21 اتوار , جنوری 2018

ٿر ۽ انڊس ڊيلٽا جو لائيو اسٽاڪ سسٽم:مشتاق باگاڻي

گذريل پنجاهه سالن کان ڊيلٽائي لوڪن سان لاڳاپن جي ڪري اتي جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن کان آگاهه رهيو آهيان. ٿر جي سفر دوران اتي جي معاشي حالتن جو مشاهدو ۽ معاشرتي حالتن جو جائزو ورتو ويو. گذريل مضمونن ۾ ٿر جي معاشرتي حالتن ڪلچر ۽ ڪنهن حد تائين ريتن رسمن ۽ رواجي رهڻي ڪهڻي بابت اوهان کي آگاهه ڪندو رهيو آهيان. هن مضمون ۾ ٿري لوڪن جي گذران جي ذريعن، روزگار جي وسيلن ۽ معاشي حالتن جو مطالعو ڪنداسين.

ٿر ۾ روزگار جا ٻه اهم ذريعا آهن، هڪ ذراعت ۽ ٻيو مالوندي. زراعت جو سمورو دارومدار فطرت جي مهربانين يعني برسات تي آهي. هن سال جيئن ته برسات مناسب مقدار ۾ پئي هئي، ان ڪري فصل چڱيرڙا ٿيا ۽ ٿري لوڪن ۾ ڪجهه سرهائي ڏسڻ ۾ آئي. اهڙين سڪار ۽ ڏڪار جي حالتن کي ٿريا صدين کان منهن ڏيندا آيا آهن. ان کان علاوا جيڪي ٿري سانگ ڪري سنڌ جي ميداني علائقن ڏانهن زرعي مزدوري لاءِ ويندا آهن. انهن کي به چڱو اپراسو ٿيو. ڪي ٿري نوجوان نوڪرين ۾ به لڳا آهن پر ان خوشحاليءَ جو اثر اڪثريتي قبيلن، مثال طور ڀيلن، ڪولهين ۽ سوچين تي گهٽ پيو آهي. ٿر ۾ گذران جو ٻيو اهم ذريعو آهي مالوندي. اهو ئي اڪثريتي قبيلن جي روزگار جو اهم ذريعو آهي. هتي اسين ٿر ۽ انڊس ڊيلٽا جي لائيو اسٽاڪ سسٽم تي خيالن جو اظهار ٿا ڪريون.

انڊس ڊيلٽا ۾ فشريز گذران جو اهم ذريعو آهي، ٻئي نمبر تي ايگريڪلچر ۽ مالوندي آهي. ٿري لوڪن لاءِ فقط مال ئي جياپي جو اهم ذريعو آهي، ايگريڪلچر ٻئي نمبر تي آهي، سو به جي برساتون جام پون، مالونديءَ جي اسمن تي لکڻ لاءِ اسان اُٺ کي پهرئين نمبر تي رکيو آهي.

اٺ (Camel) سڄي دنيا ۾ خاص طور تي وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ مسافري توڙي بار برادري جو اهم ذريعو رهيو آهي. ساڳيءَ طرح ٿري لوڪن لاءِ به اٺ نهايت ئي اهم اسم آهي، جيڪو کين مسافري، بار برداري، کوهن تان پاڻي ڪڍڻ ۽ هر ڪاهڻ جي ڪم ايندو آهي. ڍٽ جي نالي پويان سڏجندر ڍاٽي اٺ مسافريءَ لاءِ ڀلو سمجهيو ويندو آهي. ڏور ڏيس واريءَ جا پنڌ اهو ئي نبيري سگهندو آهي.

ڪرها ڪارڻ ڪاهه، توکي ڌڻين ڌاريو،

مقابلو مومل سين، ٿيندو سنجهه صباح

ساري ڏيج سيد چئي، لڊاڻي تان لاهه،

مقابلو جي صلاح، ڪئونر چرندين ڪاڪ جا، (شاهه)

اٺ کي ايڏي ته اهميت آهي جو شاهه لطيف جهڙي شاعر ان کي پنهنجي لافاني شاعريءَ ۾ ظاهري توڙي اهڃاڻوي معنيٰ ۾ ڪتب آڻي امر ڪري ڇڏيو آهي. شاهه سائينءَ جون روحاني ڪيفيتون آهن. ڪيڏي مهل چئي ٿو؛

لک لاکيڻو ڪرهو، ڪوڙين ڏيئي ڳڌو ۾،

اڱڻ سونهن ٿيوم، ملهه مهانگو م چئو،

(شاهه)

ڪنهن مهل وري ان اٺ جون ارڏايون ۽ وڏايون نٿيون وڻنس ۽ چوي ٿو؛

ڪڌا تورو ڪرهو، لڪيو لاڻي کاءِ، (شاهه)

ڀٽائي وٽ اُٺ ڪڏهن ويري آهي ته ڪڏهه واهرو.

‘‘اٺ ويري اوٺار ويري، ويري ٿئڙم ڏير’’ يا

‘‘راڙي رت ڪياس، ڪڌا توري ڪرهي’’

شاهه سائينءَ اٺ کي ڪٿي حقيقي، ڪٿي اهڃاڻوي ته ڪٿي تمثيلي طور شاعري ۾ آني، ان کي اتهاس ۾ غير معمولي حيثيت ڏني آهي. شاهه سائين ان کي ڪيترن ئي نالن سان پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندو آهي، مثال طور؛ اٺ، ڏاگهو، ليڙو، بوتو، توڏو، چانگو، ڪرهو، ڪنواٽ، گورو، انبرو، ميو، ٻور ۽ شتر وغيرا. لاڏو ۽ مهري ته اٺ جون خاصيتون آهن، اٺ جي عمر جي مختلف مرحلن بابت لطيف سرڪاري جو هي بيت ڄاڻ مهيا ڪري ٿو؛

 

روڪ دهليا جت، گنؤرا هلن نه گس،

چئو سال ئي نه چلڻا، ٿي تنگ نهاري تِتِ،

سوڌي انين سيد چئي، پوءِ پانچارين پرت،

ان اڻانگي پنڌ جي، ڪا نيشن پوءِ نرت،

سسئي وڏي ست، جا اهڙي پر پنڌ ڪري.

(شاهه)

لطيف سرڪار جي اٺ کي هي وينتي ته؛

ڪرها اسان ساڻ، ڪي چانگا ڪج چڱائيون. (شاهه)

اهي هيون لطيف سرڪار جون اٺ بابت روحاني رمزون.

 

ٿر جي معيشت ۾ اٺ جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جو ٿر جي هر علائقي ۾ اسانکي اٺ ضرور نظر ايندو. ٿر ۾ اوٺاڙي صبوح سان سوير اٺين جا وڳ واري جهنگ ڏانهن وٺي ويندا آهن. رات جو آڻي جهوڪ تي ويهارين، پاڻي کوهن يا ويئرين تي پيارين، اٺ جو کير پيتو ويندو آهي، جنهن لاءِ هو وڏو وٽو، جَمَنُ يا ڏاٻورو ساڻ رکن. تو ڏڪين جي ڌائڻ کان بچائڻ لاءِ ڇڪا ٺاهي واڻاهه چاڙهين.

ساڳي طرح انڊس ڊيلٽا ۾ اٺن جو وڏو تعداد موجود آهي. اٺ چارڻ ۽ ڌارڻ لاڙي لوڪن لاءِ معزز پيشو آهي.

ڪراچيءَ کان ميرپور ساڪري، جاتي، شاهبندر ويندي بدين جي ڊيلٽائي علائقن ۾ اٺين جا وڳ کٻڙ ۽ لاڻا چرندي نظر ايندا. تمر جو وڻ ته اٺن جو خاص کاڄ آهي. اٺن جي ڏاس به ڪارائتي آهي، کاري، لاڙ، ويندي ڪڇ تائين جت قبيلي جا راڄ اٺيون ڌارين، انهن ۾ کارائي اوٺارن جا راڄ عمراڻي، چاڪراڻي، منگهاڻي، عيساڻي، بهلاڻي ۽ للاڻي اٺيون ڌارين ۽ چارين، مَينهن راڄ مان ماهيڙ، مڪڙا ۽ ڀڙاڻي اٺيون چارين. فقيراڻي جت ۽ پکي راڄ وارا به اٺيون ڌارين ۽ چارين. ان کان علاوا ڪڇ پاسي جا ڪانڊي راڄ وارا به اٺيون ڌارين.

سن 1981ع جي هڪڙي ڏينهن موٽر سائيڪل تي چوهڙ کان جاتي ويندي اٺين جا وڳ چرندي ڏٺا ويا. راقم ڪجهه دير انهن سان ويهي ڪچهري ڪئي ۽ کير پيتو. هنن ٻڌايو ته هو ذات جا جوکيا هئا. ڏڪار وارن ڏينهن ۾ سال جو ڳپل حصو هو ۽ ٻيا پالاري ذات جا لوڪ پنهنجا وڳ ڪاهي انڊس ڊيلٽا ۾ اچي چارين.

اڳوڻي دور ۾ درٻيلو، ڳاهان ۽ باغبان پرڳڻن ۾ زراعت نارن تي ٿيندي هئي. نارن ۾ اٺ وهايا ويندا هئا، شاهه بيگ ارغون جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو هو ته هڪ هزار رڳو اهي اٺ ڇوڙي ڪاهي ويو هو، جيڪي ان وقت رڳو باغبان پرڳڻي ۾ نارن ۾ وهي رهيا هئا. ان کان علاوا واپار ٻيڙين ذريعي به ٿيندو هو پر بار برادريءَ لاءِ اٺ ڪم آندو ويندو هو. ڪراچيءَ کان قلات ۽ قنڌار لاءِ به تجارتي رستا هوندا هئا. هڪ لس ٻيلي کان ٿيندو ويندو هو ٻيو جيڪو سيوهڻ کان قلات ۽ قنڌار ويندو هو. انهن ٻنهي واٽن سان سامان اٺن ذريعي لڏي کنيو ويندو هو. ڪراچيءَ کان قلات ڇويهن ڏينهن جو پنڌ هو. قلات کان قنڌار ويهه ڏينهن ٻيا لڳندا هئا. اتان کا ڪابل ارڙهن ڏينهن جو سفر هو، اهڙي طرح ڪابل کان ڪراچي چوهٺ ڏينهن جي دشوار ترين مسافت هوندي هئي، جيڪا هاڻوڪي دور ۾ چئن ڏينهن جي ٿي وئي آهي ۽ افغاني جوق درج جوق ڪابل مان لڏي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيندا رهيا آهن.

گهاري کان جهرڪن تائين به اٺن تي مال کڻبو هو. ڪراچيءَ کان سيوهڻ اٺن تي ٻارنهن ڏينهن جو سفر هو. انگريزن جي ڏينهن ۾ ان سفر لاءِ هڪ اٺ جو ڀاڙو ڇهه ياست روپيا هو. سنڌ ۾ ٽي وڏا واپاري شهر هوندا هئا. شڪارپور جتي بئنڪون به هونديون هيون، حيدرآباد ۽ ڪراچي مسافري ۽ بار برداري بيڙين ۽ اٺن ذريعي ٿيندي هئي ته اٺ کي بهرحال تمام گهڻي اهميت حاصل هئي. ويهين صديءَ جي آخر تائين انڊس ڊيلٽا ۾ اٺن جو تعداد سورنهن هزار هو، جيڪو اڄ کان ڏهاڪو کن سال پهريان اسان جي هڪ سروي مطابق ٽي هزار وڃي بچيو هو. سن 2000ع جي اسٽيٽڪس ڊپارٽمينٽ جي سينسس رپورٽ مطابق ٺٽي ضلعي ۾ به اٺن جو تعداد  3000 ڄاڻايل آهي.

ٿر ۾ به لڳ ڀڳ ساڳي صورت حال آهي، اٺن جو تعداد وڃي ٿو Decline ڪندو. ان جا ڪيترائي سبب آهن. مثال طور، ڪل واري هن مشيني دور، ٽرانسپورٽيشن جو وڏو مسئلو حل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو اڳي سمورو دارومدار اٺن ۽ ڍڳن تي هوندو هو. موجوده دور ۾ ٿر جي ڪن علائقن ۽ ڪوهستان ۾ بار برداريءَ لاءِ اٺ استعمال ٿي رهيو آهي، يا شهرن ۽ ڪن قصبن ۾ اٺ گاڏا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن ۾ اٺ جو ٽيل ڏسبا آهن. هڪ سبب اهو به آهي ته ايران ۽ افغانستان ڏانهن اوٺي مال جي سمگلنگ ٿيڻ جي ڪري هن مال جي کوٽ ٿي آهي. ان صورتحال جي ڪري هن اسپيشيز جي قيمتن ۾ واڌ آئي آهي. عام غريب سنڌي ماڻهو ويچارو سدائين سڃو ۽ قرضي، اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مال متاءُ کپائي پيو پنهنجون وقتي ضرورتون پوريون ڪندو. چوٿون سبب هن جو ڪوس آهي. عيدالاضحيٰ تي ته خير هن جي قرباني ڪئي وڃي ٿي، پر عام ڏينهن ۾ به ڪراچي ۾ ريڙهي مياڻ ۽ لٺ بستيءَ جي ڪوس گهرن ٻاهران ڪيترائي اٺ ڪسڻ لاءِ ٻڌل نظر ايندا ۽ رڙندي ٻڌبا.

پنجابي ۽ سرائيڪي ادب ۾ به اٺ جو ذڪر ملي ٿو، پنجابيءَ ۽ سرائيڪي ادب ۾ سهڻي ۽ سسئيءَ جي قصي کي نمايان حيثيت حاصل آهي. نمونن خاطر سسئي پنهونءَ بابت هڪ سرائيڪي بيت پيش خدمت آهي.

پڇون سڏڪي آکي اورشتر مهارا، اٺ حوصلي نال ڀڄائي وڃ،

ميڏا فڪر نه ڪر، پڇون ناهان آندي، نا آنڌيان نال رلائي وچ،

هوندئي فرض امانت واپس ڪرڻي، مئيتون اپڻان قرض چڪائي وڃ

تيڏي مندري سيج تي رهه ڳڻي هي، متان ڪيچي لڙنئي چائي وڃ

هن بيت ۾ سرائيڪي ٻوليءَ جو ميٺاج پنهنجي جاءِ تي پر سنڌي ماڻهوءَ جي ايمانداري ۽ امانتداري جو اعليٰ مثال پيش ڪيو ويو آهي. پنهونءَ جي مُنڊي سيج تي رهجي وئي آهي، سسئي سڏي چويس ٿي ته پنهنجي امانت پاڻ کنيو وڃ متان ڪيچي طعنو هڻنئي.

اٺن ۽ اوسيئڙن بابت پنهنجا رچيل چند بيت قارئين جي خدمت ۾ پيس ڪرڻ جي حجت ٿو ڪيان.

آپومُيو آڪاس، اُٺن وجهو مڪڙا،

نيٺ ته ٿيندا راس، ڪاٺيون ڪاٺر پاڻ م

چمر ڇنائي، اٺ ڀڳوان اوچتو،

آيس ورائي، سهڪي اوٺي سج لٿي

مختلف علائقن ۾ اُٺن لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ

اٺ جا پلاڻ، سينگار ۽ جنسار جا نالا؛

ٿري ڊيلٽائين (جتڪي) ساهتيه
اُٺِ – ڏاچي گلو / ليڙو اٺ
اُٺ اُڙهه يا ڏاگهه ڏاچي
توڏڪي گولي / توزم توڏي
توڏيو گولو گورو / توڏو
واڻاهه وڻهه جالنگ
اوس اوس اوهه
ڏاٻورو وٺو = رزاڻ (ٿانو) وڏو
ڏاٻورو ڏَزهڻ ڏهڻ
  سورمو اُٺ مُهڙي اٺ
پلاڻ ُ ڪوز اٺ جو پلڻ
  لانٽي – کيڻي لاٽي
    گلو
  لاڏون لاڏو (اٺ)

پلاڻ، ڪجائو، پاکڙو، انڊ ٻنڊو يا ٻڙهو، ڪوزيا ڪواز، ڪتب، ڪش، پستنگ يا پاڙدينگ، برق، ٻورو / ٻوجهو، گوربند، جهوڙا، ٻاهوٽا، مهار يا کيڻي، جهوريون، ٻاهوٽا، چمر ياسر مال، ڪوکي، ساڀاغي، روپا مهرا، موڙ، جها ٻاجهولڻا، جُهل، گهنگهرو، ڳانڍيا، ڪڻگها يا ڊانبر وغيرا. آخر ۾ اٺن بابت لطيف سرڪار جا چند بيت نذراني طور پيش ڪجن ٿا

 

جهوڙا جن جُهلن ۾، هيري لک هزار،

لڳا واٽ وڻن جا، پنهونءَ کي پالار،

آن ڪي ويندا گڏيا، اهڙيءَ سٽ سُوار،

لنگهي ڪالهه قطار، تون آئي اڄ نهارين

(شاهه)

تليارا توڏن کي، ڳچيءَ سُونهن موڙ

(شاهه)

 

جتن جا جيلان، ٿي ساٿ پڇائي سسئي،

آيس آريءَ ڄام جا، تڙ توڏا تيلان،

ان کي ناڪيليون نڪن ۾، دهريون دليلان،

سرهڻي سيلان، لايونينهن ننڊون ڪريين

(شاهه)

 

ننڍو تان ڪوهُه، پراوکين آهي وترو،

وڃيوڪاڪ ڪنڌين ۾، پهس پکيءَ جيئن پوءِ

ان ڪُر سندو ڪوءِ، ميو ماٺو نه ٿئي

(شاهه)

 

وائي

ڪي جو ڪاڪ تڙاءُ، چانگي چرهو چکيو،

پاهه پرائي آڻيو، لالي لڊوڻياءُ،

چانگي چرهوچکيو

ڪرهي ڪانيٽا رتا، نائي ناڪيلاءُ،

چانگي چرهو چکيو

وڳ واسيائين پانهنجو، سڀ ئي سرا هئاءُ،

چانگي چر هو چکيو

(شاهه)

 

اٺن کان علاوا ٿر ۾ گڏهن کي گهڻي اهميت حاصل آهي، گڏهن تي هرڪا هيا وڃن ٿا ۽ کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ هن جانور جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. گهوڙا البت ٿر ۾ تمام گهٽ آهن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌوءَ ڪناري گهاريل ڊسمبر جي آخري رات جي ڪٿا:رکيل مورائي

هيءَ ان ڏينهن جي شام هئي جيڪو ڏينهن پنهنجي پڄاڻيءَ تي ان رات کي آڻيندو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے