24 آچر , جون 2018

نيوز| ڊکڻ ۾ شهرين پاران بدامني خلاف احتجاج ڪيو ويو

ڊکڻ ۾ شهرين پاران بدامني خلاف احتجاج ڪيو ويو. شهرين شهزادي لولائي، الله بخش ۽ ثناءَ الله جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزم هنيو ته پوليس جي سرپرستي هيٺ ڏوهارين سرگرم ٿي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. سندن چوڻ هو ته شهر توڙي ڀرپاسي جي لنڪ روڊ تي ڦرلٽ جا واقعا عام ٿي ويا آهن، جڏهن ته پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران کين تحفظ ڏئي رهي آهي. احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪري شهرين کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڏياري عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: Independent candidates Khair Mohammad and Mir Muhammad Kokhar started an election campaign

نيوز: چمبڙ: آزاد اميدوارن خير محمد ۽ مير محمد کوکر پاران چونڊ مهم شروع

چمبڙ ۾ قومي ۽ صوبائي تڪن جي آزاد اميدوارن خير محمد ۽ مير محمد کوکر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے