25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پيئڻ جي پاڻي وارو بنيادي حق هر ڪنهن کي ملڻ گهرجي

سنڌ ۾ ماڻهو صوبي جي راڄڌاني ڪراچي کان ويندي ڪشمور تائين جيڪو پاڻي پيئن ٿا، سو پيئڻ جي لائق آهي به يا نه؟ يا وري انساني صحت لاءِ ڪيترو هاڃيڪار آهي؟ سا حقيقت  ته سپريم ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ شهاب اوستو جي درخواست تي جيڪا ٻڌڻي ٿي رهي آهي، تنهن ۾ پڌري  ٿي  وئي آهي.سپريم ڪورٽ طرفان ڏنل هدايتن جي روشني ۾ ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ جيڪو اعليٰ سطحي جو اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي جي معاملي جي مختلف رخن تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ صحت  واري وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري، مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شوري، پبلڪ هيلٿ جي وزير فياض ٻٽ، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، محمد علي ملڪاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن مطابق ماڻهن تائين صاف پاڻي جي رسد، ميونسيپل جو گند، ڪينالن ۾ جاري نه ڪرڻ ۽ ڪراچي جي پاڻي منصوبن ڪي فور ۽ ايس ٿري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ وقت مقرر ڪرڻ آهي.

وڏي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ اسان جي مدد ڪري رهي آهي، اسان کي انهن مسئلن کي سنجيدگي، سچائي ۽ پنهنجو ڪم سمجهي حل ڪرڻو آهي ۽ ماڻهن کي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ آهي ۽ گندي پاڻي کي صاف ڪرڻو آهي. اجلاس ۾ وڏي وزير کي مختلف اسڪيمن خاص ڪري گندي پاڻي جي ٽريٽمينٽ ۽ مختلف علائقن ۾ فلٽر پلانٽن ذريعي پاڻي فراهم ڪرڻ جي اسڪيمن بابت بريفنگ ڏني وئي.

پاڻي جيئن ته زندگي جي نشاني آهي، حياتي ۽ جياپي جي نشاني آهي، پاڻي کانسواءِ زندگي جو تصور مشڪل آهي ۽ اسان جڏهن پاڻ کي مُهين جي دڙي جي تهذيب جا وارث سڏيون ٿا ته اهو نه وسارڻ گهرجي ته اڄ کان 5 هزار سال اڳ جڏهن دنيا کي اڄوڪي دور جون جديد سهولتون ميسر نه هيون، تڏهن به مُهين جي دڙي جي ماڻهن وٽ نيڪال جو زبردست نظام هيو، پيئڻ جي صاف پاڻي جو به اهڙو نظام هيو جو هر ڪنهن کي گند کان پاڪ صاف پاڻي پيئن لاءِ ملي سگهي پر 5 هزار سال کانپوءِ اڄوڪي سنڌ کي جڏهن اسان ڏسون ٿا ته سنڌ سان ” لوڪ وهي لهنوارو، اسين اوڀارا“ واري پرِ ٿيندي نظر اچي ٿي.

هئڻ ته ايئن کپندو هو ته اڄ جي دور جي سنڌ ترقي جون شاهراهون طئه ڪندي چنڊ تي پهچي چڪي هجي ها پر صورتحال بلڪل ان جي ابتڙ آهي. اڄ جي 21هين صدي ۾ به هزارين اسڪول بند آهن، لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، صحت جون سهولتون جيڪي اڄوڪي دور جي گهرجون پٽاندڙ ماڻهن کي سندن درن تي مُهيا هئڻ کپن، تن کان لڳ ڀڳ سموري سنڌ ڄڻ ته محروم آهي. سنڌ جو بنيادي ڍانچو، شهر هجن يا ڳوٺ تباهه ٿيل نظر ايندو. ٻيو ته ڇڏيو سنڌ جا ماڻهو، سنڌ جو جر خراب هئڻ سبب گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، جنهن جي ڪري ڪاري ڪامڻ سميت پاڻي مان پيدا ٿيندڙ اڻ ڳڻيون بيماريون کنڀين جيان نه رڳو منهن اچي ڪڍيو آهي پر هزارين ماڻهو اهي بيماريون ڀوڳيندي اسپتال  ڀيڙا به ٿي چڪا آهن.

چيو وڃي ٿو ته پيئڻ جو صاف پاڻي جي ماڻهن کي مهيا ٿئي ته اهي پاڻي مان پيدا ٿيندڙ 80 سيڪڙو بيمارين کان محفوظ رهي سگهن ٿا. سنڌ سرڪار چڱو ٿيو جو سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي ئي اک پٽي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي، سنڌ جي ماڻهن کي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ اڄ تائين جيڪي  منصوبا جوڙيا آهن ۽ انهن لاءِ جيڪي فنڊ رکيا ۽ جاري ڪيا ويا آهن، تن جو به تفصيلي جائزو وٺڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ به ذميوارن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته سرڪار جون اسڪيمون وقت تي ميسر ڇو ڪو نه ٿي سگهيون آهن. نه رڳو  ايترو پر ڪراچي کان ڪشمور تائين، ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ وچولي ۾ جتي به جن به ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي موجود نه آهي، اتي سرڪار طرفان واٽر فلٽريشن پلانٽ لڳائي واٽر سپلاءِ اسڪيمن ذريعي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻ کپي ۽ انهن اسڪيمن تي ڪم ٿيندي  به سنڌ جي ماڻهن کي نظر اچي. نه رڳو ايترو سنڌ جي ماڻهن جو حق آهي ته کين اڄ جي دور سان هم آهنگ صحت ۽ تعليم جون سهولتون به کين ملڻ گهرجن. جيڪي ٿيو، گهڻو ٿيو، هاڻي سنڌ ۾ ادارن جو ۽ سمورن شعبن جو ڪاروهنوار درست ٿيڻ گهرجي، جيڪي آفيسر فرض درست نموني نٿا نڀائن ۽ سرڪار جي بدنامي جو باعث بڻجي رهيا آهن. تن جو به قبلو درست ٿيڻ گهرجي، سنڌ ۾ تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ به هنگامي بنيادن تي به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اڱارو 12 ڊسمبر 2017ع، 23 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪربلا جو واقعو ۽ حق جي فتح

ڪربلا جو واقعو سموري اسلامي تاريخ ۾ هڪ انتهائي اهم ۽ عظيم تاريخي واقعي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے