20 ہفتہ , جنوری 2018

نيوز| پٿوري ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن جو انتظاميا خلاف احتجاج

پٿوري ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن پاران تعليم کاتي جي انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو ويو. استادن اميربخش پنهور، جبار شر ۽  عبدالخالق جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پيرس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ استادن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي پاس استاد پنهنجي ذميواري سان ٻارن کي بهتر تعليم ڏئي رهيا آهن. سندن چوڻ هو ته سنڌ حڪومت استادن کي پڪو ڪرڻ بدران ٻيهر اين ٽي ايس ٽيسٽ وٺڻ جو اعلان ڪرڻ بعد ملازمن ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته فيصلي تي ٻيهر نظرثاني ڪري استادن جي پريشانين کي گهٽايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ناليوارو ليکڪ ۽ ترقي پسند دانشور 84 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ناليوارو ليکڪ ۽ ترقي پسند دانشور 84 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻي ويو، سندس زندگي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے