25 سومر , جون 2018

عالمي دٻاءَ ۾ ملڪي ناڻي جو حشر

پاڪستان سرڪار کي ملڪ جي ڪرنسي جي بدحالي جو نه رڳو نوٽيس وٺڻ گهرجي پر ملڪ جي عوام کي اڳواٽ ٻڌائڻ به گهرجي ته سندن پاليسين جي ناڪامين ۽ ملڪي معاشي گهوٽالي جي ڪري 100 رپئي جي شيءِ 112 ۾ ٿيڻي آهي ۽ ملڪ ۾ غريب جي لاءِ دال کائڻ به هڪ خواب بڻجي ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي پاڪستان آيل وفد سرڪار کان روپئي جي ملهه ۾ 10 کان 12 سيڪڙو لاٿ آڻڻ جو مطالبو ڪيو هو. آءِ ايم ايف عملدارن جي جو موقف هو ته روپئي جو ملهه گذريل اڍائي سالن کان مستحڪم هلندو پيو اچي.

ملڪ جي ڪرنسي مارڪيٽ ۾ آميريڪي ڊالر ٻيهر مهانگو ٿي ويو آهي، ملهه انٽر مارڪيٽ ۾ 112 رپين کان به وڌي ويو، انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ لاڳيتو واڌ جو رجحان جاري آهي، ڪاروبار دوران ڊالر 4 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، انٽر بينڪ مارڪيٽ ۾ ڪالهه ڊالر جي ڪاروبار جي شروعات 108.25 روپين سان ٿي، جيڪو 112 روپين جي حد به پار ڪري ويو. انٽر بينڪ ذريعن موجب ڪاروبار دوران ڊالر جو ڪاروبار 111 روپيا 25 پئسن جي بلند ترين سطح تائين ٿيو. جڏيهن ته ڪاروبار جي پڄاڻي تائين ڊالر 112 روپيا 63 پئسا ٿي ويو. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر جو ملهه 111 رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، فاريڪس ڊيلرز اسيسوسيئيشن جي صدر ملڪ بوستان موجب اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ 5 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.

آميريڪي ڊالر کي عام مارڪيٽ ۾ بي لغام ڇڏڻ جا رڳو خراب نتيجو ئي نڪري سگهي ٿو. ان ڪري پاڪستان جو رپيو پنهنجي سگهه ۾ 12 سيڪڙو ضعيف ٿي ويندو. ملڪ جي حڪمرانن کي، مالياتي سالڪن ۽ ملڪ جي وهنوار تي حاوي ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهڻ به گهرجي ۽عوام تي پوندٽ خطرناڪ اثرن جي اڳواٽ ڄاڻ به ڏيڻ گهرجي.

خميس  14 ڊسمبر 2017ع، 25  ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

چونڊن کان اڳ ڪامور ا شاهيءَ جون وڏي پئماني تي ٿيل بدليون

سرڪاري ملازم لاءِ اصول ته اهو هوندو آهي ته اهو شخصيتن جي تابع ٿيڻ بدران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے