20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: سپريم ڪورٽ حديبيا پيپرز ملز متعلق ٽاڪ شوز تي پابندي لڳائي ڇڏي

سپريم ڪورٽ حديبيا پيپرز ملز ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نيب جي التوا واري درخواست رد ڪندي ڪيس بابت ٽي وي ٽاڪ شوز تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي.  جسٽس مشير عالم جي سربراهيءَ ۾ جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس مظهر عالم خان تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي بئنچ حديبيا پيپرز ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.  ان موقعي تي نيب جي وڪيل چيو ته نيب پراسڪيوٽر جو عهدو خالي آهي، تنهن ڪري مناسب هوندو ته ان اهم ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر پاڻ پيش ٿي. جسٽس مشير عالم چيو ته پراسڪيوٽر جو عهدو خالي هئڻ ڪيس جي التوا جو بنياد ناهي، پراسڪيوٽر جي مقرري سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي، ڪيس ملتوي نه ٿيندو. عدالت حديبيا پيپرز ڪيس تي سڌي ريت ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائڻ تي پابندي لڳائندي رڳو رپورٽنگ جي اجازت ڏني آهي.  جسٽس قاضي فائز چيو ته  ٽاڪ شوز ۾ ڪيس جي حقيقتن تي نه ٿو ڳالهائي سگهجي، پيمرا سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے