20 ہفتہ , جنوری 2018

نيوز| لاڙڪاڻي انتظاميا جي نااهلي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو

لاڙڪاڻي  انتظاميا جي نااهلي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو، روڊ رستا گندي پاڻي سان ڀريل هجڻ ڪري رهواسين کي ڏکيائيون پيش اچڻ لڳيون  لاڙڪاڻي شهر جي گندگيءَ سبب بدتر حالت بڻجي وئي، شهر ۾ مکيه روڊن رستن تي گندي پاڻيءَ جا تلاءَ جمع ٿيڻ جي ڪري شهرين، ڪاروباري ماڻهن،اسڪولي ٻارڙن  کي شديد مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. شهر جي بندر روڊ، بئنڪ اسڪوائر، باقراڻي روڊ، شيوا منڊلي روڊ، اناج منڊي روڊ، ليڊيز جيل روڊ، واپڊا اي سي آفيس روڊ، ڪوثرمل محلو، حيدري محلو، حسيني محلو، نشتر روڊ، رحمت پور ريلوي ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ گندگيءَ جا ڍير جمع ٿي ويا آهن گندي پاڻيءَ جي نيڪال واريون ڊسپوزل مشينون به ميونسپل انتظاميه جي غفلت سبب ناڪاره بڻجڻ جي ڪري عوام لاءِ آزار جو وڌيڪ ڪارڻ بڻجي ويون آهن. شهرين بابر علي ، مولانا جنيد مصطفيٰ سرهيو،تحريڪ منهاج القرآن ضلعي صدر شيخ عبدالعزيز قاسمي، جميل لاڙ،ايڊووڪيٽ شبير جتوئي ، مقصود سومرو، ايس يو پي اڳواڻن منظور شيخ، فتاح جانوري، گلاب کهاوڙ، ڪامريڊ الله بخش شيخ، شفيع محمد مستوئي ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي شهر کي بي يارو مددگار ڪيو ويو آهي   شهرين مطالبو ڪيو ته ڀڳل ٽٽل روڊ رستا ۽ انهن ۾ کنڊرات بڻيل حصا فوري طور تي مرمت ڪري ٺاهيا وڃن جيئن عوام ڪنهن اڻوڻندڙ  حادثي کان محفوظ بڻجي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ناليوارو ليکڪ ۽ ترقي پسند دانشور 84 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ناليوارو ليکڪ ۽ ترقي پسند دانشور 84 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻي ويو، سندس زندگي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے