همه                    از گران جاني وچالاکي همه

(اسين پاڪ ۽ ناپاڪيءَ کان مٿاهان       سستيءَ ۽ چُستيءَ سڀ کان مٿاهان)

من نکردم امر تا سودي کُنم                    بلکه تا بر بندگان جودي کُنم

(مون حڪم ناهي ڏنو ته  فائدو کڻان        پر ان لاءِ ته ٻانهن تي بخشش ڪريان)

الله سائين انسان جي ادراڪ جي دائري ۾ ايندڙ مڙني وصفن کان مٿاهون آهي. هو فرمائي ٿو ته مون حڪم ان لاءِ ناهي ڏنو ته ڪو کيس انهن ڳالهين مان فائدو ملي. پر اهو حڪم ان لاءِ آهي ته ٻانهن تي بخشش جي بهاري ٿئي. هند وارن کي هندي اصطلاح عطا ٿيو ۽ اهوئي کين سونهي ٿو. سنڌين کي سنڌي اصطلاح عطا ٿيو ۽ اهوئي کين سونهي ٿو. هرهڪ پنهنجي اصطلاح موجب اظهار ڪندو. ڪثرت جي اها خوبصورتي آهي جنهن ۾ سهپ جو مظاهرو ڪرڻو آهي هڪٻئي کي جيءَ ۾ جاءِ ڏيڻي آهي.

هنديان را اصطلاح هندِ مدح                سنديان را اصطلاح سندِ مدح

(هندين کي هندي اصطلاح ٿو سونهي     سنڌين کي سنڌي اصطلاح ٿو سونهي)

من نگردم پاک از تسبيح شان             پاک هم ايشان شوند و دُر فشان

(آئون سندن تسبيح سان پاڪ نٿو ٿيان        اهي تسبيح سان  پاڪ ۽ موتي اوڳاڇيندڙ ٿي ٿا پون)

الله سائين فرمائي ٿو ته آئون انسانن جي تسبيح سان ڪو پاڪ نٿو ٿيان پر اهي منهنجي تسبيح سان پاڪ ۽ موتي اوڳاڇيندڙ ٿي ٿا پون. رومي سائين اهڙيون ڳالهيون ڳائي اڳتي وڌي ٿو ۽ ٽين حڪايت ۾  حضرت موسى عليه السلام پاران معذرت واري ڳالهه بيان ڪري ٿو. رومي سائين جون سموريون ڳالهيون ڳوڙهيون به آهن ڳنڀير به آهن پر سندس انداز آکاڻيءَ وارو آهي جيڪو تمام گهڻو دلپذير آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀني سان سٺا پير ڀريندڙ تاج جويي جو هڪ اتساهه پاسو

رکيل مورائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ آڳاٽي چوڻي آهي، شايد مُهاورو آهي ”پنهنجن سان  سٺا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے