18 جمعرات , جنوری 2018

غير ملڪي فلمن جي آڇ ٿي آهي، فيصلو نه پئي ڪري سگهان: نيلم منير

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني ڊرامن جي اداڪارا ۽ ماڊل نيلم منير چيو آهي ته ٽي وي فنڪارن جي فلمن ۾ ڪاميابي ٽي وي فنڪارن کي وڌيڪ چوائس فراهم ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته مونکي ڪيترن ئي ملڪي ۽ غير ملڪي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ملي چڪي آهي، ڊرامن ۾ مصروفيت سبب ذاتي طور ڪو به فيصلو نه پئي ڪري سگهان، هدايتڪار محسن  علي جي فلم ”ڇپن ڇپائي“ ۾ منفرد ۽ جاندار ڪردار جي آڇ ٿي ته انڪار نه ڪري سگهيس. احسن خان سان گڏ ڪم ڪندي سٺو لڳو، اها هڪ تفريح سان ڀرپور ڪاميڊي رومانٽڪ فلم آهي، پاڪستاني ڊراماسڄي دنيا ۾ پسند ڪيا ويندا آهن، پر هاڻي فلم انڊسٽري ۾ به عالمي معيار جو ڪم ٿي رهيو آهي جنهن سبب سڄي دنيا ۾ پاڪستاني فلمن جي ڊيمانڊ وڌي رهي آهي ۽ فلمن ۽ ڊرامن کي عالمي سطح جي مقبوليت ملي رهي آهي. اداڪارا وڌيڪ چيو ته اسان جي ڊرامن جي مقبوليت سبب معياري ڪهاڻي ۽ عمدا ڊائريڪشن آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وديا بالن بابت ڀارتي فلمساز جو تڪراري بيان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ورسٽائل اداڪارا وديا بالن هميشه پنهنجن منفرد ڪردارن سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے