18 جمعرات , جنوری 2018

نيوز: مٺياڻي ويجهو بجلي جون تارون ڪرڻ سبب ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي

مٺياڻي ويجهو بجلي جون تارون ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل ڳوٺ سانوڻ خان چانڊئي ۾ بجلي جون تارون ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. 11 هزار وولٽيج جون تارون ڪرڻ سبب نوجوان فاروق ۽ شهمير چانڊيو ، اڻڄاتل سڙي زخمي ٿي پيا. زخمين کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي اسپتال پهچايو، جتي نوجوان فاروق چانڊيو سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سيپڪو انتظاميا جي بي ڌياني سبب تارون ڪرڻ جي نتيجي ۾ سندن نوجوان فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻيو زندگي ۽ موت سان جهيڙي رهيو آهي. ڳوٺاڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سيپڪو خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : پير جو ڳوٺ: ٻن يرغمالين کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو، گهر ۾ خوشي جي لهر

پيرڳوٺ جي رهواسي ٻن يرغمالي  نوجوانن کي هڪ سئو يارنهن ڏينهن کان پوءِ  پوليس بازياب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے