20 خميس , سيپٽمبر 2018

 فاٽا جي عوام لاءِ آئيني پيڪيج بدران ڪميٽي قائم

ملڪ ۾ فاٽا جي حوالي سان جيڪي به سڌارن جون ڳالهيون آهن سي وري سياست جي ور چڙهنديون نظر پيون اچن جنهن ڪري فاٽا جي عوام جو مرڪزي ڌارا ۾ داخل ٿيڻ وارو خواب اڃا ڪابه ساڀيان ڏسي نه سگهندو. ڳالهه وري به ڪميٽي جي حوالي ٿي آهي. اهو ”ڪم“  ٿيندو يا ”مٽي“ جي حوالي ٿيندو تنهن جي باري ۾ هڪ هفتو سمجهڻ لاءِ ڳچ آهي.

قومي اسيمبلي ۾ فاٽا سڌارن واري بل جي معاملي تي گڏيل مخالف ڌرين حڪومت سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. حڪومت ۽ مخالف ڌرين وچ ۾ فاٽا سڌاران جي بل تي اڃا تائين ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگھي آهي ۽ ان حوالي سان ٻنهي پاسن کان ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. گذريل ڏينهن قومي اسمبلي جي ايجنڊي مان فاٽا سڌارن وارو بل ڪڍڻ تي مخالف ڌرين سخت گوڙ ڪيو ۽ حڪومت خلاف احتجاج پڻ ڪيو. اجلاس ۾ فاٽا سڌاران واري معاملي تي هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ مختلف نمائندن کي شامل ڪيو ويو آهي. گڏيل مخالف ڌرين جي ڪميٽي جو سربراهه خورشيد شاهه هوندو، جڏهن ته ان ۾ پ پ جو فرحت الله بابر، اعجاز جکراڻي، جماعت اسلامي جو سراج الحق، طارق الله، ايم ڪيو ايم پاڪستان جو شيخ صلاح الدين، ميان عتيق ۽ فاٽا جو شاهه جي گل آفريدي شامل آهي. مخالف ڌر فيصلو ڪيو آهي ته فاٽا سڌارن واري معاملي تي ڪميٽي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ۽ ان معاملي کي گڏجي حل ڪيو ويندو. ان کان سواءِ فاٽا سڌارن واري بل جي معاملي تي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي قيادت ۾ جماعت اسلامي به لانگ مارچ ڪري رهي آهي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته فاٽا سڌارا بل تي حڪومت جو رويو غير سنجيدا آهي. قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خورشيد شاهه چيو ته 70 ورهيه گذري ويا، هاڻ فاٽا جي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو، ان معاملي تي نواز شريف ڳالهه نه مڃي ۽ هاڻ حڪومت به ساڳيو رويو اختيار ڪيو آهي. هن چيو مخالف ڌر ته اجلاس ۾ اچي ويندي آهي پر حڪومت ناهي ايندي، اهو ئي سبب آهي جو پارليمينٽ جي توهين تي ايوان کان واڪ آئوٽ ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته اسان کي اميد آهي ته فاٽا سڌارا بل سڀاڻي ايجنڊي ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ مسئلا ڊائيلاگ ۽ سنجيدگي سان حل ٿيندا. اجلاس دوران هن فلسطين جي معاملي تي به خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت فلسطين جي معاملي تي به غير سنجيدا آهي.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته فاٽا سڌارن وارو بل لاڳو نه ٿيڻ سبب اتان جي ماڻهن ۾ بي چيني وڌي رهي آهي، جنهن جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا. ٽوئيٽر تي پيغام ڏيندي عمران خان چيو ته حڪومت جو فاٽا سڌارن واري بل تي غير سنجيدا رويو سڀني کان وڌيڪ قربانيون ڏيندڙ فاٽا جي انهن ماڻهن جي توهين آهي، جن کي اڄ به پنهنجي جمهوري حقن کان محروم رکيو ويو آهي. فاٽا سڌارن وارو پيڪيج مڪمل طور لاڳو ڪرڻ ۾ دير سبب اتان جي ماڻهن ۾ بيچيني آهي، جنهن جا سنگين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته اسان مطالبو ٿا ڪيون ته حڪومت قومي اسيمبلي ۾ فاٽا سڌارن جو مڪمل پيڪيج ۽ ايف سي آر جي خاتمي جو بل پيش ڪري ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ توڙي سپريم ڪورٽ جو دائرو اهڙن علائقن تان وڌائي، حڪومت آئين جي آرٽيڪل 106 ۾ ترميم ڪري خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ فاٽا ميمبرن جي نمائندگي وڌائي.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جيڪڏهن وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقي فاٽا ۾ لاڳو ايف سي آر قانون ايڏو ڀلو آهي ته ان کي سڄي پاڪستان ۾ لاڳو ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ جي حوالي سان پشاور کان اسلام آباد تائين ڪڍيل لانگ مارچ وفاقي راڄڌاني پهچڻ تي ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ايف سي آر قانون ايڏو ڀلو آهي ته اهو سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪيو وڃي، فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي هن چيو ته حڪومت چاهي ٿي قبائلي عوام پاڻ ۾ وڙهي، گذريل 70 ورهين کان وٺي ظالم حڪمران قبائلين کي پاڻ ۾ وڙهائي رهيا آهن، جيڪڏهن هاڻ به فاٽا جي عوام کي حق نه ڏنا ويا ته پوءِ حڪمرانن جي ڳچي پڪڙينداسين، اسان پارليامينٽ مان اهو ئي قانون چاهيون ٿا، جيڪو سڄي ملڪ ۾ لاڳو آهي. خورشيد شاهه چيو ته پ پ هر صورت ۾ فاٽا جو انضمام چاهي ٿي، فاٽا جا ماڻهو پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پنهنجي پارليامينٽ ۾ سامهون آيا آهن، حڪومت کي خوشي ٿيڻ گهرجي ته ماڻهو پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا.

اربع 13 ڊسمبر 2017ع، 24 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سرڪار جو ساراهه جوڳو قدم…

سنڌ سرڪار طرفان سرڪاري نوڪرين ۾ ڀرتين لاءِ اميدوارن کي عمر جي حوالي سان رعايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے