21 ہفتہ , اپریل 2018

ڀارتي اداڪارا زائرا وسيم کي اڏام دوران هيسائيندڙ جوابدار گرفتار

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”دنگل“ مان شهرت ماڻيندڙ ڀارتي چائلڊ اسٽار زائرا وسيم کي اڏام دوران هيسائيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اين ٽي ڊي جي هڪ رپورٽ موجب زائره وسيم کي اڏام دوران هيسائيندڙ 39 ورهين جي جوابدار کي پوليس ممبئي ۾ موجود سندس گهر مان گرفتار ڪيو. رپورٽن موجب جوابدار جو نالو وڪاش سچ ديو آهي ۽ هو هڪ ڪاروباري شخص آهي، جنهن کي جهاز جي ٽڪيٽ جي مدد سان سڄاتو ويو. ڊپٽي ڪمشنر آف پوليس انيل ڪمڀري موجب وڪاش کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي پاسي ايئرلائن انتظاميا زائره وسيم جي ڏانهن تي رد عمل ڏيندي پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ چيو هو ته سندس شڪايت تي جاچ جاري آهي ۽ ان قسم جي رويو جنهن سان به برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميشا شفيع جا الزام، علي ظفر طرفان عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڳائڻي ميشا شفيع طرفان جنسي طور هراسان ڪرڻ جي الزامن کانپوءِ علي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے