18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: پي پي عوام دشمن فيصلا ڪري سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: غوث بخش مهر

فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ غوث بخش مهر چيو آهي ته پيپلزپارٽي عوام دشمن فيصلا ڪري خوشحال عوام دربدر ڪري ڇڏيو آهي. لکي غلام شاهه ڀرسان چڪ شهر ۾ ايڪسپريس فيڊر جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي. چڪ ايسڪپريس فيڊر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي غوث بخش مهر چيو ته پ پ لڳاتار مخالفن کي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي، جنهن سبب هو پنهنجن علائقن ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرائي سگهيا آهن. سندس چوڻ هو ته گذريل چونڊن پاڳاري جو ساٿ نه ڏيون ها ته پ پ سنڌ جو ورهاڱو ڪري ڇڏيو هو. اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش مهر چيو ته سنڌ جو عوام پ پ جاگيردار حڪمرانن کان تنگ اچي چڪو آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ جي ڊي اي کي ڪامياب ڪرائي پنهنجا بنيادي مسئلا حل ڪرائيندو. ان موقعي تي شهريار مهر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هو عوام جي سياست تي يقين رکن ٿا. سندس چوڻ هو ته هنن چڪ واسين سان ڪيل واعدو محدود وسيلن باوجود به پورو ڪيو آهي ۽ اڳتي به عوام جي خدمت کي جاري رکيو ويندو. هن چيو ته جي ڊي اي جي کي عوام جي حمايت ڏسي پ پ جا وزير ۽ مشير وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن. سندس چوڻ هو ته ايندڙ چونڊن ۾ جي ڊي اي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ڪرپٽ حڪمرانن کي شڪست ڏيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Adilpur

نيوز | عادلپور: 7 محرم الحرام جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد

عادلپور م  7محرم الحرام  جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو . ماتمي جلوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے