17 اربع , جنوري 2018

نيوز| ٺاروشاهه مان 18مهينا اڳ اغوا ٿيل ناري پسند پرڻو ڪري ورتو

ٺاروشاهه جي شادي شده ناري هڪ نينگري جي امڙ مسمات صائما کوکر 18 مهينا اڳ مبينا طور اغوا ٿي وئي هئي.  ناري هڪ ٻئي مڙس بدين واسي زاهد جوڻيجو سان گڏ ٺاروشاهه ٿاڻي تي تحفظ لاءِ پهتي.  ناري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻو مڙس نعيم کهاوڙ اغوا ڪري تشدد ڪندو رهيو ۽ مان وجهه وٺي سيوهڻ پهتس ۽ اتي مون کي بدين واسي نوجوان سهارو ڏنو ناري جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان زاهد جوڻيجي سان ٽنڊوالهيار جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي آهي، تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ذريعن موجب ٺاروشاهه پوليس کي ڀرياسٽي جي عدالت ٻڌڻي لاءِ نوشهروفيرزو جي عدالت روانيءَ ڪري ڇڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز رپورٽ | ڪراچي : ايس ايس پي ملير رائو انوار جي گاڏي تي آپگهاتي حملو: پوليس

ايس ايس پي ملير رائو انوار جي گاڏي تي آپگهاتي حملو: پوليس حملي دوران ايس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے