22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز| ڄام صاحب ۾ جسقم ڪارڪنن جوآبادگارن تي تشدد خلاف مظاهرو

ڄام صاحب ۾ جسقم نوابشاھه جي صدر علي رضا خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جا حڪمرانن زراعت کي تباھه ڪرڻ چاهين. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جسقم سنڌ جي آبادگارن سان گڏ آهي، بلاول ھائوس آڏو احتجاج ڪندڙ آبادگارن کي گرفتارڪري سندن تذليل ڪئي پئي وڃي.  احتجاج ڪندڙ پاران آبادگارن تي تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ جي آبادگارن سان ٻٽو معيار ختم نه ڪيو ويو ته پوري سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے