19 جمعہ , جنوری 2018

ڄامشورو سيوهڻ ڊبل روڊ جي اڏاوت جي اهم رٿا

سنڌ سرڪار کي مبارڪون هجن، جنهن ڳچ انسانن جي نقصان کان پوءِ نيٺ مڙسي ڪري ڄامشوري کان سيوهڻ جي سنگل روڊ کي ٻٽو ڪرڻ جي رٿا جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي. ان رٿا جا تمام وڏا فائدا اوس ٿيڻا آهن، پر تڪڙو فائدو عوام جي بچاءَ ۾ هوندو.

ڪالهه  ڄامشورو کان سيوهڻ تائين ڊبل روڊ جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مون لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته اڳ تعمير ٿيل روڊ جنهن جو افتتاح محترمه بينظير ڀٽو ڪيو هو، جنهن جهڙو بهتر روڊ موجود ناهي، هن روڊ جي تعمير 20 سال اڳ ٿي هئي پر هاڻي ٽريفڪ وڌڻ بعد هتي ڊبل روڊ جي تمام گهڻي ضرورت محسوس ڪئي وئي، جنهن کي نظر ۾ رکندي اڄ ان روڊ جي تعمير لاءِ پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي، هن چيو ته جڏهن وزيراعليٰ جو ذميواريون سنڀاليون ته اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ کي چيو هو ته ڪنهن به حالت ۾ ان روڊ کي ڊبل ڪيو وڃي، جيڪڏهن وفاقي سرڪار طرفان ڪو عذر هوندو ته اسان ان روڊ کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻي تعمير ڪنداسين ۽ اها ڪوشش اڄ ساڀيان ٿي آهي. هن ٻڌايو ته ان روڊ کي ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، پهرين مرحلي ۾ ڄامشورو کان مانجهند 64 ڪلوميٽر تائين جڏهن ته ٻئين فيز ۾ مانجهند کان سيوهڻ تائين روڊ جي تعمير ٿيندي ۽ ٻئين فيز لاءِ به ٽينڊر ڏئي ڇڏيا آهن ۽ جنوري ۾ انشاءَالله تعاليٰ ان جا ٽيڪنيڪل برج اچي ويندا ۽ ٽن مهينن اندر ان جو ڪم به شروع ٿي ويندو. هن ٻڌايو ته اهو مڪمل ڊبل روڊ هوندو جنهن ۾ 4 لائينون هونديون 2 هڪ پاسي ۽ 2 ٻئين پاسي ۽ وچ ۾ ڊوائيڊر هوندو جنهن جي اونچائي ايتري هوندي جيتري حيدرآباد ميرپورخاص روڊ جي آهي. هن چيو ته کيس اڄ فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته پنهنجي والد جي ڏنل ڪم کي اڳيان وڌائي رهيو آهي.

هن چيو ته ڄامشورو پٺتي پيل علائقو آهي، ڪوهستان جو وڏو علائقو هن ۾ اچي ٿو، جتي ترقياتي ڪمن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، جنهن لاءِ اسڪيمون نظر ۾ آهن. هن چيو ته هن واعدو ڪيو هو ته ڄامشورو ۾ ٽريفڪ جي آزار کان بچڻ لاءِ هڪ پل تعمير ڪري ڏيندو، جنهن جو تعمير جو ڪم پڻ زور شور سان جاري آهي ۽ اها هلندڙ سال ئي مڪمل ٿي ويندي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڄامشورو کان سيوهڻ روڊ جي تعمير وقت هتي جن به هنڌن تي فلاءِ اوور يا انڊر پاس جي ضرورت آهي ان حوالي سان وزيراعظم سان ڳالهايو آهي، جيڪڏهن وفاقي سرڪار سهڪار نه ڪيو ته اهو ڪم به صوبو پاڻ ڪندو هو.

خميس  14 ڊسمبر 2017ع، 25  ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

مڪلي سيمينار جي اهميت ۽ ضرورت

ڪنهن به قوم جي پهرئين سڃاڻپ ان جي ٻولي آهي ۽ پوءِ تهذيب آهي. قديم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے