17 اربع , جنوري 2018

آمريڪي نائب صدر جو بائيڊن جي اردن جي شاهه عبدالله سان ملاقات

jobaidanعمان(ع آ نيوز) آمريڪا جي نائب صدر جوبائيڊن اردن جي شاهه عبدالله ٻئي سان ملاقات ڪئي. جرمني جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق جو بائيڊن وچ اوڀر جي دؤري جي آخري مرحلي ۾ اردن پهتو ،جتي هن شاهه عبدالله سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ شامي تڪرار کانسواءِ مرڪزي اوڀر جي ٻين مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جو بائيڊن ۽ شاهه عبدالله عمان ويجهو فوجي سکيا مرڪز ۾ جاري مشقن جو جائزو به ورتو. واضح هجي ته آمريڪا جو نائب صدر اسرائيل ۽ فلسطين جو دؤرو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اردن پهتو، هو مرڪزي اوڀر جي موجوده دؤري ۾ سڀ کان پهرين گڏيل عرب امارات ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي حڪومت حج سبسڊي ختم ڪري ڇڏي

ڪابل(ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت مسلمانن کي ڏنل حج سبسڊي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے