17 اربع , جنوري 2018

پڙهڻ واري مهارت بابت بنيادي ڄاڻ:ڊاڪٽر الطاف جوکيو

ڪافي دوستن جو اڪثر اهو پڇڻ ٿيندو آهي ته اهو ريڊنگ (Reading) پروگرام ڇا ٿيندو آهي. ان بابت ڪجهه تفصيل ٻڌايو. تفصيلي ته ممڪن ڪونهي، هتي تمام مختصر پڙهڻ واري مهارت بابت چند اهم ڳالهيون شيئر ڪرڻ گهرندم.

بنيادي ٻار کي ٻولي سيکارڻ جون چار مهارتون طئي ٿيل آهن: ٻڌڻ (Listening)، ڳالهائڻ (Speaking)، پڙهڻ (Reading) ۽ لکڻ (Writing). انهن مهارتن ۾ پڙهڻ (Reading) کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي. يعني جيڪو ٻار گھڻو پڙهي ٿو ان جي ذهانت ۾ ڪشادگي پيدا ٿيندي آهي.

انهن معاملن کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان اڳ اهو جاچڻ ضروري هوندو آهي ته ٻار ڪهڙي سطح تي آهي. ان لاءِ ٻار جي ذهانت ۽ پڙهڻ واري عمل کي جاچڻ لاءِ جائزي (Assessment) جو عمل تمام ضروري آهي. توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته تعليم کي سڌارڻ ۾ امتحان/ جائزو/ ٽيسٽ جو عمل تمام ضروري آهي. ٻار کي پڙهائڻ لاءِ هن جي سطح کي جاچڻ اهم ليکيو ويو آهي.

ٻوليءَ جي چئن مهارتن مان پڙهڻ (Reading)، ٻوليءَ کي سمجهڻ جو هڪ اهم پهلو آهي. خيالن جي اظهار واري لکت کي زباني اچارڻ جو عمل ’پڙهڻ‘(Reading) چيو وڃي ٿو. هن عمل ۾ آواز جي علامتن/ اکرن ۽ درست زيرن زبرن کي ڄاڻي وڏي آواز يا خاموشيءَ سان ’پڙهي سمجهڻ‘ کي پڙهڻ (Reading) مڃيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن عبارت کي بغير سمجهڻ جي پڙهيو وڃي ٿو ته ان کي پڙهڻ (Reading) نه چئبو؛ يعني ڪنهن عبارت کي سمجهڻ ئي پڙهڻ (Reading) واري عمل سان سلهاڙيل آهي.

ان عمل بابت ڀٽ ڌڻي سرڪار چوي ٿو ته:

پڙهيو تان پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾

يعني ائين ته پڙهي وٺجي ٿو پر جيستائين ان کي دل سان پڙهي سمجهڻ واري عمل مان نه ٿو گذارجي ته اهو عمل بيڪار ٿي وڃي ٿو. ان سبب بزرگن توڻي جديد محققن پڙهڻ (Reading) جي مراد کي سمجهڻ سان پائبند ڪيو آهي.

ٻوليءَ جي مهارتن مان پڙهڻ (Reading) واري مهارت جي اهميت ان زاويي سان به ڏسي سگهجي ٿي ته ٻار، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ پنهنجي گهر يا سماجي ماحول مان ماحول مان سکي ٿو اچي. جڏهن هو اسڪول ۾ داخل ٿو ٿئي ته سندس ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ واريون مهارتون جاچڻ بعد هن کي پڙهڻ (Reading) واري مهارت ڏانهن راغب ڪجي ٿو، جنهن بعد هو لکڻ ڄاڻندو. ان حوالي سان پڙهڻ (Reading) واري مهارت مڙني مهارتن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي.

ظاهري طور، پڙهڻ (Reading) وارو عمل لکيل يا ڇپيل مواد مان معنى حاصل ڪرڻ جو نالو آهي. هن مهارت ۾ لکيل يا ڇپيل ڪنهن لفظ يا بيان کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ اهم ڄاتو ويو آهي. ڏٺو وڃي ته هيءَ مهارت ٻين مهارتن: ٻڌڻ، ڳالهائڻ ۽ لکڻ سان سلهاڙيل آهي، ان ڪري هن مهارت کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي.

تحقيق موجب پڙهڻ (Reading) جي مهارت کي پنجن اهم جزن ۾ رکيو ويو آهي ۽ وري انهن اهم جزن کي ٻين ننڍن جزن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن سان پڙهڻ (Reading) جي مهارت کي وڌائي سگهجي ٿو:

  1. صوتي سڃاڻپ (Phonemic awareness)
  2. آواز جي ڄاڻ (Phonic)
  3. پڙهڻ جي رواني (Frequency)
  4. لفظن جو ذخيرو   (Vocabulary)
  5. پڙهي سمجهڻ (Comprehension)

 

  1. صوتي سڃاڻپ (Phonemic awareness)

اسان پنهنجي ماحول مان مختلف آواز ٻڌندا رهيا آهيون، جنهن ۾ مختلف پکين، جانورن، جيتن ۽ ڪائنات ۾ موجود مختلف جسمن جا آواز شامل آهن؛ مثلاً: پکين/ جانورن جا آواز، ڪڪرن جا ڪڙڪاٽ، طوفاني هوائن ۽ مشينن جا آواز وغيره.

اصل ۾، آواز هڪ لهر آهي. اهي لهرون مختلف ذريعن سان سفر ڪنديون آهن ۽ اسان جي ڪنن تائين اهم ذريعي (Medium) يعني هوا جي ذريعي پهچنديون آهن. اهي آوازي لهرون اسان جي ڪنن جي دهلڙيءَ سان ٽڪرائجي لرزش پيدا ڪنديون آهن، جيڪي اعصابي نظام موجب دماغ ۾ پهچنديون آهن ۽ اتي اهي آوازي لهرون decode ٿيندون آهن ۽ اسين ٻڌندا آهيون.

ابتدا ۾ انسان آواز ٻڌي پوءِ پاڻ انهن آوازن کي ’ڳالهائڻ جي عضون‘ ذريعي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اهڙي نموني سان مختلف آوازن ذريعي هو اظهار ڪرڻ لڳو ۽ اهڙي انداز سان مختلف ٻوليون وجود ۾ آيون. انسان جيڪي آواز ڪڍندو رهيو  آهي، سي ٻن طريقن جا آهن، هڪڙا اهڙا آواز جيڪي گلي مان بغير رڪاوٽ جي نڪرندا آهن ۽ ٻيا اهڙا آواز جيڪي ڳالهائڻ جي عضون جي مداخلت/ رڪاوٽ سان نڪرندا آهن. ٻوليءَ جي ماهرن اهڙن آوازن کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي، هڪڙا: سُر (vowels) ۽ ٻيا وينجن(consonant).

ٻولي جيئن ته خيالن جي اظهار کي ٻين تائين پهچائڻ جو نالو آهي، ان لاءِ پنهنجي خيال کي ٻين تائين پهچائڻ لاءِ ٻوليءَ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ۽ آوازن کي محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو ويو. ان بعد انسان کي پنهنجي خيالن کي ڪنڊ ڪڙڇ جي ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ لکت (writing) جي گهرج پئي. پوءِ هن انهن آوازن کي مختلف علامتن ذريعي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي نموني سان رسم الخط (Script) ۽ الف-بي/ آئيويٽا (Alphabet) جو تصور اڀريو.

اسڪولي ماحول ۾ درست ٻولي ۽ ان جي رسم الخط ۽ الف-بي سيکارڻ کان پهرين اهو تمام ضروري آهي ته اسين ٻارن کي سڀ کان پهريائين آوازن جي سڃاڻپ ڪرايون، ڇاڪاڻ ته، ٻار اسڪول اچڻ کان اڳ مختلف لفظن جي آوازن اچارڻ کان واقف هوندو آهي.  ٻار پنهنجي اردگرد جي ماحول ۾ موجود شيون ڏسي ۽ پنهنجي گھر وارن جا آواز ٻڌي شين جي نالن کان واقف رهندو ۽ انهن لفظن جا آواز ڪڍندو رهيو آهي. ان لاءِ لازمي آهي ته انهن کي سڀ کان پهرين آوازن جي سڃاڻپ ڪرايون جيڪي هو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ڪڍندو رهيو آهي.

ڄاڻو ٿا ته ٻار جڏهن به ڪنهن لفظ جا آواز ڪڍندو آهي ته سڀ کان پهرين انهن کي پد آواز (syllabic sound) جي صورت ۾ اچاريندو آهي؛ جيئن: مَکِ. هن لفظ کي ٻن پدن جي صورت ۾ اچاريندو يعني [مَ] ۽ [کِ]. هاڻي اصولي طور ڏٺو وڃي ته [مَ] ۽ [کِ] ۾ ٻه- ٻه آواز آهن. هڪ وينجن (consonant) ۽ ٻيو سُر (vowels).

[مَ] پد آواز (syllabic sound) کي هن طريقي سان ڇيد ڪري سگهجي ٿو: /م/ + /اَ/ = [مَ]

اهڙي نموني لفظ ’پاڻي‘ ۾ به ٻه پد آهن جن جو ڇيد هيٺئين نموني ٿي سگهي ٿو: /پ/ + /آ/ = [پا] ۽ /ڻ/ + /اِي/ = [ڻِي].

جيئن ته لفظن ۾ موجود پدن (syllabic sound) جو اهڙو ڇيد (segmenting) ڪرڻ ۽ انهن پدن کي جوڙي (blending) لفظ جوڙڻ کان ٻار ته چڱيءَ طرح واقف نه هوندو آهي؛ ليڪن ٻولي پڙهائيندڙ ٽيچر کي ان جي واقفيت هجڻ لازمي آهي. ان لاءِ اها گذارش ڪجي ٿي ته لفظ ’پاڻي‘ ۾ ٻن پدن جي هجڻ جو تصور ٻار تائين پهچائڻ انتهائي لازمي آهي.

آوازن جي اهڙي سڃاڻپ واري عمل کي ’صوتي سڃاڻپ‘ (Phonemic awareness) چئبو آهي. ياد رهي ته صوتي سڃاڻپ جو تعلق صرف آواز سان آهي؛ اکر يا علامت رڳو ان جي نمائندگي ڪندو آهي.

 

  1. آواز جو علم (Phonics)

آوازن جي علم مان مراد، ’آوازن کي اکرن سان لاڳاپو‘ ڏيکارڻ آهي. هن ۾ ٻارن کي آوازن ذريعي اکرن جي علامتن جي ڄاڻ ڏني ويندي آهي ۽ اکرن ۽ ان جي مختلف صورتن کي ملائي سيکاريو ويندو آهي، جنهن سان هنن ۾ پڙهڻ (Reading) ۽ لکڻ جي عمل ۾ آساني ٿيندي آهي. ڪنهن لفظ جي صورتخطيءَ جي سڃاڻ اکرن سان ٿيندي آهي، ان لاءِ ’آوازن جي علم‘ کي ٻوليءَ جي سمجهڻ جو بنيادي اصول سمجهيو ويو آهي.

هن علم وسيلي ٻارن کي اهو سيکاريو ويندو آهي ته الف-بي ۽ زيرن زبرن جي علامتن وسيلي نوان لفظ ۽ جملا ٺاهي سگھجن ٿا. اهڙي طريقي سان ٻار اهو سمجهي ويندا آهن ته [ب] جو آواز ڪيئن اچاربو آهي ۽ ان سان گڏ ٻين اعرابن جو استعمال ڪري ڪيئن لفظ جڙندو آهي. هن علم جا ٻه پهلو نهايت اهم آهن يعني پدن (Syllabic Sound) کي ٽوڙي (Segmenting) ۽ ملائي (Blending) لفظ جي صورت ڏيڻ ۽ ان کي لکت جي صورت ۾ ڄاڻڻ.

اڄڪلهه پهرين ڪلاس کان وٺي گڏيل درسي ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا، جن ۾ دينيات، سماجي اڀياس ۽ جنرل ناليج جا مضمون اچي وڃن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته ابتدائي ڪلاس کان ٻارن کي الف-بي ۽ ان جي آوازن جي ڄاڻ چڱيءَ طرح ڏني وڃي ۽ ان کان علاوه ڏهه صاف سُر (Vowels) ۽ نڪوان سُر (Nasal Vowels) سيکاريا وڃن، جن جي مدد سان لفظن کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ ۾ سولائي رهي ٿي. ابتدائي ڪلاس ۾ ٻارن کي اکرن جي چئن صورتن: سالم، شروعاتي، درمياني ۽ آخري صورتن کان به واقف ڪرائڻ انتهائي لازم آهي ته جيئن ٻار پڙهڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ڪري. هن طريقي سان اڻ- ڏٺل لفظ به آسانيءَ سان پڙهي سگھجن ٿا. اکرن ذريعي آواز ڪڍي، انهن اچارن کي ملائي پڙهي وڃڻ کي Decoding چيو ويندو آهي.

 

  1. پڙهڻ ۾ روانيءَ جي اهميت (Fluency)

جيئن ته اسين ڄاڻون ٿا ته پڙهڻ ۾ رواني جو لاڳاپو لفظن کي سڃاڻڻ (Decoding)  ۽ معنى سان آهي. هن مهارت موجب شاگرد لفظن کي سمجهڻ کان علاوه اهي لفظ به پڙهي ٿو وڃي جن جي معنى يا مراد کان واقف ناهي. ان جو مطلب اهو آهي ته لفظ جي معنى ۽ هِجي تي گھٽ ڌيان ڏئي، ان جي سمجهڻ تي وڌيڪ زور ڏنو وڃي ته شاگرد ڇا پڙهيو آهي؟ جيڪڏهن شاگرد لفظن جي معنى ڳولهڻ ۾ منجهي پوندو ته هو پڙهڻ جي ٻين طريقن تي ڌيان نه ڏيندو، جيڪي هن کي پڙهي سمجهڻ ۾ مدد ڪن. تحقيق ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته جيڪي ٻار روانيءَ سان پڙهي ٿا وڃن ته اهي ٻار پڙهڻ کي سمجهي به ٿا وڃن. مڻ مڻ ڪري پڙهڻ واري ٻار ۾ پڙهي- سمجهڻ (Comprehension) واري سگهه پيدا نه ٿي ٿئي.

مشق ڪرڻ، زباني پڙهڻ ۽ دهرائڻ شاگردن کي پڙهڻ ۾ رواني پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. ان لاءِ ڪتاب جو مواد شاگردن جي سطح کان مٿي نه هجڻ گھرجي.

 

  1. لفظن جو ذخيرو (Vocabulary)

لفظن جي معنى هجڻ جو ذخيرو، شاگردن ۾ رواني سان پڙهڻ جي مهارت پيدا ڪندو آهي ان کي لفظن جو ذخيرو چئبو آهي. جڏهن ٻار پڙهڻ سکندا آهن ته اهي اهو سمجھڻ شروع ڪندا آهن ته ڇا ڪتاب جي صفحي تي اهي لفظ ڄاڻايل آهن، جيڪي هو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ڳالهائيندا ۽ ٻڌندا رهيا آهن؟ ان لاءِ اهو آسان ٿي ويندو آهي ته هو لکيل مواد مان ڪجهه مطلب حاصل ڪري سگهن، جيڪو ان جي ٻوليءَ جو اهم حصو آهي. جڏهن ٻار صفحي تي لکيل هڪ به لفظ نه ٿو پڙهي سگهي ته سمجھڻ جو عمل ممڪن ئي ڪونهي.

جيڪڏهن ٻار خود ۽ واسطي سان نوان لفظ سکندو آهي ته اهي هن کي پڙهڻ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيندا آهن ان لاءِ عام زندگيءَ جي سٺي ماحول ۾ اٿڻ ويهڻ کي اهميت حاصل آهي. شاگردن کي نوان لفظ وضاحت سان ٻڌائڻ گھرجن خاص طور تي ان وقت جڏهن هو ڪهاڻي يا ڪنهن تصور ۾ دقت محسوس ڪندو هجي.

ٻار پنهنجي ماحول مان ڪافي لفظ کڻي ايندو آهي جن بابت هو ڪنهن حد تي واقف به آهي، ليڪن پوءِ به انهن بابت نئين سري سان واضح ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.

هن يونٽ مان مراد اها به آهي ته ٻارن ۾ لفظن جي معنى حاصل ڪرڻ جي اهڙي عادت پيدا ڪئي وڃي، جو هنن ۾ پنهنجي عام زندگيءَ مان به حاصل ٿيندڙ لفظن تي غور ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي سگهي.

 

  1. پڙهي سمجھڻ (Comprehension)

ريڊنگ جو اهم مقصد ’سمجهه‘ سان سلهاڙيل آهي، بغير سمجهڻ، واري پڙهڻ کي ريڊنگ نه چئبو. عام طور تي اسان قرآن پاڪ پڙهندا/ دور ڪندا آهيون، دراصل ان کي پڙهڻ نه چئبو آهي. قرآن پاڪ جي لفظن کي ڏسي اکر جي آوازن کي ملائي لفظ ڊيڪوڊ ته ڪري ويندا آهيون پر سمجهي نه سگهندا آهيون، اهڙي عمل کي ڊيڪوڊنگ چئبو آهي، پڙهڻ نه!

پڙهي سمجهڻ اهو گڏيل عمل آهي، جيڪو پڙهندڙ ۽ مواد جي وچ ۾ ٿيندو آهي. صفحي تي لفظن کي ڄاڻڻ کان وڌيڪ پڙهي سمجهڻ واري عمل ۾ سوچڻ جو عمل دخل آهي. هڪ سٺي پڙهندڙ جو هڪ مقصد هوندو آهي. ان لاءِ هو ان کي سمجھڻ لاءِ مختلف طريقا ڪم آڻيندو آهي، جيڪي هڪ ئي وقت مواد مان معنى يا مراد وٺي سگھندو هجي. ان لاءِ اهو خيال اڀري ٿو ته ڪهڙا جزا پڙهي سمجھڻ ۾ مدد ڪن ٿا، مثلاً:

  • هڪ ڪامياب پڙهندڙ اهو ڄاڻندو آهي ته هو پيراگراف کي سمجهي ٿو ۽ جڏهن هو رڪجي ويندو آهي ته سمجهڻ کي بهتر بڻائڻ لاءِ طريقا سوچيندو آهي.
  • پڙهندڙ ڪهاڻي يا مواد کي پنهنجي اڳين معلومات سان لاڳاپو جوڙي وٺندو آهي، جنهن سان هن ۾ سمجهڻ جي قوت سگھاري ٿيندي آهي.
  • هڪ سٺو پڙهندڙ اڳواٽ ئي هڪڙو خيال جوڙي وٺندو آهي ته هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهڙا واقعا پيش اچي سگهن ٿا ۽ ان جا ڪهڙا امڪاني نتيجا نڪري سگهن ٿا.
  • ٻار پڙهڻ وقت ڪي سوال ڪندو آهي ۽ ان جي جوابن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن ان جي معنى سمجهي سگھي. سٺا سوال ٻارن جي ذهانت تي مبني هوندا آهن، جيڪي هن جي تجسّس ۽ معلومات کي وڌائيندا آهن.
  • ٻار مواد کي ان وقت وڌيڪ سمجهندو آهي جڏهن هو ڪن به بي ترتيب جملن کي ترتيب ڏئي ڪو مواد بيهاري سگھندو آهي.
  • جڏهن ٻار ڪنهن ڪهاڻيءَ جو تت/ خلاصو بيان ڪندو آهي ته سمجهو ته هو خاص مقصد حاصل ڪرڻ جي تمام ويجهو آهي. هو ڪهاڻي/ مواد جي معلومات کي چڱيءَ ريت سمجهندو آهي ۽ پنهنجي لفظن ۾ ان جو خلاصو بيان ڪندي اهو ثابت ڪندو آهي ته هن مواد کي ڪافي سمجهيو آهي.

 

انتهائي مختصر ڪوشش وٺي عام دوستن آڏو ريڊنگ جي جزن کي رکيو آهي. حقيقت ۾ ان جي هرهڪ جزي ته ڇا، پر جزي اندر پيدا ٿيندڙ هر هڪ سوال تي ريسرچ ورڪ ٿين ٿا. هيءَ هڪ بنيادي ڄاڻ عام دوستن اڳيان پيش ڪجي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير مالها ڀلي من جي…..!!:نوراحمد جنجهي

اڄ کان پنج صديون اڳ هي جهان ڇڏي ويندڙ ڀڳت ڪبيرننڍي کنڊ جو اهڙو وڏو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے