27 جمعہ , اپریل 2018

نيوز| حيدرآباد:لطيف آباد واسين جو گهر ڊاهڻ واري عمل خلاف احتجاج

ڳوٺ دلشاد ٻگهيو جي رهواسين عورتن ، ٻارڙن سميت  زاهد  ڏيرو، غلام  قادر ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سندن ڳوٺ ڊاهڻ واري عمل خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو تھ لڳ ڀڳ هڪ سئو سالن کان ڳوٺ ۾ رهون پيا،  گذريل ڏينهن حيدرآباد جي  نالي واري  بلڊر جي ماڻهن پوليس ساڻ ڪري سندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري گهر ڊاهيا آهن. هنن چيو تھ سڄي زندگي سخت محنت ۽ مزدوري ڪري گهر ٺاهيا آهن، ڳوٺ کي بچائڻ لاءِ هر  قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو تھ  معاملي جو نوٽيس وٺي بلڊر خلاف ڪارروائي ڪري ڳوٺ ڊهڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : اڳڙا: بااثر پاران ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي پيرسن جو ڪارو منهن ڪري تذليل

اڳڙا ڀرسان بااثر وڏيري ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي پيرسن کي ڪارو منهن ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے