24 آچر , جون 2018

ميان صاحب جو آخري وقت هلي رهيو آهي: قمر زمان ڪائرا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته جڏهن به جمهوريت ڊي ريل ٿي، ان جو ذميوار نواز شريف ثابت ٿيو، ميان صاحب جو آخري وقت هلي رهيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته ميان صاحب هر هنڌ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا، هاڻ چئي پيو سازش ٿي رهي آهي، اسان سدائين جمهوريت بچائي، ان خلاف ڪڏهن سازش نه ڪئي. سندس چوڻ هو ته ماڊل ٽائون سانحي تي پ پ سدائين طاهر القادري جو ساٿ ڏنو، ڊاڪٽر طاهر القادري فون ڪري زرداري صاحب کي ملاقات جي دعوت ڏني، ٻنهي وچ ۾ ٻن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، پهرين ڳالهه بيت المقدس جي معاملي تي ٿي ۽ ٻي ڳالهه باقر نجفي جي رپورٽ تي. هن چيو ته پ پ سدائين اقليتن جي حقن لاءِ جنگ وڙهي، اسان مسيحي ڀائرن جي هر خوشي ۾ ساڻن گڏ آهيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Seattle prepared the Pakistan Local resources

پاڪستان مقامي وسيلن سان سيٽلائيٽ تيار ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مقامي وسيلن سان پاڪ ٽيس ون اي سيٽلائيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے