24 منگل , اپریل 2018

نيوز| بهتر تعليم سان خصوصي ٻارڙن کي معاشري جو ذميوار شهري بڻائي سگهجي ٿو: ريحانا لغاري

وڏي وزير جي خصوصي تعليم ۽ انساني حقن واري مددگار ريحانه لغاري چيو آهي ته بهتر تعليم سان خصوصي ٻارڙن کي معاشري جو ذميوار شهري بڻائي سگهجي ٿو. ڄامشوري ۾ معذورن جي عالمي ڏينهن تي تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ تقريب ۾ وڏي وزير جي خاص مددگار ريحانه لغاري ۽ ريجنل ڊائريڪٽر رياض الرحمان ڪوريجي سميت ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ريحانه لغاري جو چوڻ هوته سنڌ حڪومت خصوصي ٻارن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ خصوصي ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت جا ڪل 50 سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ جي وڌيڪ  12 تعلقن ۾ نوان سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت معذورن جي مقرر ڪيل 2 سيڪڙو ڪوٽا تي عمل ڪري رهي آهي. ريحانه لغاري جو چوڻ هو ته خاص ٻارن کي بهتر تعليم ۽ تربيت ڪري کين معاشري جو ذميوار بڻائي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: لاکاروڊ : روڊ رستا تباهه هجڻ ڪري رهواسين کي تڪليف، ڪاروبار تباهه

بک، بدحالي، بيروزگاري، پاڻي کوٽ ۽ ڌاري آبادڪاري سميت ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے