22 جمعو , جون 2018

نيوز| خيرپور ۾ڳوٺاڻن جو نينگري جي قتل ۾ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاج

خيرپور ۾ ڳوٺاڻن جو نينگري جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو  احمدپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا خواجه جي رهواسين رسول بخش خواجه، انور علي، صفوران، فرزانه، عنائتان، جمعه خان پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو  ان موقعي تي هنن  الزام هنيو ته 18 نومبر تي صاحب خان خواجه، نديم، بشير، رحمت علي ۽ ٻين ڏنڊا هڻي سندن ٻارنهن سالا ڇوڪري ماجده کي ڏنڊا هڻي قتل ڪيو هو.  هنن چيو ته نينگري جي قتل جي ايف آءِ آر احمدپور ٿاڻي تي داخل ڪرائي هئي پر هن وقت تائين پوليس جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو. مظاهرو ڪندڙن چيو ته احمدپور پوليس جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي هن وقت تائين  هڪ به  جوابدار گرفتار ناهي ڪيو.  هنن وس وارن کان مطالبو ڪيوته فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

In Tando Adam, 65-year-old Shaheed Benazir Bhutto was celebrated

نيوز: ٽنڊي آدم ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 65 هين سالگرهه ملهائي وئي

ٽنڊي آدم ۾ ڌار ڌار تقريبون ڪوٺائي شهيد بينظير ڀٽو جي 65 هين سالگرهه ملهائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے