25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز| سوڀوديرو: جي آبادگارن پاران ڪراچي ۾ آبادگارن مٿان ٿيل تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو ،ڌرڻو

سوڀوديرو جي آبادگارن پاران  ڪراچي ۾ آبادگارن مٿان ٿيل تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. آبادگارن جمال محمود کھڙو، سرفراز تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڪمند جا ٻوٽا کڻي ٽائرن کي باھيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ پ پ حڪومت سنڌ جي عوام کان ووٽ وٺي ،آبادگارن مٿان ظلم ڪري پئي. هنن چيو تھ ڪراچي ۾  آبادگارن ۽ ھارياڻين عورتن تي ٿيل تشدد جي مذمت ڪريون ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته حڪومت آبادگارن مٿان تشدد ڪري آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي. ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ ڪمند جو اگهه  182 رپيا مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kotri, STP, KalabaghDAm

نيوز | ڪوٽڙي: ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

ڪوٽڙي ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ڪالا باغ ڊئم جي اڏاوت ۽ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے