25 سومر , جون 2018

نيوز| ڪوٽڙي ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو

ڪوٽڙي ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو. سائيٽ ايريا جي فلپ مورس مل وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان محمد علي جوڳي فوت ٿي ويو. حادثي جي اطلاع تي ڀرپاسي جي رهواسين پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو. فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته محمد علي فيڪٽري کان سيڪيورٽي گارڊ جي نوڪري ڪري گهر ڏانهن موٽي رهيو هو ته اوچتو موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب هو فوت ٿي ويو. اسپتال انتظاميا پوسٽ مارٽم بعد لاش حوالي ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Badin: Session judge took notice on not checking up woman, demands report

نيوز: بدين: سيشن جج عورت جو ويم نه ڪرائڻ جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

* بدين جي سيشن جج عورت جو ويم نه ڪرائڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے