21 ہفتہ , اپریل 2018

ايف بي آر پاران راحت فتح علي خان کي ٽيڪس لاءِ نوٽيس

ممبئي (شوبز نيوز) فيڊرل بورڊ آف روينيو عالمي شهرت ماڻيندڙ پاڪستاني ڳائڻي راحت فتح علي خان کي ٽيڪس لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ايف بي آر جو چوڻ آهي ته راحت فتح علي خان ڏانهن ايڊوانس ٽيڪس جا 20 لک رپيا رهيل آهن جنهن جي وصولي لاءِ هن کي نوٽيس ڏنو ويو آهي، پاڪستاني ڳائڻي کي 15 ڊسمبر تائين جي ڊيڊلائين ڏيندي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 15 ڊسمبر تائين ايڊوانس ٽيڪس جمع ڪرائي. واضح رهي ته تقريبن 6 مهينا اڳ به ايف بي آر پاران راحت فتح علي خان کي ٻاهرين ملڪ ۾ ڪنسرٽ مان حاصل ٿيندڙ آمدني ظاهر نه ڪرڻ تي به نوٽيس جاري ڪيو ويو هو. ايف آر ترجمان جو چون هو ته راحت فتح علي خان 3 سالن ۾ مختلف ملڪن ۾ ڪنسرٽس ڪري ڪروڙين رپيا ڪمايا آهن جيڪي ظاهر نه ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ميشا شفيع جا الزام، علي ظفر طرفان عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڳائڻي ميشا شفيع طرفان جنسي طور هراسان ڪرڻ جي الزامن کانپوءِ علي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے