18 اربع , جولاءِ 2018

پاڪ فوجي جوانن جون ڦوهه جوانيون ۽ مڪروهه پاليسيون

اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن پاڪستاني فوج جي گاڏي تي فائرنگ ڪري پاڪ فوج جي سيڪنڊ ليفٽيننٽ عبدالمعيد ۽ سپاهي شهيد ٿي ويا آهن. شهيدن کي فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. انهن جو ڦوهه جواني ۾ سندن ماءُ ۽ پيءُ کان جدائي جو اصل ڏک رڳو اهي ئي سمجهي سگهن ٿا. باقي عوام انهن جي جواني ۽ سندن ياد رهندڙ دليري سبب ڏکائتا ٿين ٿا.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن فورسز جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ عبدالمعيد ۽ سپاهي بشارت شهيد ٿي ويا. 21 ورهين جي سيڪنڊ ليفٽيننٽ عبدالمعيد جو تعلق بوريوالا ضلعي وهاڙي سان آهي ۽ هن ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پي ايم اي جو ڪورس ڪيو هو. آءِ ايس پي آر مطابق شهيد ٿيندڙ 21 ورهين جي ٻئي جوان سپاهي بشارت جو تعلق گلگت جي ڳوٺ دينور سان آهي. هوڏانهن شهيد سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي امڙ نجي تي سان ڳالهائيندي چيو ته پٽ جي شهادت تي فخر آهي، پٽ بهترين ۽ عزت واري پيشي ۾ آيو، پاڻ به عزت ڪمائي ۽ اسان کي به عزت ڏني.

پاڪستان سرڪار کي دهشتگردن جي باري ۾ پاليسيون ۽ حڪمت عمليون هاڻي هر حال ۾ بدلائڻيون پونديون نه ته هر ايندڙ ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن فوجي جوان جو نوحو لکي ماتم ڪري ماٺ ويهڻ مناسب سمجهيو ويندو. اها ڳالهه ڪنهن به قبول ناهي ۽ سرڪار کي پنهنجي حڪمت عملين ۽ ماضيءَ جي سمورين تندن ۽ تارن کي ڪاٽڻو پوندو. جڏهن کان پاڪستان جنرل پرويز مشرف جي دور کان اڄ تائين پراوا مٿي جا سور پنهنجي مٿي ۾ وڌا آهن، جڏهن کان اسان جي حڪمت عملين پرڏيهي جنگين کي پنهنجي جنگ سمجهيو آهي تڏهن کان پاڪستان جي فوج توڙي ملڪ جي عوام لکن جي انگ ۾ پنهنجو خون ڏنو آهي. موت جو راڪاس جنهن جي اڃ نه ٿي اجهامي، سو هر آئي ڏينهن پاڪستان کي سوڳوار بڻائي ٿو ڇڏي.

خميس  14 ڊسمبر 2017ع، 25  ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ووٽ کان انڪاري ووٽرن تي بااثر اميدوارن جو تشدد..

2018ع جي چونڊن جون سرگرميون سڄي ملڪ ۾ جاري آهن ۽ اتفاق اهو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے